لاهور(بيورو) هندو ڪميونٽي بابت غير اخلاقي بيان تي پنجاب جي وڏي وزير طرفان استعيفيٰ گهرڻ کانپوءِ سڌ سماءَ واري وزير فياض الحسن چوهاڻ وزارت تان استعيفيٰ. ڏئي ڇڏي. رپورٽ موجب پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار سڌ سماءَ واري وزير فياض الحسن چوهاڻ کي وزيراعليٰ جي ايوان طلب ڪيو جتي ان کان غير ذميواراڻي بيان تي استعيفيٰ گهري. پنجاب جي وڏي وزير جي ترجمان شهباز گل هڪ وڊيو بيان ۾ چيو ته پنجاب جي وڏي وزير فياض چوهاڻ جي بيان کان مڪمل لاتعلقي ۽ ڏک جو اظهار ڪيو آهي. عثمان بوزدار چيو آهي ته تحريڪ انصاف جي حڪومت ڪنهن اهڙي بيان جي اجازت نه ڏيندي جنهن سان رنگ، نسل، مذهب يا ذات جي بنياد تي ڪنهن جا جذبات مجروح ٿين. وڏي وزير جي ترجمان موجب عثمان بوزدار فياض چوهاڻ سان ملاقات ۾ کيس پنهنجي ناراضگي کان آگاهه ڪيو جهن ته ان ملاقات کانپوءِ فياض چوهاڻ وزارت تان استعيفيٰ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار فياض چوهاڻ جي سڌ سماءَ واري وزارت جي قلمدان تان استعيفيٰ کي قبول ڪري ورتو آهي. وزيراعظم عمران خان پنجاب جي سڌ سماءَ واري وزير فياض الحسن چوهاڻ جي اقليتي برادري خلاف تڪراري بيان تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. صوبائي وزير فياض الحسن چوهاڻ اقليتي برادري خلاف تڪراري بيان تي تنقيد جي ور چڙهي ويو اهي، وزيراعظم جي صلاحڪار نعيم الحق سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي چيو ته اقليتي برادري خلاف توهين جوڳي بيان تي فياض الحسن چوهاڻ خلاف ڪارروائي ٿيندي، پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار سان مشاورت کانپوءِ صوبائي وزير خلاف ايڪشن ورتو ويندو. ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر ۽ انساني حقن بابت وزير شيرين مزاري به فياض الحسن چوهاڻ جي بيان جي مذمت ڪئي آهي. ٻئي طرف پنجاب جي سڌ سماءَ واري وزير فياض الحسن چهاڻ جي هندو برادري بابت بيان جي وضاحت ۽ ان جي معذرت سامهون اچي وئي. فياض الحسن چوهاڻ پنهنجي وضاحتي بيان ۾ چيو ته هن پنهنجي خطاب دوران پاڪستان ۾ موجود هندو برادري کي مخاطب نه ڪيو پر سندس مخاطب نريندر مودي، ڀارتي وفج ۽ انڊين ميڊيا هئي. پنجاب جي سڌ سماءَ واري وزير چيو ته سندس ريمارڪس سان پاڪستان ۾ موجود هندو برادري جي دل آزاري ٿي ته هو ان لاءِ معذرت خواهه آهي. هن چيو ته منهنجي بيان قطعي طور تي پاڪستان هندو ڪميونٽي خلاف نه هو، جيڪو به منهنجي وطن طرف ميري اک سان ڏسندو ان جو منهن ٽوڙ جواب ڏيندس. فياض الحسن چوهاڻ چيو ته منهنجي رت جو آخري ڦڙو به وطن لاءِ حاضر آهي.03
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟