پي ايس ايل: اسلام آباد جي ڪراچي ڪنگز ۽ پشاور زلميءَ جي ملتان کي شڪست

1Shares

دبئي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ جي مئچ ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ ڪراچي ڪنگز کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي. ڪراچي ڪنگزمقرر اوورن ۾ 8 وڪيٽن تي 168 رنسون ٺاهيون، اسلام آباد يونائيٽيڊ هدف 19.2 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو. آصف علي 38 بالن تي 6 ڇڪا ۽ 5 چوڪن جي مدد سان 70 رنسون ٺاهي نمايان رهيو، فلپ سالٽ 46 ۽ ليوڪ رونڪي 26 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا. دبئي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ ڪراچي ڪنگ طرفان اننگز جو آغاز بابر اغطم ۽ ڪولن منرو ڪيو جيئن ته منرو صرف 2 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو. منرو جي جلد آئوٽ ٿيڻ کان پوءِ بابر اعظم ۽ لونگ اسٽون وڪيٽ جي چئني طرف شارٽ کيڏندي ٽيم جو اسڪور 101 تائين پهچايو ۽ 78 رنز جي شاندار ڀائيواري بعد لونگ اسٽون 56 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو. بابر اعظم به 68 رنز جي شاندار اننگز کيڏي ۽ ان جي اننگز ۾ 10 چوڪا شامل هئا، مقرر 20 اوورن ۾ ڪراچي ڪنگ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 168 رنز اسڪور ڪيو . اسلام آباد طرفان رومان رئيس شاندار بولگ جو مظاهرو ڪندي 3 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو جڏهن ته فهيم اشرف، شاداب خان ۽ عماد بٽ جي حصي ۾ هڪ هڪ وڪيٽ آئي. پاڪستان سپر ليگ جي چوٿين ايڊيشن جي 19 هين ۽ اهم ميچ ۾ ڪيرون پولارڊ جي جارحاڻي اننگز سبب پشاور زلمي ملتان سلطانز کي شڪست ڏئي ڇڏي. دبئي انٽرنيشنل اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندڙ ميچ ۾ پشاور زلمي ٽاس کٽي ملتان سلطانز کي پهريان بيٽنگ جي دعوت ڏني. ملتان طرفان عمر صديق ۽ جيمز ونس اننگز جي شروعات ڪئي پر عمر صديق 18 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. جيمز ونس 41 رنسون ٺاهي امام الحق جي ٿر تي رن آئوٽ ٿيو جڏهن ته جانسن چارلس 57 رنسن جي تيز رفتار اننگز کيڏي، شعيب ملڪ 28 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو جڏهن ته ڊينيئل ڪرسچن 18 رنسون ٺاهيون.مقرر 20 اوورن ۾ ملتان سلطانز 5 وڪيٽن جي نقصان تي 172 رنسون ٺاهيون، پشاور طرفان حسن علي، عميد علي ۽ ڊائوسن هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. پشاور زلمي ٽن وڪيٽن جي نقصان تي 19.2 اوورن ۾ هدف پورو ڪيو. پشاور طرفان اننگز جي شروعات امام الحق ۽ آندري فليچر ڪئي ۽ ٻنهي رانديگرن پنهنجي ٽيم کي 34 رنسن جي شروعات فراهم ڪئي ۽ فليچر 24 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. ڪامران اڪمل هڪ ڀيرو ٻيهر ناڪام ٿيو ۽ 5 بالن تي بنا ڪا رنس ٺاهي پويلين واپس ويو جڏهن ته امام الحق 39 رنسن جي اننگز کيڏي. ٽي وڪيٽون ڪرڻ کانپوءِ عمر امين ۽ ڪيرون پولارڊ ذميواراڻي بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي پنهنجي ٽيم کي فتح ڏياري. ڪيرون پولارڊ 5 ڇڪن ۽ هڪ چوڪي جي مدد سان 27 بالن تي 52 رنسن جي تيز رفتار اننگز کيڏي جڏهن ته عمر امين به 54 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.06

1Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں