ڪڏهن نه چاهينديس ته جيئري هوندي مون تي فلم ٺاهي وڃي: ڪاجول

0Shares

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ ۾ اڄڪلهه سنجي دت جي حياتيءَ تي ٺهيل فلم ”سنجو“ جا چرچا آهن ۽ ڪيترن ئي اداڪارن طرفان ان فلم جي حوالي سان مختلف قسمن جا بيان سامهون اچي رهيا آهن، جن ۾ ناليواري اداڪارا ڪاجول به شامل ٿي وئي آهي، جنهن جو چوڻ آهي ته مان ڪڏهن به نه چاهينديس ته جيئري هوندي منهنجي حياتي تي فلم ٺاهي وڃي. هڪ انٽرويو دوران اداڪارا ڪاجول جو چوڻ هو ته مان اهو ڪڏهن به نه چاهينديس ۽ نه وري ڪنهن کي اجازت ڏينديس ته منهنجي جيئري هوندي ئي مون تي فلم ٺاهي وڃي. هن سنجو جو حوالو ڏيڻ بنا چيو ته منهنجي خيال ۾ آئون هن وقت پنهنجي مڪمل زندگي گذاري رهي آهيان ۽ ائين محسوس ٿي رهيو آهي ته هڪ بائيو گرافي فلم جيان ئي وقت گذاري رهي آهيان. پنهنجي ماضي بابت سوال جي ڳالهائيندي ڪاجول چيو ته گهڻا ماڻهو چوندا آهن اسان ئي ائين نه ڪرڻ گهرجي ها پر مون کي پنهنجي ماضي ۾ ڪيل ڪم تي ڪو به افسوس ناهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں