اسلام آباد (بيورو) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته مودي سرڪار اهو ڪم ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو ڪا حڪومت نه ڪري سگھي، مودي جي پاليسين ڪشمير مسئلي کي عالمي سطح تي اجاڳر ڪيو آهي. خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهه ٻولهه ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته گڏيل قومون، يورپين يونين، آمريڪا، برطانيا، روس، چين ۽ ترڪي سڀئي ڇڪتاڻ جو خاتمو چاهين ٿا. مودي سرڪار اهو ڪم ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو ڪا حڪومت نه ڪري سگھي هئي ۽ مودي جي پاليسين ڪشمير مسئلي کي عالمي سطح تي اجاڳر ڪري ڇڏيو آهي، ان ڪري پاڪستان ۽ ڀارت جي معاملن ۾ عالمي برادري مداخلت ڪئي آهي. هوڏانهن پنهنجي بيان ۾ شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته ڀارت ۾ ننڍو طبقو سياسي فائدن لاءِ خطي کي جنگ جي آڙاهه ۾ ڌڪڻ چاهي ٿو. پاڪستان امن جو رستو چاهي ٿو، جڏهن ته ڀارت مان به امن جي حمايت ۾ آواز اٿي رهيو آهي، سعودي جي پرڏيهي معاملن واري وزير عادل الجبير جي پاڪستاني دوري بابت شاهه محمود قريشي چيو ته سعودي وزير چيو هو ته هو پهريان نئين دهلي ويندو ۽ پوءِ پاڪستان ايندو پر هاڻي اطلاع آهن ته سندس دورو دير جو شڪار ٿي ويو آهي. سعودي وزير معاملا حل ڪرڻ ۾ مدد ڪرڻ چاهي ٿو، پاڪستان امن لاءِ هر وقت تيار آهي، ڪشمير مسئلو هاڻي سموري دنيا ۾ اجاڳر ٿي ويو آهي، خطي ۾ امن لاءِ ڪشمير مسئلي جو حل ضروري آهي. ٻئي طرف پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته او آءِ سي جي ٺهراءَ ۾ ڪشمير تي پاڪستان جي موقف جي منظوري ڏني وئي آهي، اهڙي ڪاميابي تي پاڪستاني قوم کي مبارڪباد پيش ڪيان ٿو. ٽوئٽر تي هڪ بيان ۾ شاهه محمود قريشي چيو ته او آءِ سي جي ٺهراءَ ۾ ڪشمير کي خطي جي امن لاءِ اهم قرار ڏنو ويو آهي، ٺهراءَ ۾ والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي دهشتگردي جي مذمت ڪئي وئي. هن چيو ته او آءِ سي ڀارتي اڳرائي جي مذمت ڪئي ۽ پاڪستان جي دفاع واري حق کي قبول ڪيو، پاڪستاني قوم کي اهڙي ڪاميابي تي مبارڪباد پيش ڪيان ٿو. سندس چوڻ هو ته او آءِ سي ڏکي وقت ۾ پاڪستاني قوم سان گڏ بيٺل آهي.03
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟