دبئي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ جي چوٿين ايڊيشن جي 20 هين ميچ ۾ ڪراچي ڪنگز سخت مقابلي کانپوءِ لاهور قلندرز کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. لاهور قلندرز ڪراچي ڪنگز کي ميچ کٽڻ لاءِ 134 رنسن جو هدف ڏنو جيڪو ڪراچي ڪنگز 5 وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ميچ پنهنجي نالي ڪري ورتي. دبئي جي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ ڪراچي ڪنگز ٽاس کٽي لاهور کي پهريان بيٽنگ جي دعوت ڏني. لاهور طرفان اننگز جي شروعات فخر زمان ۽ گوهر علي ڪيو پر گوهر پهرين ئي اوور ۾ 4 رنسون ٺاهي عماد جو وسيم جو شڪار بڻيو. فخر زمان 18 رنسون ٺاهي سگهيو جڏهن ته حارث سهيل پنهنجي ٽيم جي اسڪور ۾ 20 رنسون جو اضافو ڪيو . تجربيڪار اي بي ڊي ويليئرز 33 رنسن جي اننگز کيڏي جڏهن ته سهيل اختر 29 رنسن جو واڌارو ڪيو. اهڙي ريت لاهور قلندرز مقرر 20 اوورن ۾ پنجن وڪيٽن جي نقصان تي 133 رنسون ٺاهيون. ڪراچي ڪنگز طرفان افتخار احمد ٻه جڏهن ته عماد وسيم، محمد عامر ۽ عمر خان هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. جواب ۾ ڪراچي ڪنگز 134 رنسن جو هدف 19 ڏهائي 1 اوور ۾ پنجن وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو. ڪراچي طرفان ليونگ اسٽون 38 ۽ افتخار احمد 33 رنسون ٺاهي نمايان رهيو. ميچ ۾ زبردست ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻ تي افتخار احمد کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو. پاڪستان سپر ليگ جي چوٿين ايڊيشن جي 21 هين ميچ ۾ پشاور زلمي سخت مقابلي کانپوءِ اسلام آباد يونائيٽيڊ کي 4 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.دبئي ڪرڪيٽ اسٽيڊي۾ ۾ کيڏي ويندڙ ميچ ۾ پشاور زلمي ٽاس کٽي اسلام آباد يونائيٽيڊ کي پهريان بيٽنگ جي دعوت ڏني. يونائيٽيڊ طرفان اننگز جي شروعات ليوڪ رونڪي ۽ ڊيلپورٽ ڪئي پر ٻئين اوور جي پهرئين بال تي ليوڪ رونڪي 9 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. ڪيمرون ڊيلپورٽ 71 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي جڏهن ته فلپ سالٽ 28 ۽ محمد آصف 23 رنسن جي اننگز کيڏي، اسلام آباد يونائيٽيڊ مقرر 20 اوورن ۾ 176 رنسون ٺاهيون ۽ پوري ٽيم آئوٽ ٿي وئي.پشاور زلمي طرفان حسن علي، ابتسام شيخ ۽ وهاب رياض ٻه ٻه رانديگر آئوٽ ڪيا جڏهن ته هڪ وڪيٽ عميد آصف جي حصي ۾ آئي. پشاور زلمي هينئر تائين 6 مان 4 ميچون کٽيون آهن جڏهن ته اسلام آباد يونائيٽيڊ 7 مان 4 ميچن ۾ ڪامياب رهي.06
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟