پريانڪا چوپڙا چوٿون ڀيرو دنيا جي پرڪشش ترين عورت قرار

0Shares

ممئبي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي ڪامياب ترين اداڪارا پريانڪا چوپڙا کي چوٿون ڀيرو دنيا جي پرڪشش ترين عورت قرار ڏنو ويو آهي. عالمي رسالي ”ميگزم“ چوٿون ڀيرو پريانڪا چوپڙا کي دنيا جي پرڪشش ترين عورت قرار ڏنو آهي. پريانڪا چوپڙا نه رڳو بالي ووڊ ۾ پنهنجي اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاري رهي آهي پر هن هالي ووڊ ۾ به آمريڪن ٽي وي سيريز ”ڪوائنٽڪو“ ذريعي شهرت ماڻي، ان سان گڏوگڏ هوءَ هالي ووڊ فلم ”بي واچ“ ۾ ڊوائن جانسن (دي راڪ) سان گڏ پڻ پنهنجي اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاري چڪي آهي. ميگزم جي هاٽ 100 فهرست ۾ پريانڪا چوٿون ڀيرو پنهنجي جاءِ ٺاهڻ ۾ ڪامياب وئي آهي، جنهن ۾ کيس دنيا جي پرڪشش ترين عورت قرار ڏنو ويو آهي. ان کان اڳ 2011ع، 2013ع ۽ 2016ع جي لسٽ ۾ به پريانڪا جو نالو شامل هو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں