پاڪ فوج سان گڏ آهيون “سنڌ اسيمبليءَ ۾ ڀارت جي جنگي جنون خلاف هڪ وڌيڪ ٺهراءُ پاس

1Shares

ڪراچي(چيف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ڀارتي جارحيت خلاف گڏيل ٺهراءُ منظور ڪندي پاڪ فوج کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي، وڏي وزير سيد  مراد علي شاهه چيو آهي ته ڀارت پاڪستان ۾ ڪارروائي جي پروپگئنڊا ڪري پيو پر ثبوت نه ٿو ڏئي، پاڪستان امن چاهي ٿو پر ڪنهن به صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، ڪالهه سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر ريحانا لغاري جي صدارت هيٺ ڏيڍ ڪلاڪ دير سان ٿيو، جنهن ۾ دعا کانپوءِ ڀارتي جارحيت خلاف  پ پ، متحده ، ٽي ايل پي ۽ جي ڊي اي پاران پيش ڪيل گڏيل ٺهراءَ تي  ايوان ۾ ڳالهائيندي وڏي وزير مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته پلوامه حملي ۾ ملوث خودڪش بمبار ڀارتي شهري هو جنهن کي بار بار گرفتار ڪري ظلم ڪيو ويو جنهن تي هو خودڪش بمبار ٿيڻ تي مجبور ٿيو، حملي بعد ڀارت پاڪستان تي الزام لڳائڻ شروع ڪيا، پر ڪو به ثبوت نه ڏنو آهي، هن چيو ته پاڪستاني قوم متحد آهي، سمورين سياسي پارٽين جي متحد ۽ ملڪي معاملي تي گڏ هجڻ ڪري فوج کي ڪاميابي ملي آهي، هن چيو ته ڀارتي حڪومت جي اليڪشن واري جنون ۾ ڀارتي جهازن پاڪستاني حدن جي ڀڃڪڙي ڪئي، جنهن تي ايئر فورس جهاز ڪيرايا، جيڪڏهن ڀارت پاڪستان ۾ 300 ماڻهن کي يا ايف 16 کي نشانو بڻايو آهي ته ڪو ثبوت ڏئي، ڀارت صرف پاڪستان خلاف پروپگئنڊا ڪري رهيو آهي، هن چيو ته پاڪستان جون سموريون پارٽيون ۽ قوم متحد آهي، پر ڀارت ۾ ائين نه آهي، پاڪستان کي ايٽمي طاقت شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڏني، ميزائيل ٽيڪنالاجي شهيد بينظير ڀٽو ڏني ۽ ايف ٿنڊر جهاز يوسف رضاگيلاني متعارف ڪرايا، هن چيو ته سموري صورتحال کي مانيٽر ڪيون پيا، ڀارتي جارحيت جو جواب ڏيڻ لاءِ وفاقي حڪومت سان گڏ آهيون، صوبائي حڪومت سمورن ادارن کي الرٽ ڪري ڇڏيو آهي، جنگ طرف هرگز نه ٿا وڃڻ چاهيون، سنڌ صوفين جي ڌرتي آهي، هن چيو ته جذباتي ٿيڻ جي ضرورت نه آهي، امن چاهيون ٿا پر ڪنهن به صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيون،هن چيو ته مخالف ڌر اڳواڻ چيو ته غربت جي خاتمي جي جنگ ڪرڻ گهرجي،پر آئون چوان ٿو ته جنگ بدران پرامن طريقي سان غربت جي خاتمي، تعليم ۽ ٻين مسئلن جي حل لاءِ قدم کڻي سگهون ٿا، موجوده صورتحال ۾ عوامي نمائندن کي ڳالهائڻ وقت احتياط ڪرڻ جي ضرورت آهي، مخالف ڌر جي اڳواڻ فردوس شميم نقوي چيو ته پاڪستان ڀارتي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو، ڄمون ڪشمير جو عوام آزادي جي جدوجهد ۾ مصروف آهي، پر ڀارت ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي، کيس گڏيل قومن جي قرارداد تي عمل ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته وزيراعظم کي سلام پيش ڪيان ٿو جنهن ڀارت کي ٻڌايو ته اسان مهذب قوم آهيون، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي خراج عقيدت پيش ڪيان ٿو جنهن ملڪ کي ايٽمي طاقت بڻايو، عمران خان به قوم جو اهو اڳواڻ آهي جيڪو جهڪڻ وارو نه آهي، هن چيو ته وزيراعظم واضع پيغام ڏنو آهي ته اسان امن چاهيون ٿا، ڀارتي پائليٽ کي آزاد ڪري امن جو پيغام ڏنو ويو آهي، پر ٻئي طرف ڀارت ڪشمير ۾ جارحيت جاري رکيو ويٺو آهي،  ڀارت کي پاڪستان جي خلوص کي ڪمزوري نه سمجهڻ گهرجي، جيڪڏهن اسان کي تڪليف ڏني وئي ته پوءِ اسان به سلامتي تي ڪو به ڪمپرومائيز نه ڪنداسين، هن چيو ته مهاتما گانڌي جو به فلسفو امن هو، اسان حقيقت ٻڌايون پيا ته جنگ مسئلن جو حل نه آهي،  هن چيو ته جيڪڏهن جنگ ڪرڻي آهي ته غربت، تعليم ۽ ٻين مسئلن سان ڪئي وڃي.ان کان اڳ ميمبرن شهزاد قريشي، نديم صديقي، عبدالباري پتافي، ثروت فاطمه، سهيل انور سيال، ارسلان تاج، محمد علي ملڪاڻي، منور وساڻ، سيد هاشم رضا، شازيا ڪريم، قاسم سراج سومرو، ڄام مدد علي ، سعيد آفريدي، شهريار شر، ممتاز جکراڻي،غلام جيلاني، رياض شاهه شيرازي، جمال صديقي، سعيد احمد، شاهينا ۽ حنا دستگير  ايوان ۾ ڳالهائيندي ڀارتي جارحيت جي مذمت ڪندي پاڪ فوج کي خراج تحسين پيش ڪيو. ان بعد ٺهراءَ يڪراءَ  طور منظور ڪيا ويا، جڏهن ته اسپيڪر آغا سراج دراني اجلاس جي ايجنڊا ۾ شامل ٻي ڪارروائي سڀاڻي (اڄ) تائين ملتوي ڪندي اجلاس به اڄ جمع ڏينهن ٽپهري جو 3 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

1Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں