آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ: بابراعظم جو ٽاپ پوزيشن تي قبضو برقرار

4Shares

دبئي (اسپورٽس نيوز) ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ ۾ ٻئين درجي جي ڀارتي ٽيم جو ٽاپ تي موجود پاڪستاني ٽيم کان فاصلو وڌيڪ وڌي ويو. ڪرڪيٽ ج عالمي اداري ( آءِ سي سي ) طرفان جاري ڪيل تازي ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ ۾  آسٽريليا هٿان شڪست کانپوءِ ٻه پوائنٽون وڃائڻ بعد ڀارتي ٽيم  122 سان ٻئين  جڏهن ته گرين شرٽس 135 پوائنٽن سان ٽاپ پوزيشن تي موجود آهي . اهڙي ريت بيٽسمينن ۾ بابر اعظم لڳاتار پهرين نمبر تي موجود آهي، نيوزيلينڊ جو ڪولن منرو ٻئي ۽ آسٽريليا جو گلين ميڪسويل ڀارت خلاف شاندار سينچريءَ بعد ٻه درجا ترقي ڪندي ٽئين نمبر تي پهچي ويو آهي، آئرلينڊ خلاف شاندار بيٽنگ ڪندڙ افغانستان جو حضرت الله زازئي 31 درجا ترقي ماڻيندي ستين پوزيشن تي قبضو ڄمائي ورتو آهي، آسٽريليا جو ڊي آر سي شارٽ 8 درجا بهتري سان اٺين نمبر تي پهچي ويو آهي، سندن ترقي سبب فخر زمان هاڻ ٽه درجا هيٺ ٿيندي نائين نمبر تي پهچي ويو آهي. بالرن ۾ هڪ هڪ درجو ترقي حاصل ڪندي اسپنر شاداب خان ۽ عماد وسيم ترتيبوار ٻئين ۽ ٽئين نمبر تي موجود آهن فهيم اشرف جي نائين پوزيشن برقرار آهي. جڏهن ته افغانستان جو راشد خان ٽاپ  تي موجود آهي.06

4Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں