ڪراچي (چيف رپورٽر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ سنڌ مان پيدا ٿيندڙ قدرتي گئس فرٽلائيزر ۽ پاور سيڪٽر کي فراھم ڪئي پئي وڃي ۽ ان مان پيدا ٿيندڙ بجلي ۽ کاڌ سان سڄو ملڪ لاڀ حاصل ڪري رھيو آھي، سنڌ مان حاصل ٿيندڙ قدرتي گئس جيڪا مختلف شعبن جي صارفين کي فراھم ٿي رھي آھي جنھن مان اھي پڻ فائدو حاصل ڪري رھيا آھن انڪري ان مالي فائدي مان سنڌ حڪومت کي بھ ان جو حصو ڏنو وڃي. ھن اھا ڳالھھ اڄ وزيراعليٰ ھائوس ۾ توانائي کاتي بابت رٿيل اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي، جنھن ۾ اوگرا آرڊيننس 2002ع ۾ ڄاڻايل ترميمن تي غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس ۾ توانائي وارو وزير امتياز احمد شيخ، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو، ناڻي وارو سيڪرٽري نجم شاھھ، توانائي وارو سيڪريٽري مصدق، ايم ڊي ٽي سي اي بي طارق علي شاھھ ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو تھ پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 158 تحت صوبن کي اھو حق حاصل آھي تھ جنھن صوبي مان قدرتي گئس نڪرندي ان جي استعمال تي پھريون حق ان صوبي جو ھوندو پر ان جي ابتڙ سنڌ مان پيدا ٿيندڙ گئس ٻين صوبن کي فراھم ٿي رھي آھي ۽ صوبي جي گھرجن کي پورو نھ پيو ڪيو وڃي. ھن چيو تھ سنڌ صوبي ۾ پيدا ٿيندڙ قدرتي گئس کاڌ ۽ پاور شعبن کي پڻ فراھم ٿي رھي آھي ۽ ان مان پيدا ٿيندڙ بجلي ۽ کاڌ سان سڄو ملڪ فائدو حاصل ڪري رھيو آھي. ھن چيو تھ صوبي جي ٻين صنعتن، تجارتي ۽ گھريلو صارفين کي گئس جي فراھميءَ سان تمام گھڻو فائدو حاصل ٿي سگھي ٿو، تنھن ڪري سنڌ مان حاصل ٿيندڙ قدرتي گئس جيڪا مختلف شعبن جي صارفين کي فراھم ڪئي پئي وڃي جنھن مان اھي مالي فائدو پڻ حاصل ڪري رھيا آھن انڪري ان مالي فائدي مان سنڌ حڪومت کي بھ ان جو حصو ڏنو وڃي. وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ صوبائي توانائيءَ واري وزير امتياز احمد شيخ کي ھدايت ڪئي تھ ھُو ماھرن سان ويھي ۽ ڪيس تيار ڪيو وڃي تھ جيئن ان کي سي سي آءِ جي ايندڙ اجلاس ۾ موڪليو وڃي. ھن چيو تھ سي سي آءِ جي گذريل اجلاس کي ٽي مھينا گذري ويا آھن انڪري سندس فيصلو ڪيو آھي تھ وفاقي حڪومت کي خط لکيو ويندو تھ جيئن گڏيل مفادن واري ڪائونسل (سي سي آءِ) جو اجلاس گھرايو وڃي. وفاقي حڪومت کان سنڌ حڪومت مطالبو ڪري رھي آھي تھ صوبائي حڪومتن کي قومي ادارن جھڙوڪ او جي ڊي سي ايل، اوگرا، پي آءِ اي ۽ اھڙي طرح جي ٻين ادارن ۾ نمائندگي ڏني وڃي. وفاقي حڪومت ميسرز، ايس اين جي پي ايل کي گھريلو ۽ تجارتي صارفين جي استعمال لاءِ آر ايل اين جي انجيڪٽ ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي ۽ اوگرا 11 مئي 2018ع واري سي سي آءِ اجلاس جي فيصلي تحت غيرجانبدار بنيادن تي واليوميٽرڪ ايڊجسٽمنٽ ۽ فنانشل امپيڪٽ فراھم ڪرڻ جي اجازت ڏني آھي. اِي سي سي ڪيبنيٽ ڊويزن کي وڌيڪ ھدايت ڪئي آھي تھ اھي اوگرا آرڊيننس 200ع ۾ ضروري ترميم جي شروعات ڪري تھ جيئن پيٽروليم ڊويزن ۽ اوگرا سان صلاح کانپوءِ آر ايل اين جي فراھميءَ واري سلسلي ۾ توسيع آڻي سگھجي. سنڌ حڪومت سيڪشن 3 (3) ۾ ترميم تجويز ڪئي آھي ۽ ترميم کي اھڙي طرح سان پڙھيو وڃي: ”اٿارٽي چيرمين تي مشتمل ھوندي جنھن کي وفاقي حڪومت مقرر ڪندي ۽ ھر ھڪ صوبي مان ان جا چار ميمبر ھوندا جن کي وفاقي حڪومت صوبائي حڪومتن جي صلاح سان مقرر ڪندي.“ سنڌ حڪومت سيڪشن 3 (13) ۾ بھ ترميم جي تجويز ڏني آھي جنھن کي اھڙي ريت پڙھيو وڃي؛ ”اٿارٽي جو وائس چيئرمين ھوندو جيئن ممبرن مان ھڪ سال جي مدي لاءِ مقرر ڪيو ويندو ۽ ان جي روٽيشن اھڙي ريت تحت ھوندي، (1) ميمبر نمائندو بلوچستان حڪومت، (2) ميمبر نمائندو سنڌ حڪومت، (3) ميمبر نمائندو خيبر پختون خواھھ ۽ ميمبر نمائندو پنجاب حڪومت. ”پاليسي گائيڊ لائين جاري ڪرڻ لاءِ وفاقي حڪومت جي اختيارن“ واري معاملي تي سنڌ حڪو مت تجويز پيش ڪئي آھي تھ وفاقي حڪومت اٿارٽيءَ کي پاليسي گائيڊ لائين سي سي آءِ جي مجاز منظوريءَ سان جاري ڪري سگھي ٿي. سنڌحڪومت سي سي آءِ تي زور ڀريو تھ صوبائي حڪومتن جي التوا ھيٺ معاملن جھڙوڪ ”مائينز اينڊ آئل فيلڊز ۽ منرل ڊولپمينٽ ايڪٽ 1948؛ پيٽروليم ڪنسيشن ايگريمنٽ/ سپليمينٽل ايگريمينٽ؛ مائينز ايڪٽ 1923 وغيرھ ۾ ترميم بابت فيصلو ڪيو وڃي.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟