او آءِ سي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو اعلان، ترڪي موقف جي تائيد ڪئي آهي: شاهه محمود

4Shares

اسلام آباد (بيورو) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ڀارتيپرڏيهي وزير سشما سوراج کي او آءِ سي جي اجلاس ۾ دعوت ڏيئي گهرائڻ تي اجلاس ۾ نه وڃڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن ڀارت کي او آءِ سي ۾ مبصر جو درجو ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي ته پاڪستان ان جي مخالفت ڪندو روس ٽياڪڙي، آمريڪا ۽ گڏيل قومن ڪردار ادا ڪرڻ جي آڇ ڪئي آهي شاهه محمود قريشي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ابوظهبي ۾ او آءِ سي جو اجلاس آهي اجلاس ۾ ڀارتي پرڏيهي وزير کي گهرايو ويو هن چيو ته ڀارت او آءِ سي جو ميمبر نه آهي ترڪي ۽ ايران به هن دعوت کان بي خبر آهن هن چيو ته ڀارتي پرڏيهي وزير کي گهرائڻ بابت صلاح مشورا نه ڪيا ويا فيصلو ڪيو آهي ته او آءِ سي اجلاس ۾ نه ويندس هن چيو ته مان واعدو ڪيو هو ته مان پنهنجو موقف ايوان ۾ پيش ڪندس هن چيو ته مان گڏيل اجلاس کان اڳ 26 فيبروري تي او آءِ سي جي سلسلي ۾ هندستان جي پرڏيهي وزير کي اعزازي مهمان گهرائڻ تي خط لکي چڪو هوس جنهن کي اسيمبلي ميمبرن جي خدمت ۾ پيش ڪري ڇڏيان ٿو هن چيو ته معزز ميمبرن جي خدشن کي نطر ۾ رکي ۽ جوائنٽ قرارداد کي نظر ۾ رکندي رات هڪ ٻيو خط لکيو هن چيو ته مان معزز پارليامينٽ ميمبرن جي جذبن کي نظر ۾ رکندي کين ٻيهر لکيو ته اوهان انڊيا جو دعوتنامو رد ڪري ڇڏيو ٻي صورت ۾ مان شامل نه ٿيندس هن چيو ته اسان جا اتي 19 قرارداد آهن اتي اسان جا نمائندا موجود هوندا جيڪڏهن هندستان کي آبزرور جو اسٽيٽس ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي ته ان تي احتجاج ڪنداسين هن چيو ته ترڪي به اسان سان ان سلسلي ۾ ٻڌي جو اظهار ڪيو آهي شاهه محمود قريشِ چيو ته گڏيل عرب امارتن کي درخواست ڪئي هئي ته ڀارتي پرڏيهي وزير جي گهرائي جي فيصلي تي نظرثاني ڪري جنهن تي يو اي اي جي پرڏيهي وزير چيو ته ڀارت کي دعوت نامو پلواما واقعي کان اڳ موڪليو ويو هو جڏهن ته يو اي اي کي چيو ته ڀارتي پرڏيهي وزير کي گهرائڻ جي فيصلي تي نطرثاني ڪري ۽ اجلاس کي ملتوي ڪري شاهه محمود قريشي ٻڌايو ته گذريل رات او آءِ سي کي هڪ ٻيو خط لکيو جنهن ۾ ايوان جي جذبن کان يو اي اي کي آگاهه ڪيو ۽ چيو ته ڀارت کي دنل دعوت واپس وٺي ٻي صورت ۾ پاڪستان وٽ شرڪت نه ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪوئي رستو نه آهي پرڏيهي وزير چيو ته منهنجي پومپيو سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي صدر ٽرمپ جي بيان تي ان جو ٿورائتو آهيان امن لاءِ جيڪو به پنهنجو ڪردار ادا ڪندو اهو ساراهه جوڳو آهي.05

4Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں