سنڌ اسيمبليءَ ۾ اپوزيشن جو ٻئي ڏينهن به احتجاج، اسپيڪر ڊائس آڏو ڌرڻو، نعرا، ڏاڪڻن تي عوامي اسيمبلي لڳائي وئي

1Shares

ڪراچي (چيف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائڻ جو موقعو نه ڏيڻ تان مخالف ڌر جو سخت احتجاج، ڊائيس آڏو ڌرڻو، هنگامو، مخالف ڌر ۽ سرڪاري ڌر جي ميمبرن جي هڪٻئي خلاف نعريبازي، صوبائي وزير امتياز احمد شيخ چيو آهي  ته مخالف ڌر جي بدمعاشي هلڻ نه ڏينداسين،  ڪالهه سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ڏيڍ ڪلاڪ دير سان ساڍا 3 وڳي  اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ  ٿيو، جنهن۾ دعا کانپوءِ مخالف ڌر اڳواڻ فردوس شميم نقوي سيٽ تان اٿي بيهي پوائنٽ آف آرڊر تي ڳالهائڻ جي اجازت گهري، جنهن تي اسپيڪر کيس چيو ته سوال جوابن کانپواءِ کيس ٽائيم ڏنو ويندو،ان دوران پي ٽي آءِ جي پارلياماني اڳواڻ حليم عادل شيخ ۽ متحده جي محمد حسين سيٽن تان اٿي بيهي اسپيڪر کي چيو ته مخالف ڌر اڳواڻ کي ڳالهائڻ ڏنو وڃي، اجازت نه ملڻ تي مخالف ڌر جي سمورن ميمبرن سيٽن تي اٿي بيهي ڊيسڪون وڄائي احتجاج ڪيو، ان دوران اسپيڪر آغا سراج دراني ڳالهائيندي چيو ته اوهان بزنس کي خراب ڪرڻ اچو ٿا، رڙيون ڪري ڳالهائڻ سان ڪجهه نه ٿيندو ۽ نه وري منهنجي صحت تي ڪو اثر پوندو، جڏهن ته صوبائي وزير امتياز احمد شيخ مخالف ڌر اڳواڻ کي ايوان جو خيال ڪرڻ گهرجي، بدمعاشي هلڻ نه ڏينداسين، ان بعد مخالف ڌر جي ميمبرن سخت نعريبازي ڪئي،  جنهن تي اسپيڪر 10 منٽن لاءِ اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيو، ان دوران مخالف ڌر جي ميمبرن سيٽون ڇڏي اسپيڪر جي ڊائيس آڏو پهچي ڌرڻو هنيو ۽ گو ڪرپشن گو زرداري گو جا نعرا هنيا، جنهن جي جواب ۾ سرڪاري ڌر جا ميمبر به سيٽن تي اٿي بيهي رهيا ۽ احتجاج ڪندي گو نيازي گو جا نعرا هڻندا رهيا، 10 منٽن بعد ٻيهر اجلاس شروع ٿيو ته مخالف ڌر جي اڳواڻ وري پوائنٽ آف آرڊر تي ڳالهائڻ لاءِ اجازت گهرندي چيو ته جيڪڏهن اجازت نه ملندي ته احتجاج جاري رکندا، ان تي اسپيڪر آغا سراج دراني چيو ته توهان جيڪو ڪيو دنيا ڏٺو، ڦوٽو ٺهي ويا، ميڊيا تي خبرون اچي ويون، قراني آيتون ۽ ڪاغذ ڦاڙڻ مان ڪهڙو فائدو آهي، اهو طريقو نه آهي، ايوان جي ڪارروائي هلڻ ڏني وڃي، سوال جوابن بعد ڳالهائڻ جو موقعو ڏيندس، اسپيڪر جي هدايت باوجود مخالف ڌر ضد ڪندي احتجاج جاري رکيو، جنهن بعد اسپيڪر آغا سراج دراني اسيمبلي جو اجلاس سڀاڻي خميس ڏينهن منجهند 2 وڳي تائين اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيو. سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي پارٽين پي ٽي آءِ، جي ڊي اي ۽ متحده جي ميمبرن اجلاس ملتوي ٿيڻ بعد سنڌ اسيمبلي جي سيڙهين تي عوامي عدالت لڳائي ڇڏي، پ پ سرڪار ڪرپٽ قرار، ڪالهه سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ملتوي ٿيڻ بعد پي ٽي آءِ، جي ڊي اي ۽ متحده جي ميمبرن اسيمبلي جي سيڙهين تي عوامي اسيمبلي لڳائي احتجاج ڪيو،   جنهن جي صدارت متحده ايم پي اي محمد حسين اسپيڪر وارو ڪارو ڪوٽ پائي ڪئي ان موقعي تي ايم ڪيو ايم، جي ڊي اي جي ميمبرن پڻ حڪومت خّلاف سخت احتجاج ڪيو. ان موقعي تي حسنين مرزا خطاب ڪندي چيو ته اڄ نئين تاريخ رقم ڪئي وئي اهي اڄ 40 سيڪڙو سنڌ جي عوام جي نمائندگي هتي موجود آهي پر افسوس ته اقتدار جا ڌڻي انهن 40 سيڪڙو ماڻهن جي ترجماني ڪندڙ جي ڳالهه ٻڌڻ لاءَ تيار ناهي، هن چيو ته  حڪومتي ڌر ياد رکي ته اهي اڄ حڪومت ۾ آهن ۽ سڀاڻي اپوزيشن ۾ هوندا ، هن چيو ته اڄ جو ٺهراءُ ڏهن سالن جي آڊٽ آهي، هن چيو ته پ پ پ حڪومت ڏهن سالن ۾ 9 سئو 75 ارب روپين جي ڪرپشن ڪئي جنهن جو ثبوت 9 سئو 48 ورقن جي ان ڪتاب ۾ موجود آهي جيڪا جي آئي ٽي تيار ڪئي اهي،هن چيو ته جيڪڏهن انهن جي ڪرپشنن جي ڪنهن کي خبر ناهي ته اچو توهان کي دبئي ۽ لنڊن جا اهي محل ڏيکاريون، هن چيو ته پ پ پ پنهنجي شهيد محترمه جي وعدن کي وساري ڇڏيو آهي ان ڪري پ پ پ کي چوان ٿو ته هو پنهنجي آمراڻي سوچ هن ايوان ۾ حاوي نه ڪري ته بهتر آهي، ان موقعي تي پي ٽي ائي جي اڳواڻ حليم عادل شيخ چيو ته پ پ پ وارن کي مون مان ڪهڙو خوف آهي جو هو منهنجي اچڻ سان اسپيڪر تبديل ڪري ٿا ڇڏين، هن چيو ته سنڌ جا ماڻهو پڇن ٿا ته سنڌ جا حالات ته ساڳيا آهن ته پوءِ ايم پي اي ايوانن ۾ ڪرڻ ڇا ٿا وڃن،؟ عووام سمجهي ٿي ته شايد اجلاس هلندا ته نلڪن ۾ پاڻي اچي ويندو، مان سمجهان ٿو ته اسيمبلي صرف چورن کي بچائڻ لاءَ آهي ، صوبي جي شهرن ۾ نه صفائي آهي نه ئي ڪتن جي انجيڪشن ملي ٿي، هن چيو ته انهن کي ڏسي شرم اسان کي ايندو آهي ته سنڌ جو مينشيٽ کڻي  به نو سئو 57 ارب دبئي ۽ اومني کان نڪري رهيا آهن  هن چيو ته آغا سراج دراني کي نيب گرفتار ڪيو ته اسان جي دل خون جا ڳوڙها روئي رهي هئي ته  اسان جو اسپيڪر به ڪرپٽ نڪتو آهي،هن چيو ته منهنجو ليڊر عمران خان مودي جي اکين ۾ اکيون ملائڻ وارو آهي توهان ڪهڙي باغ جي موري آهيو؟ ان موقعي تي ايم ڪيو ايم جي خواجه اظهار خطاب ڪندي چيو ته جنهن وقت اسان پ پ پ سان گڏ مخالف ڌر ۾ هياسين ان وقت اسان بجيٽ جون ڪاپيون ڦاڙيون هيون،هن وڏي وزير کي مخاطب ڪندي چيو ته مونکي وڏي وزير ان لاءَ بڻايو ويو آهي جو مان ٻاهرين ملڪ مان پڙهيو آهيان، حڪومت چوي ٿي ته پيئڻ جو پاڻي ڪئين ڏيون، ڏينداسين ته 2 سئو ارب روپيا ڪمائڻ وارا بي روزگار ٿي ويندا، ٻارن کي پڙهڻ ڏينداسين ته  تعليم جا 2 نجي جيل بند ٿي ويندا،هن چيو ته سنڌ جي ايوان جي اڳواڻن جو جڏهن ضمير جاڳندو آهي ته ڪرپشن کان فرش ۽ عرش به لٽي رهيا آهن،هن چيو ته حڪومت هڪ پپو اطلاعات جو مشير رکي ڇڏيو آهي جيڪو هر ڳالهه جو جواب ڏيندو ٿو وتي پر اڄ هائوس کان فرار اختيار ڪري ويو آهي، هن چيو ته اڄ واري احتجاج سان حڪومت جا ايوان اندر  پير نڪري رهيا آهن.  سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ پ پ جي شهيد اڳواڻ عبدالله مراد بلوچ جي ايثال ثواب ،بلوچستان ۾ برفباري ۽ برساتن ۾ آيل تباهي ۾ ڏکين حالتن کي منهن ڏيندڙ بلوچن،ملير ۾ بيدردري سان قتل ڪيل خديجا کوکر جي ايثال ثواب ،ڪامريڊ ڄام ساقي جي ورسي تي ايثال ثواب لاءِ دعا گهرائي وئي.

1Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں