“پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين شپ ڏيو” سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن جو هنگامو، سرڪار جو مطالبو مڃڻ کان انڪار

1Shares

ڪراچي (چيف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جو اسٽينڊنگ ڪميٽيون نه جڙڻ ۽ پي اي سي چيئرمين شپ نه ملڻ تي احتجاج، ايوان ۾ نعريبازي، واڪ آئوٽ، اسيمبلي جي سيڙهين تي ويهي، حڪومت خلاف نعريبازي، ٽي ايل پي ۽ ايم ايم اي احتجاج ۾حصو نه ورتو،  صوبائي  وزير سعيد غني چيو ته حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته پي اي سي چيئرمين شپ مخالف ڌر اڳواڻ کي نه ڏني ويندي، ڪالهه سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر ريحانا لغاري جي صدارت هيٺ پوڻا ٻه ڪلاڪ دير سان شروع ٿيو، ڪارروائي دوران مخالف ڌر اڳواڻ فردوس شميم نقوي پوائنٽ آف آرڊر تي ڳالهائيندي چيو ته بزنس ايڊوائزري ڪميٽي، پي اي سي ۽ اسٽينڊنگ ڪيمٽين جو فيصلو نه ٿيو آهي، ماضي ۾ جيڪڏهن پي اي سي مخالف ڌر وٽ هجي ها ته جهموريت مضبوط ٿئي هئا، 6 مهينن کان چئون پيا پر شهيد راڻي جي قول تي عمل نه پيو ڪيو وڃي، سرڪار جي ڪن تي جون به نه پئي سري، هن چيو ته وڏي وزير جو بيان آهي ته پي اي سي چيئرمين شپ مخالف ڌر کي نه ڏني ويندي، ته اسان به اعلان ٿا ڪيون ته پي اي سي چيئرمين شپ مخالف ڌر کي  نه ملي ته اجلاس جو بائيڪاٽ ڪنداسين، ان دوران پي ٽي آءِ جي پارليماني اڳواڻ حليم عادل شيخ  اسپيڪر جي اجازت بنا ڳالهائڻ شروع ڪيو، اسپيڪر کيس روڪي ويهڻ جي هدايت ڪئي،  پر هو ڳالهائيندو رهيو، جنهن تي اسپيڪر آغا سراج دراني چيو ته جيڪڏهن توهان طئه ڪيو ته ائين ڪرڻُو آهي ته توهان جي مرضي، ڳالهائڻ تي ڪجهه نه ملندو،  رولز ۾ آهي ته ڪميٽين جا ميمبر چونڊيا ويندا، مخالف ڌر اڳواڻ کي پي اي سي چيئرمين شپ ڏني ويندي اهو رولز ۾ نه آهي، جيڪڏهن آهي ته ڏيکاريو، اليڪشن ڪرڻي هوندي آهي، ڀلي اها ڪرايو. ان دوران پي ٽي آءِ، ايم ڪيو ايم ۽ جي ڊي اي ميمبرن سيٽن تان اٿي بيهي احتجاج ڪيو، پي ٽي آءِ ميمبرن ڊيسڪون وڄائي شيم شيم جا نعرا هنيا، جڏهن ته پي ٽي آءِ، متحده ۽ جي ڊي اي ميمبر ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري ويا، تحريڪ لبيڪ پاڪستان ۽ متحده مجلس عمل جي ميمبرن احتجاج ۽ واڪ آئوٽ ۾حصو نه ورتو،  صوبائي وزير سعيد غني مخالف ڌر جي موقف تي جواب ڏيندي چيو ته 2008 کان اڳ مخالف ڌر کي پي اي سي چيئرمين شپ نه ملندي هئي  پ پ اچي مخالف ڌر کي ڪجهه اسٽينڊنگ ڪيمٽيون ڏنيون، هن چيو ته 8 ڪيمٽين جا چيئرمين مخالف ڌر وارن کي ڏنا پر هو وري اڪثريت به گهرن ٿا، رڳو فرمائشون ڪن پيا ائين نه ٿا ڪري سگهون جيڪو ڪجهه ڪري سگهون ٿا ڪيون ٿا، باقي رڳو هنن جي چوڻ تي نه ٿا هلي سگهون، رولز تحت ڪميٽين جي ميمبرن جي چونڊ ٿيندي آهي، هن چيو ته پ پ 14 ڪميٽيون ڏيڻ جي به آفر ڪئي، پر مخالف ڌر وري ڪميٽين ۾ اڪثريت گهري ورتي آهي، ائين نه ٿيندو، هن چيو ته ملڪ جون حالتون اهڙيون آهن، پوءِ به هو ڪميٽين تي احتجاج ڪن پيا، هن چيو ته مخالف ڌر وارن ۾ عقل نه آهي، اسان کي هن وقت ٻڌي جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي، حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته  پي اي سي جي چيئرمين شپ مخالف ڌر کي نه ڏينداسين، احتجاج ڪندا ته انهن کي پرچائينداسين، هن چيو ته فيور بدمائشي سان نه ملندي، اپيل ڪندا ته ڪجهه ڪنداسين، مخالف ڌر کي 14 ڪميٽيون ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، پر مرضي واريون ڪميٽيون نه ڏينداسين، صوبائي وزير امتياز شيخ چيو ته مخالف ڌر کي آفر ڪئي آهي، پئڪيج فارمولو ڏنو آهي، پر اهو هنن قبول نه ڪيو آهي، مخالف ڌر جو رويو افسوسناڪ آهي، ڌمڪي آويز لهجو قبول نه آهي، هو زبردستي ڳالهيون مڃرائڻ چاهين ٿا، ائين نه ٿيندو. ان دوران اسپيڪر  آغا سراج دراني چيو ته رڙيون ڪرڻ ۽ مون کي ڊڪٽيٽر ۽ غنڊو چيو ويو، سندن چوڻ سان ڪجهه نه ٿيندو،  اسان کي ملڪ خاطر سڀ ڪجهه قربان ڪرڻ گهرجي، ايوان ۾ڳالهائيندي  ٽي ايل پي جي قاسم فخري چيو ته عوام اسان کي نظام ۾ آندو آهي، دين جي پاسداري لاءِ آيا آهيون، هن چيو ته مخالف ڌر  اسان کي به گڏ کڻي ها ۽ اسان کي به چيئرمين شپ ڏيڻ لاءِ آواز اٿاري ها، پر هنن صرف پنهنجا مفاد ڏٺا اسان لاءِ نه ڳالهايو ته پوءِ سندن احتجاج ۾ ڪئين حصو وٺون، ايم ايم اي جي  عبدالرشيد چيو ته 6 مهينا اڳ اسان مخالف ڌر اڳواڻ کي قبول ڪيو، هن جي زيادتين باوجود هن کي ڪجهه نه چيو، هن چيو ته اسان جوتن جي پيداوار ۽ سليڪٽيد نه آهيون، عوام اسان کي چونڊي موڪليو آهي، هن چيو ته واڪ آئوٽ ڪرڻ وارا نااهل آهن، پنهنجي نااهلي لڪائڻ ۽ ميڊيا آڏو اچڻ لاءِ بائيڪاٽ ڪن ٿا، هن چيو ته مخالف ڌر وارا پنهنجي وفاقي حڪومت جي خرد برد کي لڪائڻ لاءِ ڪم ڪن پيا، پي ٽي آءِ جو مسئلو آهي ته ان ۾ ڌڙا بندي آهي، اهڙا شوشو ڇڏين ٿا، انهن جي گروپن ۾ چيئرمين شپ تي جهيڙو آهي. هن چيو ته مشورو ڏيان ٿو ته ليڊر جون ٻآنهون وڏيون هجڻ گهرجن، جيڪو سڀني کي گڏ کڻي هلي، اسان ڪٽ پتلي ٿيڻ نه ٿا چاهيون،  هن چيو ته اختلافن باوجود پي ٽي آءِ ۽ ٻين جي حمايت ڪئي آهي، پر اسان وٽ اجتمائي سوچ نه آهي، ميرٽ سان مخالف ڌر ڪنداسين، پي ٽي اءِ وارا ڪنهن کي گڏ کڻي هلڻ جي سگهه نه ٿا رکن، کين معاف ڪيون ٿا. جڏهن ته اجلاس اڄ   منجهند ٻه وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو. ثقافت کاتي جي وزير سيد سردار شآهه ميرپورخاص ثقافتي ڪمپليڪس گهڻو فعال نه رهڻ جو اعتراف ڪندي چيو ته اتي مقامي سطح تي آرٽ سان لاڳاپيل شاعر اديب ويهندا ۽ پروگرام ڪندا رهيا آهن، پر عالمي سطح جو ڪو به ايگزيبيشن نه ٿيو آهي، سنڌ اسيمبلي ۾ ميمبرن جي سوالن جا جواب ڏيندي صوبائي وزير چيو ته جناح ڪوارٽرز ۾ رينجرز جو هيڊڪوارٽر آهي، ان بابت گورنر کي فيصلو ڪرڻُو هو، جنهن اڃا تائين ڪو به فيصلو نه ڪيو آهي. هن چيو ته وسيلا گهٽ آهن، 3 هزار کان وڌيڪ عمارتون هيريٽيج ٿيل آهن، انهن تي ڪم نه ڪري سگهيا آهيون، جناح ڪورٽس سميت ٻيون عمارتون ڪلچر ڊپارٽمينٽ حاصل ڪرڻ چاهي ٿو،  هن چيو ته ڪينجهر ڍنڍ تي ٺهيل 24 هٽن مان عوام فائدو اچي ٿو، جن مان 3 هٽ آفيشلز لاءِ آهن انهن کي به مون هدايت ڪئي آهي ته اهي به عوام لاءِ رکيا وڃن، سمورا هٽ آبادي جي حساب سان ٿورا آهن، انهن ۾ واڌ ڪنداسين، خانگي شعبي سان گڏجي ريزورٽ ٺاهڻ چاهيون ٿا، ڪينجهر تي عالمي سياحن کي به آڻي سگهون ٿا، نارمل هٽ جا 5 هزار ۽ خاص هٽ جو ڪرايو 10 هزار آهي، ڪريڊٽ ڪارڊ ذريعي پئسا ڏيڻ جي سهولت مهيني ٻن ۾ فراهم ڪئي ويندي. هن چيو ته 8 هزار 4 سو کان وڌيڪ شآعرن، اديبن ۽ ٻين مستحقن کي 50 هزار کان 10 لک تائين رقم ڏيندا آهيون، ان لاءِ بورڊ جڙيل آهي، اهو طئه ڪندو آهي. سردار شاهه چيو ته اديبن، شآعرن کي اخبارن جي خبرن تي به نوٽيس وٺي علاج ڪرايون ٿا، اسان آغا خان اسپتال مان به فنڪارن اديبن ۽ شآعرن جو علاج ڪرايو آهي. هن چيو ته نيشنل ميوزيم سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي وفاق حوالي ٿيل آهي، پر سنڌ سرڪارفيصلي خلاف  اپيل داخل ڪرائي آهي،  هن چيو ته اهم ميوزيم نيشنل ميوزيم آهي، حيدرآباد، عمرڪوٽ ۽ لاڙۡڪاڻي جا ميوزيم آهن،  ميوزيم جي شِين جي نگراني لاءِ ڪميٽي ٺهيل آهي، جيڪا رويو ڪندي رهندي آهي، چوري جو ڪيس موهن جي دڙي ميوزيم مان ٿيو هو، ڀارت جي ماهرن سيلز ريسرچ لاءِ کڻي ويا جن واپس ڪرڻ بدران وڪرو ڪيون. ايوان ۾ 7 مان 4 ڌيان ڇڪايو نوٽيس ميمبر نه هجڻ ڪري پيش نه ٿي سگهيا، ڪراچي ۾ آر  او پلانٽن، شاهه لطيف يونيورسٽي جي فارميسي ڊپارٽمينٽ جي رجسٽريشن ۽ ملير ندي روڊ جا معاملا اٿاريا ويا، پي ٽي آءِ جي رابعه خاتون چيو ته  ڪورنگي روڊ قوم آباد ۽ ڪورنگي ڪراسنگ وچ ۾ ملير ندي ۾ روڊ جي حالت خراب آهي، ان جي مرمت لاءِ ڪهڙا قدم کنيا ويا آهن،   ان تي جواب ڏيندي صوبائي وزير سعيد غني چيو ته روڊ بهتر ڪرڻ لاءِ ڪي ايم سي کي چيو آهي، باقي روڊ کي ويڪرو ڪرڻ جي تجويز تي غور ڪيو ويندو،نصرت سحر عباسي جو شاهه لطيف يونيورسٽي جو فارميسي شعبو فارميسي ڪائونسل آف پاڪستان وٽ رجسٽر نه آهي، ان لاءِ حڪومت ڪهڙا قدم کنيا آهن  ان تي صوبائي وزير عذرا پيچوهو چيو ته خيرپور جي شاهه لطيف يونيورسٽي جي فارميسي ڊپارٽمينٽ کي اين او سي ملي وئي آهي، اعتراضن تي 3 مهينن جي مهلت ملي آهي، اعتراض ختم ڪيا ويندا، سيد عبدالرشيد چيو ته ڪراچي ۾ سڀني آر او پلانٽن جي حالت تمام خراب آهي، ان ڪري ماڻهو پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن، حڪومت ڪهڙا قدم کنيا آهن؟ جواب ڏيندي صوبائي وزير سعيد غني چيو ته ڪراچي واٽر بورڊ جي 15 آر او پلانٽ آهن، پگهارن جو اشو رهيو آهي، هاڻي اهو مسئلو حل ڪيو ويو آهي، هن چيو ته هن وقت 11 آر او پلانٽ فعال آهن، باقي ڪجهه ڏينهن ۾ فعال ڪيا ويندا.

1Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں