او آءِ سي پاران پاڪستاني وزيراعظم عمران خان جي قدمن جي واکاڻ

1Shares

ابو ظهبي (م ڊ) اسلامي سهڪار تنظيم (او آءِ سي) اجلاس ۾ چيو ويو آهي ته ڇڪتاڻ جو خاتمو عالمي قانونن موجب سفارتي ڪوششن سان ڪيو وڃي،= ميمبر ملڪ هڪٻئي جي آزادي ۽ سيڪيورٽي جو احترام ڪن. پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته يمن تڪرار جو به سياسي حل ڳولڻ گهرجي، رڪن ملڪن ۾ ڇڪتاڻ کي ڳالهين ذريعي حل ڪيو وڃي. او آءِ سي اجلاس ابو ظهبي ۾ ٿيو، جنهن ۾ ڏکڻ ايشيا ۾ جاري پاڪ – ڀارت ڇڪتاڻ سميت وچ اوڀر جا معاملا غور هيٺ آيا. او آءِ سي جي پڌرائي گڏيل عرب امارتن جي پرڏيهي وزير شيخ عبدالله پڙهي ٻڌائي. اسلامي سهڪار تنظيم طرفان پاڪستاني وزيراعظم عمران خان جي قدمن جي ساراهه ڪئي وئي. او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس کانپوءِ جاري پڌرائيءَ ۾ چيو ويو ته پاڪستان ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ ڀارتي پائلٽ کي واپس ڪري خير سگالي جو اشارو ڏنو.

1Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں