ڪراچي(چيف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ميمبر سائينداد سولنگي پاران اختيارن جو مبينه طور غلط استعمال ڪري پنهنجي ٽن ٻارن کي ڪميشن پاس ڪرائڻ وارو معاملو ايوان ۾ بحث هيٺ آيو، ايم ڪيو ايم جيميمبر محمد حسين پنهنجي هڪ ڌيان ڇڪايو نوٽيس ذريعي چيو ته سائينداد سولنگي اختيارن جو غلط استعمال ڪيو ان جي ٽن ٻارن جي ڊوميسائل به الڳ الڳ شهرن جا آهن. هن چيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي سولنگي ڪميشن قرار ڏنو وڃي. هن چيو ته ايس پي ايس سي جا سڀ ميمبر سنڌي زبان ڳالهائيندڙ آهن اردو ڳالهائيندڙن جو استحصال بند ڪيو وڃي. محمد حسين جو وڌيڪ چوڻ هو ته ايس پي ايس سي جي ميمبرن جي ڪمپوزيشن سبب ڪراچي وارن سان زيادتي ٿي رهي آهي، پارلياماني معاملن واري صوبائي وزير ڪميشن ڪمار چاولا چيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو چيئرمين ديانتدار شخص آهي، ڪراچي سنڌ جو حصو آهي، ڪراچي ۾ رهندڙ سڀ سنڌي آهن، ڪراچي کي ڪو به الڳ نٿو ڪري سگهي، مڪيش ڪمار چيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحانن جي حوالي سان لڳايل الزام غلط آهن، پي ٽي آءِ جي حليم عادل شيخ پنهنجي ڌيان ڇڪايو نوٽيس ذريعي نشاندهي ڪئي ته ڪيڙي مار دوا المونيم فارسفيٽ خطرناڪ ڪيميڪل جي ملاوٽ سبب ماڻهو بري طرح سان متاثر ٿي رهيا آهن، ان دوا سان جگر ۽ دل فيل ٿي وڃن ٿا ان ڪري اهڙي دوا تي پابندي مڙهي وڃي. هن چيو ته المونيم فاسفيٽ جهڙي خطرناڪ ڪيميڪل تي پابندي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندس، ان جي اهڙي ڌيان ڇڪايو نوٽيس جو جواب ڏيندي زراعت واري وزير اسماعيل راهو چيو ته سڄي دنيا ۾ ان دوا تي پابندي مڙهجي چڪي آهي پر ان معاملي جي بنيادي سبب قصر ناز وارو واقعو بڻيو. هن چيو ته حڪومت جي اها ذميداري آهي ته هو اهڙا واقعا ٿيڻ نه ڏئي ۽ خطرناڪ دوائن کان ماڻهن کي پري رکيو وڃي. صوبائي وزير چيو ته قصر ناز واقعي جي ميڊيڪل رپورٽ ناهي آئي ان حوالي سان ڪراچي ۽ لاهور مان رپورٽ ملڻ جو انتظار آهي جنهن جي روشني ۾ ايڪشن کنيو ويندو، في الحال ان بابت شڪ شبها آهن ته فوتگين جو واقعو برياني سان ٿيو يا دوا جو سبب هو ان باري ۾ هاڻي ڪجهه چوڻ وقت کان قاصر آهي. هن چيو ته اهڙي دوا جو قصر ناز ۾ حد کان وڌيڪ استعمال ڪيو ويو. صوبائي وزير جو چوڻ هو ته ان دوا جو منهنجي وزارت سان ڪو به تعلق ناهي ڇاڪاڻ ته اهڙي دوا جي امپورٽ جي اجازت وفاقي حڪومت ڏيندي آهي جيڪڏهن اهڙي ڪا ثابتي هجي ته اسان ان ثبوتن تي ڪارروائي ۽ رپورٽ ڪنداسون. دوا بابت تحفظات درست آهن اها اسٽورن تي وڪرو ٿيندي آهي پر رپورٽ بعد ايڪشن کنيو ويندو. اپوزيشن اڳواڻ فردوس شميم نقوي چيو ته هي دوا صرف مخصوص ماڻهن کي ڏئي سگهجي ٿي، کلي عام وڪري تي پابندي مڙهي وڃي جنهن تي اسماعيل راهو چيو ته اسان وقت کان پهريان ڪجهه به نٿا چئي سگهون ان دوا جي اجازت ۽ امپورٽ وفاقي حڪومت جي مرضي سان ڪئي ويندي آهي. اجلاس دوران پي ٽي آءِ جي خرم شير زمان پنهنجي هڪ ڌيان ڇڪايو نوٽيس ذريعي چيو ته ڪراچي جي يونين ڪائونسلن ۾ رولو ڪتا شهرين لاءِ خوف جو سبب بڻيل آهن، ڪراچي جي اڍائي سئو کان وڌيڪ يونين ڪائونسلن ۾ 60 هزار ڪتا آهن ۽ ڪتن جي آوازن تي شهري رات جو سمهي به نٿا سگهن. هن چيو ته حڪومت وٽ انهن ڪتن لاءِ شايد زهر به موجود ناهي. صوبائي وزير سعيد غني چيو ته پهريان ڪتن کي مارڻ لاءِ ڪئپسول ڏنا ويندا هئا پر اهو مستقل حل ناهي، هن ٻڌايو ته انڊس اسپتال جي ڊاڪٽر شهناز صلاح الدين سان اجلاس ڪيو آهي، ڪتن جي زهر جي خاتمي لاءِ هاڻي هڪ ويڪسين جو بندوبست ڪري رهيا آهيون هن وقت تائين 4 هزار ڪتن کي ويڪسين لڳائي چڪا آهن. هن چيو ته ان کي اڃا وڌائي رهيا آهيون. ڪتن کي مارڻ مسئلي جو حل ناهي. سنڌ اسيمبلي ۾ عورتن جي ڀلائي واري کاتي بابت سوالن جي وقفي دوران پي ٽي آءِ جي عورت ميمبر ڊاڪٽر سيما ضياءَ کاتي جي ناقص ڪارڪردگي تي ڪاوڙجي پئي ۽ هن کاتي جي ڪارڪردگي جا پول کوليندي چيو ته پ پ کي سنڌ ۾ لاڳيتو حڪومت ڪندي 11 سال ٿي ويا آهن پر ان باوجود هن وقت صرف اهو چيو پيو وڃي ته اسان منصوبو جوڙيو آهي ڪجهه ڪري رهيا آهيون، ڪجهه ڪرڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته پ پ جي حڪومت وٽ هن ايوان ۾ ٻڌائڻ لاءِ ڪجهه به ناهي، اها صورتحال ان جي نااهلي ناهي ته ٻيو ڇا آهي تنهن تي عورتن جي ڀلائي واري وزير شهلا رضا چيو ته ان جي اها خواهش آهي ته هر پارٽي مان هڪ عورت ميمبر اسان جي کاتي جي ڪميٽي ۾ شامل ٿئي. هن چيو ته ڊويزنل هيڊ ڪوارٽر ۾ وومين ڪمپليڪس جو منصوبو غور هيٺ آهي جنهن ۾ عورتن لاءِ تمام سهولتون موجود هونديون. ڊاڪٽر سيما ضياءَ چيو ته عورتون آبادي جو 50 سيڪڙو آهن ڇا انهن جو ترقي ۾ حصو ناهي. هن چيو ته ڇا اسان ويهي روڄ راڙو ڪيون جڏهن سوال ڪندا آهيون ته جواب ملندو آهي ته هوندا، ڪنداسين، مڪمل ڪري رهيا آهيون، فيصلو ڪنداسون اها ڪهڙي ڪارڪردگي آهي. جي ڊي اي جي ميمبر عارف مصطفيٰ جتوئي ان معاملي تي تنقيد ڪئي ته صوبي ۾ عورتن لاءِ ڪو شلٽر هوم ڇو ناهي جنهن تي شهلا رضا چيو ته ڪراچي، سکر ۽ حيدرآباد ۾ عورتن لاءِ دارالامان موجود آهي ۽ عورتن جي ڀلائي وارو کاتي تحت هر ضلعي ۾ سيف هائوسز جوڙائي رهيا آهيون، سنڌ جي 15 ضلعن ۾ عورتن لاءِ ڪرائيسز سينٽر موجود آهن. ايوان ۾ ٿر اندر خودڪشين جي وڌندڙ واقعن تي پي ٽي آءِ جي عورت ميمبر سدره عمران جي سنڌ اسيمبلي ۾ التوا واري تحريڪ کي ضابطن جي ابتڙ قرار ڏئي رد ڪيو ويو. رٿ پيش ڪندڙ جو چوڻ هو ته خودڪشين جي وڌندڙ واقعن جو بنيادي سبب غربت، صحت ۽ کاڌ خوراڪ ۾ گهٽتائي جا مسئلا آهن. پارلياماني معاملن واري وزير مڪيش ڪمار چاولا اهڙي رٿ جي مخالفت ڪئي. ايوان جي ڪارروائي دوران متحده جي محمد حسين ان ڳالهه تي سخت احتجاج ڪيو ته جيڪڏهن ايوان ۾ ڪنهن جي استحقاق واري رٿ جو آواز نٿو ٻڌو وڃي ته اسان ڇا ڪريون. هن چيو ته هي مسئلو حل نه ٿيو ته آئينده ٻيهر ايوان ۾ ڪا به درخواست نه ڪندس جنهن تي مڪيش ڪمار چاولا چيو ته محمد حسين جي حوالي سان مرتضيٰ وهاب سان ميٽنگ ٿي آهي ۽ فيصلو ٿيو آهي ته جيڪا به قرارداد هوندي ان تي عمل ٿيندو. ايوان جي ڪارروائي دوران پارلياماني معاملن واري وزير ٻڌايو ته اسٽيوٽا ترميمي بل تي سنڌ جي گورنر جي اعتراضن کي ختم ڪيو ويو آهي اهو بل ايوان ۾ ٻيهر منظوري لاءِ پيش ڪيو ويندو جنهن جي منظوري ڏني وئي هئي تنهن دوران اجلاس ايندڙ سومر جو منجهند جو 2 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟