اداڪارا وينا ملڪ جي ڀارتين تي ڇتي تنقيد

7Shares

لاهور (شوبز نيوز) ڀارتي پائلٽ جي گرفتاري تي واويلا ڪندڙ ڀارتي اداڪارا کي وينا ملڪ ڇتو جواب ڏئي چپ ڪرائي ڇڏي. ميڊيا رپورٽن موجب پاڪستاني اداڪارا وينا ملڪ ڀارت جي گرفتار ٿيل پائلٽ جي تصوير ٽوئٽر تي شيئر ڪئي جنهن سان گڏ هن لکيو ته “ابهي ابهي تو آئي هو” هاڻي توهان جي سٺي طريقي مهمان نوازي ٿيندي. وينا ملڪ جو اهو ٽوئٽ جنگي جنون ۾ ورتل ڀارتين کي پسند نه آيو ۽ ان تي ڪافي تنقيد ڪئي وئي، وينا جو اهو ٽوئٽ خاص ڪري ڀارتي اداڪارا سوارا ڀاسڪر جي اندر ۾ باهه لڳائي ڇڏي جنهن تي هن ابتڙ وينا ملڪ تي تنقيد ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي ۽ چيو ته وينا “جِي” توهان کي شرم اچڻ گھرجي، توهان بيمار مائينڊ سيٽ جا حامل آهيو، گرفتار پائلٽ اسان جو هيرو آهي. سوارا ڀاسڪر جي ان بيان تي وينا ملڪ هن کي ڇتو جواب ڏيندي چيو ته اسان هن وقت تائين ان گرفتار ٿيل پائلٽ سان اوڙهو ورتاءُ ناهي ڪيو جنهن جو هو حقدار آهي پر اسان ته هن سان اهو رويو رکيو آهي جيڪو اسان پاڻ آهيون باوقار، بالغ نظر ۽ هاڻي کان سڀئي شرم توهان لاءِ آهن. وينا ملڪ پنهنجي هڪ ٽوئٽ ۾ گرفتار پائلٽ جي تصوير ۽ مڇن جي مختلف انداز جي تصوير شيئر ڪندي لکيو ته اهڙيون مڇون هن ان کان اڳ ڪڏهن به ناهن ڏٺيون.

7Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں