پٽنا ( م ڊ ) ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي چيو آهي ته بالاڪوٽ حملي جو ثبوت گهرڻ فوج جو مورال ڊائون ڪرڻ آهي. مخالف ڌر جا اڳواڻ منهنجي مخالفت ڪندي ڪندي وطن جي مخالفت تي لهي آيا آهن. ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي پٽنا/ ۾ چونڊ ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته اڄڪلهه چوڪيدار کي سٺو خراب چوڻ جو مقابلو هلي رهيو آهي پر ڀارتي عوام کي ٻڌائيندس ته سندن هي چوڪيدار پوري طرح الرٽ آهي. ملڪ تي ميري اک رکندڙ اڳيان اوهان جو چوڪيدار ۽ فوج ڀت بڻجي بيٺا آهن. نريندر مودي چيو ته اسان جي فوج جي حوصلن کي بلند ڪرڻ بدران ڀارت اندر موجود ماڻهو اهڙيون ڳالهيون ڪري رهيا آهن ته پاڪستان ۾ خوشيون ملهايو پيون وڃن، اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ صحيح ناهي. ڪانگريس طرفان بالاڪوٽ حملي جو ثبوت گهرڻ تي ڀارتي وزيراعظم جو چوڻ هوته سرجيڪل اسٽرائيڪ جو ثبوت گهري فوجين جو مورال گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، اسان جي فوج ملڪ اندروني ۽ ٻاهرين دشمنن سان وڙهي رهيا آهي ۽ اسان پنهنجي جوانن جي قربانين تي چپ ڪري نه ويهنداسين. ڀارتي وزيراعظم چيو ته اسلامي ڪائونسل ۾ ڀارت کي 50 سالن کانپوءِ گهرايو ويو آهي ۽ ڀارت جون ڳالهيون ٻڌي اسان کي موٽ ڏني وئي آهي. ڀارتي آواز کي ٻين اڳيان اٿارڻ تي ڪو به نٿو روڪي سگهي. هن چيو ته سعودي شهزادي محمد بن سلمان جي ڀارت جي دوري دوران حج ڪوٽا وڌائڻ جي درخواست ڪئي وئي هئي جنهن تي سعودي عرب ٻه لک حاجين جو ڪوٽا وڌائي ڇڏي هي ۽ ائين رڳو ڀارت ۾ ئي ٿيو آهي. ڀارتي وزيراعظم چيوته سعودي عرب ۾ قيد ڀارتي پورهيتن جي آزادي جو حڪم ڏيڻ تي سعودي شهزادي جو ٿورائتو آهيان. ٻئي طرف ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي هاڻوڪي پاڪڀارت هوائي جهڙپ ۾ پاڪستان جي برتري جو اعتراف ڪري ورتو آهي. ڀارتي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي پاڪڀارت هوائي جهڙپ دوران پاڪستان جي برتري جو اعتراف ڪيو. نريندر مودي جو تازي جهڙپ بابت چوڻ هو ته هنن ڏينهن ۾ ملڪ ۾ تمام گهڻو گوڙ ٿي رهيو آهي ۽ هڪ سوال اٿي رهيو آهي، رافيل جي کوٽ پوري هندستان محسوس ڪئي آهي، جيڪڏهن اسان وٽ رافيل جهاز هجي ها ته اڄ صورتحال مختلف هجي ها.03
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟