ڪشمير مسئلو ٻن ايٽمي طاقتن وچ ۾ فليش پوائنٽ آهي: پرڏيهي وزير

6Shares

اسلام آباد(م ڊ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڀارت جو اصل منصوبو پاڪستان ۾ 5 هنڌن تي حملو ڪرڻ هو. خانگي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته هٿياربند فوج چوڪسي ۽ بروقت جوابي ڪارروائي ڪري ڀارت جا ناپاڪ عزم ناڪام بڻايا. هن چيو ته ڪنٽرول لائن جي صورتحال بهتر ٿي رهي آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته ڀارتي سرڪار خاص طور تي مودي جا ارادا دنيا جي سامهون وائکا ٿي ويا آهن. هن چيو ته ڪشمير مسئلو ٻن ايٽمي طاقتن وچ ۾ فليش پوائنٽ آهي، ڀارت طرفان پاڪستان جي 5 هنڌن تي حملن جو خدشو هو، 27 فيبروري تي ڀارت طرفان حملن جو خدشو هو. هن چيو ته ڀارت ۽ اسرائيل انٽيليجنسي جي مٽاسٽا ڪندا آهن، موجوده صورتحال ۾ آرمي چيف جو سرگرم ڪردار رهيو آهي، پلواما حملي بابت ڀارتي ڊوزيئر جو جائزو وٺي جواب ڏينداسين.

6Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں