آمريڪا سميت عالمي برادري پاڪ-ڀارت ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ سرگرم، سعودي ولي عهد جو عمران ۽ مودي کي فون

1Shares

اسلام آباد/واشنگٽن/هنوئي(م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته آمريڪا پاڪستان ۽ ڀارت ۾ ڇڪتاڻ روڪڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، پاڪستان ۽ ڀارت ۾ ڪجهه هاڪاري خبرون مليون آهن، ڇڪتاڻ جلد ختم ٿي ويندي. پاڪستان ۽ ڀارت ۾ ڇڪتاڻ تي رد عمل ظاهر ڪندي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت ۾ هاڻوڪي صورتحال تي ڪڙي نظر آهي، اميد آهي ته ٻئي ملڪ ڇڪتاڻ وارو رستو نه اختيار ڪندا. هن چيو ته آمريڪا پاڪستان ۽ ڀارت ۾ ڇڪتاڻ روڪڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته هڪ عرصي کان هلندڙ پاڪ_ڀارت ڇڪتاڻ جلد ختم ٿيڻ جي اميد آهي، اميد آهي ته خطي ۾ جلد امن ٿيندو ۽ اسان جون ڪوششون به جاري رهنديون. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته حالتن کي معمول تي آڻڻ جون ڀرپور ڪوششون ڪيون پيون وڃن ۽ آمريڪا ان حوالي سان ڪردار ادا ڪندو. ٻئي طرف آمريڪا پاڪستان ۽ ڀارت تي زور ڀريو آهي ته سرحد جي ٻنهي پاسن کان سموريون ڪارروائين بند ڪيون وڃن ان کان اڳ آمريڪا پاران دنيا کي خبردار ڪيو ويو ته خطي ۾ وڌيڪ فوجي ڪارروائين جو خطرو قبول نه ٿيڻ جوڳي حد تائين وڌي چڪو آهي پرڏيهي خابرو اداري موجب واشنگٽن ۾ صحافين سان ڳالهائيندي آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي ترجمان جو چوڻ هو ته آمريڪا ڀارت پاڪستان سان سرحد پار ڪارروايون روڪڻ ۽ استحڪام طرف موٽڻ جو مطالبو ڪيو آهي امريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسان ٻنهي ڌرين تي زور ڀريون ٿا ته ڇڪتاڻ واري صورتحال ڪرڻ لاءِ بنا دير قدم کنيا ويندا آمريڪي ترجمان 14 فيبروري تي پلواما ۾ ڀارتي فوجي دستي تي ٿيل حملي کي سرحد پار دهشتگردي قرار ڏنو ۽ خبردار ڪيو ته اهڙن حملن سان خطي جي سلامتي کي سخت خطرا آهن آمريڪي عهديدار جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسان پاڪستان کان هڪ دفعو ٻيهر مطالبو ڪيون ٿا ته گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل جي واعدن تي عمل ڪندي دهشتگردن جي فنڊنگ تائين پهچ ختم ۽ کين پناهگاهون فراهم ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي. مائڪ پومپيو جو چوڻ هو ته هن شاهه محمود قريشي ۽ سشما سوراج سان ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي ۽ آمريڪا پاران وڌيڪ ڪارروائين کان پاسو ڪرڻ جو پيغام پهچايو ويو. آمريڪي پرڏيهي آفيس جي ترجمان هيلينا وائٽ چيو آهي ته پرڏيهي وزير مائڪ پومپيو پاڪ ڀارت پرڏيهي وزيرن سان رابطو ڪيو آهي جنهن ۾ هن ٻنهي ملڪن کي خطي ۾ امن ۽ سلامتي برقرار رکڻ تي زور ڀريو آهي پومپيو ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن سان سڌا رابطا ۽ فوجي ڪارروائي کان پاسو ڪرڻ جي به حوصله افزائي ڪئي آهي پرڏيهي خابرو اداري موجب هيلينا وائٽ جو چوڻ هو ته ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ ڇڪتاڻ جي حوالي سان مائڪ پومپيو 26 فيبروري تي ڀارت جي دهستگردي جي خلاف ڪارروائي کان پوءِ ڀارتي هم منصب سشما سوراج سان ڳالهه ڪئي آهي جنهن دوران ان ٻنهي ملڪن جا سيڪيورٽي معاملا ۽ خطي ۾ امن ۽ سلامتي قائم رکڻ جي گڏيل مقصد ۾ ويجهي تعاون تي زور ڀريو آهي شاهه محمود قريشي سان به آمريڪي پرڏيهي وزير ڳالهايو جنهن ۾ هن ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ تازي ڇڪتاڻ کي فوجي ڪارروائي کان پاسو ڪندي ترجيحي بنيادن تي گهٽائڻ تي زور ڏنو پومپيو ٻنهي پرڏيهي وزيرن کي چيو ته آمريڪا پاڪستان ۽ ڀارت کي برداشت مان ڪم وٺندي ڇڪتاڻ کي وڌڻ کان روڪڻ جي حوصله افزائي ڪري ٿو. ٻئي طرف برطانيا چيو آهي ته پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ کان پوءِ پاڪستان صورتحال کي بهتر ڪرڻ چاهي ٿو ۽ ان لاءِ ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آهي جڏهن ته ڀارت به ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۾ ڪردار ادا ڪري ۽ ڳالهين جي ميز تي اچي بالاڪوٽ ۾ ڀارتي حملا دنيا جي قانونن جي خلاف روزي هئا جن جو پاڪستان پنهنجي هوائي حدن ۾ رهندي دفاع ڪيو ميڊيا رپورٽس موجب برطانيا جي پرڏيهي معاملن بابت سيڪريٽري آف اسٽيٽ جيرمي هينٽ پاڪستان جي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان ٽيليفون تي ڀارتي اڳرائي کان پوءِ خطي ۾ پيدا ٿيندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي تازي پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ شروع ٿيڻ کان پوءِ برطانوي سيڪريٽري آف اسٽيٽ پاڪستاني پرڏيهي وزير سان گذريل ٽن ڏينهن ۾ ٻيو ڀيرو فوجن تي رابطو ڪيو پرڏيهي وزير برطانوي سيڪريٽري آف اسٽيٽ کي ڀارت پاران پاڪستان ۾ لنگهي اچڻ ۽ خودمختياري جي خلاف اڳرائي جي حوالي سان ٻڌايو هن جو چوڻ هو ته ڀارتي حملا دنيا جي قانونن جي خلاف ورزي آهن جن جو پاڪستان هوائي حدن ۾ رهندي دفاع ڪيو آهي. برطانوي سيڪريٽري آف اسٽيٽ خطي جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ ٻنهي ڌرين کي جنگ بند ڪرڻ ۽ معاملي کي جلد حل ڪرڻ لاءِ چيو ٻنهي ملڪن جي اڳواڻن ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ ۽ صلاح مشوره ڪرڻ تي راضپي جو به اظهار ڪيو. ٻئي طرف سعودي ولي عهد محمد بن سلمان وزيراعظم عمران خان ۽ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کي فون ڪري ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ ڳالهيون ڪرڻ تي زور ڀريو. هوڏانهن وزيراعظم عمران خان ۽ ترڪ صدر طيب اردگان وچ ۾ فون تي رابطو ٿيو. ترڪ صدر عمران خان جي ڀارت کي ڳالهين واري آڇ جي واکاڻ پڻ ڪئي.

1Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں