ڀارت جارحيت کان نه مڙيو، ڪنٽرول لائين تي بنا جواز فائرنگ، پاڪ فوج جي 2 نوجوانن سميت 4 ڄڻا شهيد

1Shares

راولپنڊي (م ڊ) لائن آف ڪنٽرول تي ڀارتي فوج جي بنا جواز فائرنگ جي نتيجي ۾ پاڪ فوج جا 2 جوان ۽  2 شهري شهيد ٿي ويا، جڏهن ته هڪ عورت سميت 2 ماڻهو زخمي ٿي پيا.  ڊي جي آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ، نڪيال سيڪٽر، تتا پاني ۽  جندروٽ سيڪٽر ۾ ڀارتي فوج هڪ دفعو ٻيهر بنا جواز فائرنگ ڪئي. ترجمان موجب نڪيال سيڪٽر ۾ ڀارتي فوج جي فائرنگ سبب پاڪ فوج جا 2 جوان شهيد ٿي ويا. پاڪ فوج جي شهيد ٿيل جوانن ۾ حوالدار عبدالرب ۽ نائڪ خرم شامل آهن. ترجمان موجب ڀارتي فوج جي فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 عام شهري شهيد ٿي ويا، جڏهن ته عورت سميت 2 ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن. پاڪ فوج جي ترجمان جو چوڻ آهي ته پاڪ فوج جوابي ڪارروائي ڪندي ڀارتي فوج جي چيڪ پوسٽن کي نشانو بڻايو آهي جنهن ۾ ڪيترائي فوجي مارجڻ جا اطلاع آهن. ترجمان موجب ڀارتي فوج بنا جواز عام آبادي کي نشانو بڻائي رهي آهي. پاڪ فوج جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڀارتي فوج جي اڳرائي کي نظر ۾ رکندي هوائي ۽ سامونڊي فوج هاءِ الرٽ آهن.

1Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں