اسلام آباد/لاهور(بيورو+م ڊ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اسان امن جو پيغام ڏيڻ چاهيون ٿا ۽ ان لاءِ ڀارتي پائليٽ جي آزاديءَ جو فيصلو ڪيو ويو. برطانوي نشرياتي اداري سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته پاڪستان غير رياستي عنصرن کي ملڪ ۽ خطي جي امن کي خطري ۾ وجهڻ جي اجازت نه ڏيندو، اسان انتهاپسند گروپن خلاف ڪارروائي جو ارادو رکون ٿا. هن چيو ته حڪومت ڪنهن مليشيا يا جنگجو تنظيم کي هٿيارن جي استعمال ۽ ان ذريعي دهشتگردي ڦهلائڻ جي اجازت نه ڏيندي، جيڪڏهن ڪو گروپ ائين ڪري ٿو ته حڪومت ان خلاف ڪارروائي جو ارادو رکي ٿي. هن چيو ته اسان غير رياستي عنصرن کي پنهنجي ملڪ ۽ خطي جي هن پاسي بيهارڻ جي اجازت نٿا ڏئي سگهون. هن چيو ته پاڪستان تي ڀارتي پائليٽ کي آزاد ڪرڻ لاءِ ڪوبه دٻاءُ نه هو ۽ نه ئي ڪا مجبوري هئي، اسان کين اهو پيغام ڏيڻ چاهيون ٿا ته اسان توهان جي ڏک ۾ واڌ نٿا چاهيون، اسان توهان جي شهرين جي بدسلوڪي نٿا چاهيون، اسان ته امن چاهيون ٿا. هن چيو ته جيڪڏهن اسان کي جيش محمد بابت شاهديون مليون ته ڪارروائي ٿيندي. ٻئي طرف لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته ڀارت ۾ مقبوليت وڌائڻ جو سولو طريقو پاڪستان دشمني آهي، ڀارت قوم پرستي کي اڀاري پنهنجي ساک داءَ تي لڳائي ڇڏي، جنهن کي نظر ۾ رکندي اسان جي پرڏيهي وزارت پلواما حملي کان گهڻو اڳ ئي سفيرن کي خاص طور بريفنگ ڏيڻ شروع ڪري ڇڏي هئي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته ان حوالي سان مان ڪيترن ئي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ صورتحال بابت آگاهه ڪيو، روس جي تازي دوري تي به ڀارت جي امڪاني جارحيت جو خدشو ظاهر ڪيو هو ۽ گذريل ڏينهن روسي پرڏيهي وزير سان ٽيليفونڪ گفتگو به مقصد واري رهي، جڏهن پلواما حملو ٿيو ۽ نئين دهلي جارحيت جو مظاهرو ڪيو ته روس کي منهنجون ڳالهيون ياد هيون. هن او آءِ سي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪرڻ جي حوالي سان واضح ڪيو ته پارليامينٽ ۾ ڪو اختلاف سامهون نه آيو، سڀني گڏيل طور هڪ ٺهراءُ منظور ڪيو، جنهن تي آصف علي زرداري جون صحيحون موجود آهن. پرڏيهي وزير انڪشاف ڪيو ته قرارداد جي منظوري کان اڳ غير رسمي ملاقات دوران ن ليگ اڳواڻ اياز صادق ٻڌايو ته اسان جي پارٽي ۽ پ پ جو وڏو طبقو سمجهي ٿو ته جيڪڏهن حڪومت او آءِ سي اجلاس ۾ شرڪت ڪندي ته يڪجهتي جو جيڪو پيغام ڏيڻ چاهيون ٿا، ان ۾ خال پئجي ويندو، اياز صادق واضح ڪيو ته او آءِ سي اجلاس ۾ شرڪت جي حڪومتي فيصلي تي خواجا آصف، خورشيد شاهه ۽ رضا رباني سميت ٻيا اڳواڻ بائيڪاٽ ڪندا. سندس چوڻ هو ته هٿياربند فوجن ثابت ڪيو ته اهي جارحيت جي مقابلي جي ڀرپور صلاحيت رکن ٿيون، پاڪستان امن جو خواهشمند آهي پر ڪنهن به نوعيت جي حملي جي صورت ۾ ردعمل ڏيڻ ضروري هو. شاهه محمود قريشي چيو ته يورپي ۽ برطانوي پارليامينٽ ميمبرن کي خط لکڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته نئين دهلي ۽ واشنگٽن حڪومت ۾ ويجها لاڳاپا آهن، تنهن ڪري آمريڪا ڀارت تي دٻاءُ وجهي سگهي ٿو. سندس چوڻ هو ته جئي پور جيل ۾ شاڪر الله جي حفاظت ڀارتي جيل اختيارين جي ذميواري هئي، جيڪا انهن پوري نه ڪئي. هن واضح ڪيو ته ڀارتي پائلٽ به مڇريل ماڻهن جي وچ ۾ هو پر پاڪ فوج جي جوانن فوري طور پهچي اڀي نندن کي بچايو، شاڪر الله جو موت انساني الميو آهي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستاني ميڊيا کي خراج پيش ڪيان ٿو، جنهن امن لاءِ هاڪاري ڪردار ادا ڪيو. هن هڪ ڀيرو ٻيهر واضح ڪيو ته جنگي قيدي ڀارتي پائلٽ کي رها ڪرڻ لاءِ ڪو عالمي دٻاءُ نه هو.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟