اسلام آباد(بيورو) پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ ڀارتي جارحيت خلاف ٺهراءُ گڏيل راءِ سان منظور ڪيو ويو آهي. قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اسد قيصر جي سربراهي ۾ ٿيو، جنهن ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ڀارتي جارحيت خلاف ٺهراءُ پيش ڪيو. ٺهراءُ جي متن ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان پلواما حملي جي جاچ جي آڇ ڪئي، ڀارت پلواما حملي کانپوءِ پاڪستان تي بي بنياد الزام مڙهيا. ٺهراءُ ۾ چيو ويو ته پاڪستان واضح ڪري ڇڏيو هو ته اڳرائي جي صورت ۾ جواب ڏنو ويندو، پاڪ هوائي فوج وقت سر ڪارروائي ڪري ڀارتي جارحيت کي ناڪام بڻايو، هي ايوان پاڪ هوائي فوج جي وقت تي ڪارروائي تي کيس ڀيٽا پيش ڪري ٿو، ايوان قومي سلامتي ڪميٽي جي پنهنجي وقت ۽ پسند واري هنڌ تي جواب بابت بيان جي به تائيد ڪري ٿو. ٺهراءُ ۾ چيو ويو ته پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس ڀارتي جارحيت جي مذمت ڪري ٿو، ايوان پلواما حملي بابت ڀارتي الزامن کي به رد ڪري ٿو. ٺهراءُ ۾ وڌيڪ چيو ويو ته ايوان والاريل ڪشمير ۾ حريت قيادت کي نظربند ڪرڻ ۽ ڪشميري عوام تي ظلم جي مذمت ڪري ٿو، ڀارت ترت والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جون خلاف ورزيون بند ڪري، ايوان گڏيل قومن جي سلامتي ڪونسل جي ٺهرائن جي روشني ۾ ڪشمير مسئلي جي حل جو مطالبو ڪري ٿو، ايوان گڏيل قومن تي زور ڀري ٿو ته هو پنهنجي اڻ مڪمل ايجنڊا کي پورو ڪري. ٺهراءُ جي متن مطابق پاڪستان او آءِ سي جو باني ميمبر آهي، ڀارتي پرڏيهي وزير کي سڏائڻ تي پاڪستان احتجاجن او آءِ سي اجلاس ۾ شرڪت نه پيو ڪري، ايوان او آءِ سي اجلاس ۾ ڀارتي پرڏيهي وزير کي دعوت ڏيڻ تي مايوسي جو اظهار ڪري ٿو. ٺهراءُ ۾ مطالبو ڪيو ويو ته گڏيل قومون خطي ۾ ڇڪتاڻ پيدا ڪرڻ تي ڀارت جي مذمت ڪن، گڏيل قومن جي سلامتي ڪونسل کان مطالبو ڪريون ٿا ته هو ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ ڪردار ادا ڪري. ان موقعي تي قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف چيو ته حڪومت جي او آءِ سي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪرڻ واري فيصلي جي حمايت ڪريون ٿا، ڪجهه دوست پاڪستان جي حمايت ۾ بيان ڏين ته سٺو هوندو. شهباز شريف چيو ته پرڏيهي وزير جو ٿورائتو آهيان جنهن ايوان جي راءِ کي اهميت ڏني ۽ ايوان جي راءِ تي هن او آءِ سي کي ٻيهر خط لکيو آهي. هن چيو ته پاڪستان لاءِ خدمتون سر انجام ڏيندڙن کي ڀيٽا پيش ڪيون ٿا، ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جي ائٽمي پروگرام جو باني آهي. ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو ته حسن صديقي رڳو پاڪ فوج نه پر پاڪستان جو پٽ آهي، پاڪ فوج ۽ بهادر قوم سبب اسان کي ڪنهن به قسم جو ڊپ ناهي، ڀارت ۾ سياسي طاقتون ورهايل ۽ پاڪستان ۾ متحد آهن، مودي سرڪار لاءِ اها ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي. اسد عمر چيو ته ڀارت پاڪستان کي ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي ۽ اسان سڪون جي ننڊ سمهون ٿا، پاڪ فوج ۽ بهادر قوم سبب اسان کي ڪنهن به قسم جو ڊپ ناهي. هن چيو ته اسان جيڪو چيو هو اهو پاڪستاني پائلييٽ حسن صديقي ۽ ٻين جوانن ڪري ڏيکاريو، حسن صديقي رڳو پاڪ فوج نه پر پاڪستان جو پٽ آهي، قوم جا پٽ ملڪ لاءِ پنهنجي جان به ڏيڻ لاءِ تيار آهن. هن وڌيڪ چيو ته سموري معاملي ۾ ڪوشش ڪئي ته خطي جو امن سلامت رهي، پاڪستان کي طاقت برقرار رکڻ لاءِ سياسي طاقت جو به مظاهرو ڪرڻو آهي، ڀارت ۾ سياسي طاقتون ورهايل ۽ پاڪستان ۾ متحد آهن. پاڪستان مسلم ليگ ( ن ) جي اڳواڻ خواجه آصف چيو ته عمران خان ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي سان ته هٿ ملائڻ چاهي ٿو پر شهباز شريف سان نه. هن چيو ته وزيراعظم اڄ نواز شريف جون ڳالهيون ڪري رهيو آهي پر جڏهن ته نواز شريف اندروني معاملن کي ٺيڪ ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي ته کيس غدار چيو ويو. هن چيو ته نواز شريف مودي سان مودي سان ڳالهيون ڪيون ته کيس غدار چيو ويو، نواز شريف جو ڏوهه اهو هن معاشي ترقي جي ڳالهه ڪئي. خواجه آصف چيو ته اسان وزيراعظم کي غدار ناهي چيو پر ساڻس گڏ بيٺل آهيون، عمران خان گذريل ڏينهن ان وقت آيو جڏهن قومي ترانو هلي رهيو هو، سندس ايوان ۾ اچڻ جي ٽائمنگ پلاننگ تحت ٿي ته جيئن هٿ نه ملائڻو پوي. هن چيو ته اسان پنهنجي حڪومتي دور ۾ تلخ حقيقتن کان منهن نه لڪايو. سڌ سماءِ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته اسان جنگ نه ٿا چاهيون، جنگ سان رڳو پاڪستان ۽ ڀارت نه پر سڄي دنيا متاثر ٿيندي، ڀارتي عوام اليڪشن جي ڏٺي ۾ نه اچي، نقصان کان بچي، اسان کي هر وقت قومي معاملي تي متحده هئڻ گهرجي، خواجا آصف تمام گهڻيون ڳالهيون ڪيون، پر اڄ ماحول جواب ڏيڻ جو نه آهي. فواد چوڌري چيو ته خواجا آصف جيڪي ڳالهيون ڪيون آهن، انهن جو جواب ڏيڻ هن وقت مناسب نه آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ ان وقت اتفاق راءِ آهي ته اسان جنگ نه ٿا چاهيون پر هندستان جي عوام ۾ پاڪستان واري راءِ نه آهي. فواد چوڌري چيو ته پلواما حملي تي ڀارت جي ڪاوڙ فطري ڳالهه آهي، اسان کي پلواما واقعي تي تمام گهڻو افسوس آهي هن چيو ته اسان کان وڌيڪ ڪنهن ٻئي دهشتگردي کي منهن نه ڏنو آهي، ٻنهي طرفن کان جنگ ٿيندي آهي ته سڀ کان وڌيڪ نقصان پنجابين ۽ ڪشميرين جو ٿيندو آهي. بچاءُ واري وزير پرويز خٽڪ چيو ته پلواما ۾ پاڪستان جو هٿ ٻڏل نه هو عالمي ملڪ دنيا ۾ امن آڻڻ جي ڪوشش ڪن جنگ مسئلي جو حل نه آهي ٻيهر حملو ٿيو ته اهڙو بدلو وٺنداسين جو تاريخ ياد ڪندي جمعي تي پرويز خٽڪ چيو ته پاڪستان جي قوم کي مبارڪون ڏيان ٿو پرويز خٽڪ چيو ته مخالف ڌر کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو پرويز خٽڪ چيو ته ميز تي ويهي ڳالهيون ڪرڻ گهرجن ميز تي سچ کي آڏو آندو وڃي هن چيو ته عالمي ملڪ دنيا کي نه ويڙهائن، امن آڻڻ لاءِ ڪوشش ڪن. بچاءُ واري وزير چيو ته دوست ملڪ هن کي اڳتي کڻي وڃن هن چيو ته چاهيون ٿا ته دنيا ۾ ٻئي ملڪ ترقي ڪن. شيرين رحمان خطاب ڪندي چيو ته گڏيل اجلاس جارحيت جو جواب ڏيڻ لاءِ اهم آهي هن چيو ته سڄي معاملي ۾ ڀارت جارحيت ڪئي شيرين رحمان چيو ته پارليامينٽ اتحاد جو شاندار مظاهرو ڪيو آهي هن چيو ته پ پ پ نه رڳو آئين ڏنو پر ايٽمي عسڪري طاقت به ڏني هن چيو ته اسان پرچم ۽ آئين سان وفاداري ڪري رهيا آهيون حڪومت پارليمان کي عزت ڏيندي ته پارليمان به اوهان کي عزت ڏيندي هندستان هاڻي نهرو جو هندستان ناهي رهيو هن چيو ته ڀارتي پارليمان جي 21 جماعتن مودي سرڪار کي نوٽيس ڏنو هن چيو ته مودي سياست لاءِ خطي کي جنگ ۾ اڇلائي رهيو آهي.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟