ڀارت پلواما واقعي جي جاچ واري آڇ قبولي ورتي، ڊوزيئر پاڪستان حوالي

1Shares

نئين دهلي(م ڊ) ڀارت پاڪستان جي پلواما واقعي جي جاچ واري آڇ قبولي ورتي آهي، هن ڊوزئير پاڪستان حوالي ڪري ڇڏيا آهن. نجي ٽي وي مطابق ڀارتي ترجمان دعويٰ ڪئي آهي ته ڀارت پلواما واقعي جي  جاچ واري پاڪستاني آڇ قبوليندي ڊوزئير تي ٻڌل جاچ جون گهرجون سفارتي طور تي پاڪستان حوالي ڪري ڇڏيون آهن. ڀارت وزيراعظم عمران خان جي تقرير کانپوءِ ڊوزيئر نئين دهلي ۾ پاڪستان جي قائم مقام هاءِ ڪمشنر حوالي ڪيا. ڊوزئير ۾ پلواما واقعي جا تفصيل شامل آهن. ڀارتي ترجمان مطابق ڀارت پاڪستان کي ڏنل ڊوزئير ۾ گرفتار پاڪستاني پائليٽ جي حوالي سان به تفصيلن جو مطالبو ڪيو آهي. ٻئي طرف پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل چيو آهي ته پرڏيهي آفيس کي پلواما واقعي تي ڊوزيئر ملي ويو آهي، جنهن جو مشاهدو ڪيو ويندو، قانوني شاهدين جو جائزو ورتو ويندو، شاهديون قابل عمل هونديون ته ڪارروائي ڪئي ويندي. اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ ڏيندي ڊاڪٽر فيصل چيو ته پاڪستان ڳالهين لاءِ تيار آهي، دهشتگردي کانسواءِ مسئلن تي به ڳالهيون ٿيڻ گهرجن. هن چيو ته ڀارتي پائليٽ بابت موقف واضح آهي ته هو محفوظ ۽ صحتمند آهي، ڀارتي پائليٽ کي عوام پڪتو ۽ فورسز حوالي ڪيو. هن چيو ته ڀارت پائلٽ جو معاملو اٿاريو آهي، جنگي قيدي جي درجي بابت فيصلو بعد ۾ ڪيو ويندو ته پائلٽ تي ڪهڙو ڪنوينشن لاڳو ٿئي ٿو، ان حوالي سان فيصلو هڪ ٻن ڏينهن اندر ٿي ويندو. سندس چوڻ هو ته ڀارت او آءِ سي اجلاس ۾ ويندو ته اسان شرڪت نه ڪنداسين، جڏهن ته ڀارت ۽ پاڪستان ٻئي عالمي برادري سان رابطي ۾ آهن، دهشتگردي جي ڳالهه ڪندڙ ملڪن پوزيشن واضح ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته دهشتگردي ٿي پوءِ به ڀارت کي سرحدي ڀڃڪڙي جي اجازت ناهي، دهشتگردي جي الزام کي قانوني جواز نه ٿو بڻائي سگهجي، جيڪڏهن ايئن ٿئي ٿو ته پاڪستان به سڀاڻي ڪنهن تي حملو ڪري سگهي ٿو جڏهن ته پاڪستان پهريون ئي دهشتگردي خلاف ڪارروائي ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ڀارت هتي اچي بمباري نه ڪري ها ته اسان جي ڪا خواهش نه هئي، ڀارت اسان تي حملو ڪيو ته اسان به جواب ڏنو، هوا ۾ ڇڪا هڻڻا هجن ها ته اسان به 1800 موتن جو چئون ها، ڀارت 350 موتن جو هڪ به ثبوت نه ڏنو آهي. هن چيو ته گڏيل قومن جي فوجي مبصرن کي بالا ڪوٽ وٺي وينداسين، جڏهن ته والاريل ڪشمير ۾ معصوم ڪشميرين تي ٿيندڙ ظلم بابت گڏيل قومن کي آگاهه ڪنداسين. ڊاڪٽر فيصل چيو ته ڀارت پوري خطي کي تباهي طرف وٺي وڃي رهيو آهي، اسان جي امن واري خواهش کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي، پاڪستان ڀارت سان ڳالهين لاءِ تيار آهي پر ان ۾ دهشتگردي کانسواءِ ٻين معاملن تي به ڳالهيون ٿيڻ گهرجن.

1Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں