لاهور(بيورو) ڀارتي پائليٽ اڀي نندن کي واهگا بارڊر ڀارتي اختيارين جي حوالي ڪيو ويو. ڀارتي پائليٽ کي سخت سيڪيورٽي ۾ واهگا بارڊر پهچايو ويو آهي، جتي ملڪي ۽ پرڏيهي ميڊيا نمائندن جو وڏو تعداد موجود آهي. سفارتي ذريعن جو چوڻ آهي ته ايئر اتاشي گروپ ڪيپٽن جي ٽي ڪرين اڀي نندن جا سفري دستاويز کڻي لاهور روانو ٿي ويو جيڪو ان کي ڀارت ڇڏڻ ويندو. پرڏيهي لاڳاپن بابت يورپي ڪائونسل ڀارتي پائليٽ آزاد ڪرڻ جي پاڪستاني قدم کي ڀليڪار ڪيو آهي، يورپي ڪائونسل جو چوڻ آهي ته ڀارتي پائليٽ جي آزادي پاڪستان طرفان سٺو سنوڻ آهي ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ لاءِ اهو ئي موقعو آهي. ٻئي طرف ڀارتي پائليٽ اڀي نندن واپسي کان اڳ پنهنجي ويڊيو بيان ۾ تسليم ڪيو ته پاڪستاني فوج تمام پروفيشنل آهي پر ٻئي طرف ڀارتي ميڊيا هر ڳالهه کي وڌائي پيش ڪندي آهي. هن چيو ته منهنجو نالو ونگ ڪمانڊر اڀي نندن آهي، ڀارتي ايئر فورس جي ويڙهاڪ جهاز جو پائليٽ آهيان، پاڪستان ۾ هڪ ٽارگيٽ ڳولڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هيس ته پاڪستان ايئر فورس جي جهاز منهنجو جهاز ڪيرايو. سندس چوڻ هو ته مون جهاز مان ٽپو ڏنو، جڏهن منهنجي پيراشوٽ کلي ته مون وٽ پسٽل هيو، جتي مون لينڊ ڪيو، اتي ماڻهو تمام گهڻا هئا، مون پسٽل ڦٽو ڪري ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي. ڀارتي پائليٽ چيو ته پاڪستاني فوج جا 2 ماڻهو مون ڏانهن آيا ۽ مونکي بچائي ورتو، ان کانپوءِ فوج جو ڪپتان آيو، هن مون کي ڪجهه به ٿيڻ نه ڏنو، پوءِ اهو مونکي پنهنجي يونٽ وٺي ويو ۽ فرسٽ ايڊ ڏني، جنهن کانپوءِ مونکي اسپتال منتقل ڪري علاج ڪرايو ويو. اڀي نندن چيو ته ڀارتي ميڊيا هر ڳالهه کي وڌائي پيش ڪندي آهي، مون پاڪستاني فوج سان گڏ وقت گذريو، پاڪستاني فوج تمام گهڻي پروفيشنل آهي، پاڪستاني فوج مان تمام گهڻو متاثر ٿيو آهيان، ڀارتي ميڊيا ننڍي ڳالهه کي وڌائي پيش ڪندي آهي، جنهن سبب ماڻهو ڳالهين جي پٺيان لڳي جوش ۾ اچي ويندا آهن.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟