سرحدن تي ڇڪتاڻ، وڏي وزير پاران سڄي سنڌ ۾ سيڪيورٽيءَ جا انتظام ڪرڻ جو حڪم

1Shares

ڪراچي(چيف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاه سرحدن تي هاڻوڪي ڇڪتاڻ واري صورتحال جي پيش نظر سڄي صوبي ۾ سيڪيورٽي  ۽ انتظامي بندوبست جو جائزو ورتو. انهيءَ جائزي اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري سيد ممتاز علي شاهه، ڊي جي رينجرز ميجر جنرل محمد سعيد، گهرو سيڪريٽري قاضي ڪبير، آئي جي سنڌ ڊاڪٽر ڪليم امام، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو ۽ بريگيڊيئر عبدالسميع، چيف آف اسٽاف 5 ڪور شرڪت ڪئي. وڏي وزير اربع ۽ خميس جي رات وزيراعليٰ هائوس ۾ اهڙي طرح جي هڪ اجلاس جي صدارت ڪئي هئي ۽ چيف سيڪريٽري ۽ آئي جي سنڌ کي هدايت ڪئي هئي ته هو سمورن انتظامي ۽ سيڪيورٽي جي ضروري بندوبست کي يقيني بڻايو وڃي. هن هينئر تائين ڪيل انتظامن جو پڻ جائزو ورتو ۽ چيف سيڪريٽري سيد ممتاز علي شاهه کي هدايت ڪئي ته هو اسڪائوٽس کي تيار رکي. ان موقعي تي چيف سيڪريٽري پاران وڏي وزير کي ضروري خدمت ڪندڙ اسٽاف ميمبرن جي موڪلن کي رد ڪرڻ جنهن اسپتالون ۽ بلديات کاتا شامل آهن بابت ڄاڻ ڏني. هن چيو ته سڀني ڊويزنل ۽ ضلعي انتظاميا کي موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن. ڊي جي رينجرز محمد سعيد وڏي وزير کي موجوده صورتحال ۽ ڪيل انتظامن بابت ڄاڻ ڏني. وڏي وزير ڪيل سمورن انتظامي ۽ سيڪيورٽي انتظامن تي پنهنجي اطمينان جو اظهار ڪيو. اجلاس کي خطاب ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت ۽ عوام ملڪي سلامتي لاءِ پاڪ فوج سان گڏ آهي،  سنڌ حڪومت هر صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه سڪيورٽي انتطامن ۽ تيارين تي اطمينان جو اظهار ڪندي، پوليس ۽ رينجرز کي امن امان سان گڏوگڏ موجوده صورتحال تي به نظر رکڻ جي هدايت ڪئي.

1Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں