اسلام آباد(بيورو) وزيراعظم عمران خان هڪ ڀيرو ٻيهر ڀارت کي ڳالهين جي آڇ ڪري ڇڏي. قوم کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪالهه کان جيڪا صورتحال هئي ان تي قوم کي اعتماد ۾ وٺڻ چاهيان پيو. وزيراعظم چيو ته پلوامه حملي کانپوءِ ڀارت کي هر قسم جاچ ڪرڻ جي آڇ ڪئي، عمران خان چيو ته سڌي ريت آڇ ڪئي ته پاڪستان ڪنهن به طرح جي جاچ ۾ سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار آهي، اهو پاڪستان جي/ مفاد ۾ ناهي ته اسان جي زمين استعمال ڪئي وڃي، اسان کي جاچ ۾ ڪو به مسئلو نه هو، اسان تيار هئاسين پر مونکي خدشو هو ته ان باوجود ڀارت ڪو نه ڪو ايڪشن کڻندو، تنهنڪري چيو هو ته جواب ڏيڻ اسان جي مجبوري هوندي ڇاڪاڻ ته ڪو به خودمخيار ملڪ ڪنهن کي پنهنجي ملڪ ۾ اچي ڪارروائي جي اجازت نٿو ڏئي ۽ پاڻ ئي منصب بڻجي فيصلو به ڪندو. هن وڌيڪ چيو ته مونکي خدشو انڪري هو ته ڀارت ۾ چونڊون آهن، انڪري کين چيو ته جواب ڏيڻو پوندو. وزيراعظم ٻڌايو ته منهنجي ٽنهي هٿياربند فوج جي سربراهن سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي ڪالهه انڪري ايڪشن نه کنيو ته گذريل صبح جڏهن ايڪشن ٿيو هو ته اسان پوري طرح نقصان بابت آگاهه نه هئاسين. تنهنڪري جيستائين خبر پئي ها ته ڪو به ايڪشن کڻڻ غير ذميواري هجي ها، ان لاءِ اسان انتظار ڪيو ۽ فوج اڄ ايڪشن ڪيو، اسان جو اڳواٽ منصوبو هو ته ان ايڪشن ۾ ڪو به جاني نقصان نه ٿئي رڳو ڀارت کي اهو ٻڌايون ته اسان ۾ به صلاحيت آهي، جيڪڏهن اوهان اچي سگهو ٿا ته اسان به اوهان ڏانهن اچي ڪارروائي ڪري سگهون ٿا. عمران خان به ڀارت جي 2 مِگ جهان جي بارڊر تي انگيجمنٽ ۽ انهن جي تباهه ٿيڻ جي تصديق ڪئي ۽ ٻڌايو ته ڀارت جن ٻن پائليٽن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. هن چيو ته اسان هٿان کان ڪاڏي وينداسين، تنهنڪري ڀارت کي چوان ٿو ته هتي عقل ۽ حڪمت عملي تمام گهڻو ضروري آهي، دنيا ۾ جيتريون به جنگيون ٿيون سڀني جنگن ۾ غلط اندازا لڳا، ڪنهن به نه سوچو ته جنگ شروع ڪري ڪاڏي وينداسين، پهرين عالمي جنگ مهينن بدران سالن ۾ ختم ٿي، ٻي عالمي جنگ ۾ به ائين ٿيو ۽ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ آمريڪا سوچو به نه هو ته هن کي 17 سال افغانستان ۾ ڦاٿل رهڻو پوندو. وزيراعظم عمران خان چيو ته جنگ شروع ٿي ته هالتون منهنجي ۽ مودي جي ڪنٽرول ۾ نه هونديون، جنگ سان تباهي ٿيندي آهي، پاڪستان ۽ ڀارت جنگ جي سٽ برداشت نٿا ڪري سگهن، ڀارت کي سوال آهي ته جيئن هٿيار اوهان ۽ اسان وٽ آهن، ڇا اسان غلط انداز برداشت ڪري سگهون ٿا، ڇا اسان کي هن وقت سوچڻ نه گهرجي ته هن وقت جيڪو ٽڪراءُ ٿيندو ته ڳالهه ڪٿي ويندي، پوءِ اها ته منهنجي ۽ مودي جي ڪنٽرول ۾ نه هوندي، جنگ سان مسئلا حل نه ٿيندا آهن، ڀارت کي بيهر دعوت ڏيان ٿو ته اسان پلواما واقعي جي جاچ لاءِ تيار آهيون، اسان ڳالهيون چاهيون ٿا.اسان کي هن وقت عقل ۽ حڪمت جو استعمال ڪرڻ ضروري آهي، ڪنهن به نه سوچيو ته جنگ شروع ڪري ڪيڏانهن وينداسين.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟