وزيراعظم پاران گرفتار ڀارتي پائليٽ کي اڄ آزاد ڪرڻ جو اعلان، اسان جي امن جي خواهش کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي: عمران خان

1Shares

اسلام آباد(بيورو) وزيراعظم عمران خان گرفتار ڀارتي ايئر فورس جي پائلٽ کي خير سگالي جي جذبي طور اڄ آزاد ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ڀارتي جارحيت ۽ دخل اندازي کانپوءِ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان اڄ گرفتار ڀارتي پائلٽ کي آزاد ڪري ڇڏيندو، پاڪستان امن چاهي ٿو پر اسان جي ڳالهين ۽ امن جي ڪوششن کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي. هن چيو ڀارت امن لاءِ هڪ وک وڌائي ته اسان ٻه وکون وڌائينداسين، پلواما واقعي کانپوءِ ڀارت جاچ کانسواءِ الزام هنيا. عمران خان چيو ته وزيراعظم ٿيڻ کانپوءِ ڀارت کي امن جو پيغام ڏنو پر هاڪاري موٽ نه ملي آهي. هن چيو ته دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ غربت ننڍي کنڊ ۾ آهي، منهنجو ويزن آهي ته ڪو اهڙو ملڪ ترقي نه ڪندو آهي، جتي سڀ کان وڌيڪ غربت هجي. سندس چوڻ هو ته ڀارت پلواما حملي کانپوءِ شاهديون پيش ڪرڻ بدران جنگ جو ماحول پيدا ڪري ڇڏيو آهي، موجوده صورتحال ۾ سموري پاڪستاني قوم متحد آهي. وزيراعظم چيو ته سمورا مسئلا ڳالهين ذريعي حل ٿيڻ گهرجن، پاڪستان جي ميڊيا ڀارتي ميڊيا جي ڀيٽ ۾ ذميواري وارو ڪردار ادا ڪيو آهي، ڀارت طرفان سرحدي ڀڃڪڙي کانپوءِ فوجي قيادت سان گڏجي جوابي ڪارروائي ڪئي ۽ ٻڌايو ته اسان وٽ ڀارت کي نشانو بڻائڻ جي صلاحيت آهي. هن چيو ته ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي سان فون تي رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ڳالهه اڳتي وڌڻ ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ ناهي. وزيراعظم عمران خان چيو ته اپوزيشن جو شڪرگذار آهيان ۽ خراج تحسين پيش ڪريان ٿو اهڙي وقت ۾ جڏهن پاڪستان کي ٻاهريان خطرا آهن ته اسان جي قوم گڏ آهي. هن چيو ته 26 جولاءِ تي جڏهن وزيراعظم نه ٿيو هوس تڏهن ئي بيان ڏنو هو ته جيڪڏهن ڀارت هڪ قدم اسان جي طرف وڌائيندو ته اسان ٻه وڌائينداسين، ان جو سبب اهو آهي ته دنيا جي سڀ کان وڌيڪ غربت ننڍي کنڊ ۾ آهي ۽ اهو منهنجو ويزن آهي ته ڪڏهن به ڪا قوم ترقي نه ڪري سگهن جتي ٿورا ماڻهو امير باقي غريبن جو سمنڊ هجي. وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته ننڍي کنڊ جو اڳتي وڌڻ ان لاءِ ضروري آهي ته امن هجي يا جيڪوبه مسئلو هجي اها ڳالهين وسيلي حل ٿيندو، 26 جولاءِ جي آڇ کانپوءِ مودي کي خط به لکيو جنهن ۾ گڏيل قومن ۾ پرڏيهي وزيرن جي ملاقات جي تجويز ڏني پر ان تي جواب سٺو نه آيو، اسان ڏٺو اهو ردعمل ڀارت ۾ اليڪشن جي ڪري آهي، اسان ڏٺو ته ڀارت جي اليڪشن ڪمپين ۾ پاڪستان سان سٺا لڳاپا شامل ناهي، اهو سوچيو ته اليڪشن کانپوءِ ڳالهيون اڳتي وڌائينداسين. عمران خان وڌيڪ چيو ته ڪرتارپور راهداري ڳالهه ٻولهه وڌائڻ جي هڪ ڪوشش هئي ته جيئن ڳالهين سان مسئلا حل ٿين ۽ ڇڪتاڻ گهٽ ٿئي، بدقسمتي سان وري به ڏٺو ته اهي اڳتي نه وڌندا، اسان کي ڊپ هو ته اليڪشن کان اڳ ڪو نه ڪو واقعو ٿيندو جنهن کي ڀارت ۾ اليڪشن لاءِ استعمال ڪيو ويندو ۽ ايتري ۾ پلواما جو واقعو ٿي ويو. هن چيو ته اهو نه ٿو چوان ته پلواما واقعي ۾ ڀارت جو پنهنجو هٿ هو پر واقعي جي اڌ ڪلاڪ کانپوءِ ئي پاڪستان تي آڱريون کڄڻ شروع ٿي ويون، ها ٽائمنگ ڪهڙي هئي، ان وقت سعودي ولي عهد پاڪستان جي دوري  تي هو ته ڪهڙو ملڪ هوندو جيڪو هملو ڪري ايتري اهم موقعي کي خراب ڪري، اسان کي سمجهه ۾ نه آيو ته ان مان اسان کي ڇا ملي ها، ان لاءِ فوري طور تي ڀارت کي چيو ته اسان کي ٺوس انٽيليجنس ثبوت ڏئي اسان ڪارروائي ڪنداسين. وزيراعظم جو چوڻ هو ته بدقسمتي سان ڀارت طرفان ثبوت بدران هڪ جنگي ماحول وڌندو ويو، شڪ هو ته ان جنگي ماحول ۾ پاڪستان ۾ ڪجهه ٿيندو ان لاءِ پيغام ڏنو ته جيڪڏهن اوهان جارحيت ڪندو ته اسان ان جو جواب ڏينداسين ڇو ته ڪوبه خودمختار ملڪ پنهنجي مٿان حملي جي اجازت نه ڏيندو.

1Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں