حڪومت عوام تي مهانگائيءَ جو بم ڪيرائي ڇڏيو، پيٽرول 2.50 ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل 4.75 رپيا في ليٽر مهانگا

2Shares

اسلام آباد(بيورو) حڪومت عوام تي پيٽرول بم ڪيرائي ڇڏيو، تيل اگهن ۾ واڌ، نوٽيفڪيشن جاري. تفصيل موجب حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ ڪري ڇڏي نوان اگهه اڄ رات 12 وڳي کان لاڳو ٿيندا. ناڻي واري وزارت طرفان جاري نوٽيفڪيشن موجب حڪومت پيٽروليم شين جا اگهه وڌائي ڇڏيا. پيٽرول جي اگهه ۾ 2 رپيا 50 پيسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي جنهن بعد پيٽرول 90 رپيا 38 پيسن کان وڌي 92 رپيا 88 پيسا في ليٽر ٿي ويو. اهڙي ريت هاءِ اسپيڊ ڊيزل 4.75 رپيا في ليٽر ڪيو ويو جنهن جو نئون اگهه 106 رپيا 68 پيسن بدران 111 رپيا 43 پيسا في ليٽر ٿي ويو. لائٽ ڊيزل اڍائي رپيا مهانگو ٿيڻ بعد 75.03 رپين کان وڌي 77.53 رپيا جڏهن ته گاسليٽ چار رپين جي واڌ سان 82 رپيا 31 پيسن کان وڌي 86 رپيا 31 پيسا في ليٽر ٿي ويو.

2Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں