ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ميگا مني لانڊرنگ ڪيس ۾ عدالت اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سميت 11 جوابدارن جي وقتي ضمانت ۾ 11 مارچ تائين واڌ ڪري ڇڏي. ڪراچي جي بينڪنگ ڪورٽ ۾ ميگا مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي ته آصف علي زرداري عدالت ۾ پيش نه ٿيو. آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي گرفتاري کان اڳ ضمانت جو مدو اڄ ختم ٿي رهيو هو، اڳوڻي صدر جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست ڏني جنهن کي عدالت منظور ڪري ورتو. عدالت ايف آءِ اي جي وڪيل کان سوال ڪيو ته اسلم مسعود ڪٿي آهي جنهن تي ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته هو رستي ۾ آهي اڄ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو، هو 7 مارچ تائين راهداري رمانڊ ۾ آهي. عدالت ميگا مني لانڊرنگ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 11 مارچ تائين ملتوي ڪندي آصف زرداري سميت 11 جوابدارن جي وقتي ضمانت ۾ به ايندڙ ٻڌڻي تائين واڌ ڪري ڇڏي. آصف زرداري جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ ڪيس جي ملتوي ٿيڻ کانپو3 ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته نيب ڪيس اسلام آباد منتقلي جي درخواست اسان کي فراهم ڪئي آهي ۽ اسان نيب جي مخالفت ڪئي ۽ جواب داخل ڪرائڻ لاءِ مهلت گهري آهي. فاروق ايڇ نائيڪ موجب 11 مارچ تي ڪيس جي منتقلي بابت نيب جي درخواست تي جواب ڏينداسين، ڪيس ڪراچي جو آهي ته ڪراچي ۾ ئي ٻڌو وڃي، آصف زرداري ڪراچي ۾ ناهي ان لاءِ اڄ هو پيش نه ٿيو.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟