ڀارت طرفان اسرائيل جي مدد سان پاڪستان تي ميزائل حملن جي رٿابندي جو انڪشاف

1Shares

اسلام آباد(م ڊ) اعليٰ حڪومتي ذريعن انڪشاف ڪيو آهي ته پاڪستان تي ميزائل حملي ۾ ناڪامي کانپوءِ ڀارت ڪراچي ۽ بهاولپور ۾ وڏا دهشتگرد حملا ڪرائي سگهي ٿو. نجي چينل جي پروگرام جي ميزبان ۽ سينيئر صحافي حامد مير موجب اعليٰ حڪومتي ذميوارن ٻڌايو ته پاڪستان ۽ ڀارت جي حڪومت وچ  ۾ هن وقت ڪوبه سڌو سنئون رابطو ناهي. حامد مير موجب ذريعن ٻڌايو ته ان سموري صورتحال جي باوجود پاڪستان ۽ ڀارت جي سيڪيورٽي ايجنسيز وچ ۾ رابطو برقرار آهي ۽ اهو رابطو 27 ۽ 28 فيبروري جي رات جو به ٿيو هو. سينيئر صحافي چيو ته کيس اعليٰ حڪومتي ذميوار ٻڌايو ته ڀارت راجسٿان ايئربيس کان پاڪستان ۾ 6، 7 جاين تي ميزائل حملي جو منصوبو جوڙيو هو، پاڪستان کي ان منصوبي جي خبر پئجي وئي هئي ته ان منصوبي ۾ اسرائيل ڀارت جي مدد ڪري رهيو آهي ۽ اهو انهن ٻنهي جو گڏيل منصوبو هو. ذريعن وڌيڪ ٻڌايو ته پاڪستان جي سيڪيورٽي ايجنسيز کي ان حملي جو وقت کان اڳ پتو پيو جنهن تي ايجنسيز ڀارتي ايجنسيز کي خبردار ڪيو ته اسان کي اوهان جي منصوبي جي خبر پئجي وئي آهي ان لاءِ جيڪڏهن اوهان حملو ڪندو ته اسان به تيار ويٺا آهيون، اوهان جي حملي جي جيڪا سخت هوندي ته اسان جو حملو ان کان ٽي ڀيرا وڌيڪ هوندو. حامد مير موجب ذريعن چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت جي ان رابطي ۾ ڪجهه عالمي اڳواڻن کي به شامل ڪيو ويو ۽ اهڙي طرح پاڪستان خلاف اهو وڏو منصوبو ٽري ويو جڏهن ته پاڪستان ان کان اڳ ئي ڀارتي پائليٽ جي آزادي جو فيصلو ڪري چڪو هو. حامد مير وڌيڪ ٻڌايو ته حڪومتي ذميوار موجب اطلاع آهن ته ڀارت طرفان هڪ ميزائل حملي جو به منصوبو جوڙيو ويو هو اهو منصوبو ناڪام ڪرڻ لاءِ پاڪستان طرفان ڪجهه ملڪن طرفان ڀارت کي پيغام ڏنو يوو ته پاڪستان تي حلو ڪيو ويو ته ان جو ڀرپور طريقي سان جواب ڏينداسين. ذريعن موجب هن وقت پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڇڪتاڻ اهڙي طرح جي ناهي جيڪا گذريل ڏينهن ۾ هئي جڏهن ته هن وقت پاڪستان جي حڪومت، هٿياربند فوج ۽ ايجنسيز خبردار آهن، ڀارتي پائليٽ جي آزادي سان صورتحال تبديل ٿي آهي ۽ پاڪستان کي انٽرنيشنل سطح تي سفارتي تعاون حاصل ٿي چڪو آهي. ذريعن ٻڌايو ته ان سموري صورتحال ۾ پهريان سعودي عرب، ترڪي ۽ آمريڪا جو اهم ڪردار هو پر ان ڇڪتاڻ کي گهٽ ڪرڻ ۾ برطانوي وزيراعظم گذريل هڪ ٻن ڏينهن ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، پاڪستان جي دوست ملڪن ۽ عالمي اڳواڻن پاڪستان کان ڀارت سان ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ جو چئي رهيا آهن پر پاڪستان انهن کي چيو آهي ته اسان پنهنجي عمل سان ثابت ڪيو آهي ته اسان امن چاهيون ٿا، اسان پائليٽ کي آزاد ڪري ان جو ثبوت ڏنو، هاڻ مودي حڪومت کي به عملي قدم کڻڻ گهرجي جنهن سان خبر پوي ته ڀارت به پاڪستان سان امن چاهي ٿو. سينيئر صحافي ٻڌايو ته حڪومتي ذريعن موجب پلوامه حملي بابت ڀارت پاران جيڪو ڊوزيئر ڏنو ويو، ان ۾ هن وقت تائين اهڙا عمل جوڳا ثبوت نه ڏنا ويا آهن، جنهن جي بنياد تي پاڪستان جيش محمد يا مسعود اظهر خلاف ڪارروائي ڪري. اعليٰ سطح جي حڪومتي ذريعن ٻڌايو ته ڊسمبر 2018 ۾ حڪومت فيصلو ڪيو هو ته اهي سموريون تنظيمون جيڪي پاڪستان ۾ پابندي مڙهيل آهن ۽ انهن وٽ هڪ وڏي انفرادي قوت آهي، انهن تنظيمن کي قومي ڌارا ۾ آندو ويندو، جنهن تحت انهن تنظيمن جي مدرسن کي حڪومت پنهنجي تحويل ۾ وٺندي ۽ انهن ۾ تربيت هيٺ شاگردن جي تعليم ۽ تربيت جاري رهندي. حامد مير موجب اعليٰ ذميدار ٻڌايو ته ان سلسلي ۾ گهرو وزارت ۽ ٻين حڪومتي ادارن کي ناڻي واري وزارت پاران وڏي رقم گهربل آهي، جيڪا هن وقت تائين فراهم ناهي ڪئي وئي.

1Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں