پرڏيهي جيل ۾ پاڪستانين جي فوتگين جي ذميوار گهرو وزارت آهي: سپريم ڪورٽ

2Shares

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ٻاهرين ملڪ پاڪستاني قيدين جي واپسي بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي جڏهن ته ججن گهرو سيڪريٽري کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته ٻاهرين ملڪ پاڪستانين جي جيل ۾ ٿيل جاني نقصان جي ذميوار گهرو وزارت آهي توهين عدالت ۾ سزا ٿي ته گهرو سيڪريٽري نوڪري وڃائي ويهندو گهرو سيڪريٽري ڪو ٻيو ڪم ڏسي گهرو وزارت هلائڻ سندس وس ۾ نه آهي سومر تي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ برطانيا مان قيدين جي پاڪستان منتقل ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس عظمت سعيد جي سربراهي ۾ ٽن ميمبرن واري بئنچ ڪئي ٻڌڻي دوران گهرو سيڪريٽري عدالت ۾ پيش نه ٿيو جنهن تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو جسٽس اعجازالحسن چيو ته اوهان جو گهرو سيڪريٽري ته پاڻ کي شهنشاهه سمجهي ٿو جسٽس اعجازالحسن چيو ته اڄ به پيش ناهي ٿيو هي ان لاءِ آخري موقع هو جسٽس اعجازالحسن چيو ته گهرو سيڪريٽري ڇو پيش نه پيو ٿئي جسٽس عظمت سعيد شيخ چيو ته ايڊيشنل اٽارني جنرل صاحب 10 منٽن جو وقت ڏي ٿو جستس عظمت سعيد شيخ چيو ته گهرو سيڪريٽري کي ٻڌايو ته عدالت ۾ حاضر ٿئي جسٽس عظمت سعيد شيخ چيو ته جيڪڏهن 10 منٽن ۾ پيش نه ٿيو ته توهين عدالت جو نوٽيس ۽ ان جا وارنٽ گرفتاري جاري ڪنداسين وقفي کان پوءِ ٻڌڻي ٻيهر شروع ٿي ته گهرو سيڪريٽري عدالت ۾ پيش ٿيو عدالت جي پيش نه ٿيڻ تي گهرو سيڪريٽري جي ڇنڊ پٽي جسٽس عظمت سعيد شيخ چيو ته اوهان کي توهين عدالت جو نوٽيس ڏيون ٿا شهريار آفريدي کي گهرايون ٿا جسٽس عظمت سعيد شيخ چيو ته بيرون ملڪ جيلن ۾ قيد پاڪستانين لاءِ ڇا ڪرڻو آهي عظمت سعيد چيو ته ڇا ٻاهرين ملڪن مان پاڪستانين جا لاش واپس آڻڻا آهن عظمت سعيد چيو ته ٻاهرين ملڪ پاڪستانين جي جيل ۾ جاني نقصان جي ذميوار رڳو عدالت آهي عظمت سعيد شيخ چيو ته توهين عدالت ۾ سزا ٿي ته گهرو سيڪريٽري وڃائي ويهندو جسٽس عظمت سعيد چيو ته گهرو سيڪريٽري ڪوئي ٻيو ڪم ڏسي گهرو وزارت هلائڻ ان جي ڏس ۾ نه آهي جسٽس عظمت سعيد شيخ چيو ته اهڙي گهرو سيڪريٽري کان پاڪستاني محفوظ نه آهي اعجازالحسن چيو ته برطانيا ۾ 423 قيدي جيلن ۾ جسٽس اعجازالحسن چيو ته ٿائلينڊ ۾ به پاڪستاني جيلن ۾ آهن جسٽس فيصل عرب چيو ته ڀارت ۾ شاڪرالله 16 سال قيد ۾ رهيو جسٽس فيصل عرب چيو ته 16 سالن کان پوءِ شاڪرالله جو لاش واپس آيو گهرو سيڪريٽري چيو ته اسان قانون تبديل ڪري رهيا آهيون جسٽس عظمت سعيد شيخ چيو ته قانون نه پر گهرو سيڪريٽري کي تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي تنهن کان پوءِ عدالت ٻاهرين ملڪ پاڪستاني قيدين جي واپسي بابت رپورٽ طلب ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي هڪ هفتي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

2Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں