اسلام آباد(بيورو) وزير اعظم عمران خان نيشنل ڪمانڊ اٿارٽي جي اجلاس ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر آرمڊ فورسز جي فوري ايڪشن جي تعريف ڪندي حالتون وڌيڪ خراب ٿيڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو جڏهن ته ڀارت کي دراندازي جو جواب ڏيڻجي لاءِ اهم فيصلا ڪيا ويا. تفصيل موجب وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ نيشڻل ڪمانڊ اٿارٽي جو اجلاس وزير اعظم آفيس ۾ ٿيو، اجلاس ۾ ٽنهي هٿياربند فوجن جي سربراهن، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي، سروسز چيفس ۽ ٻيون اختياريون شريڪ ٿيون جڏهن ته پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، بچاءَ وراي وزير پرويز خٽڪ، ناڻي واري وزير اسد عمر ۽ دفاعي پيداوارا جون اختياريون به شريڪ ٿيون. اجلاس ۾ ڪمانڊ اٿارٽي جي ميمبرن، وزيرن، ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور، ڊي جي ايس پي ڊي به شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ملڪي سلامتي ۽ جوهري صلاحيت بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ ڀارت طرفان هوائي دراندازي سان پيدا ٿيل صورتحال غور هيٺ آئي. نيشنل ڪمانڊ اٿارٽي جي اجلاس ۾ وزير اعظم کي بروقت ري ايڪشن تي بريفنگ ڏني وئي ۽ ڀارتي جهاز جي دراندازي بابت ڪيترين ئي ڪوششن کان آگاهه ڪيو ويو. ذريعن موجب وزير اعظم هڪ ڀيرو ٻيهر آرمڊ فورسز جي فوري ايڪشن جي تعريف ڪئي ۽ حالتون وڌيڪ خراب ٿيڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ ڀارت کي دراندازي جو جواب ڏيڻ جي لاءِ اهم فيصلا ڪيا ويا پر فيصلن تي عملدرآمد کان پهرين وزير اعظم قوم کي اعتماد ۾ وٺڻ جو فيصلو ڪيو. ذريعن موجب امن جي ڪري ڳالهين جو آپشن آخري وارننٽ طور استعمال ڪرڻ جا امڪان آهن جڏهن ته ڀارتي هٽ ڌرمي جي نتيجي ۾ غير معمولي فيصلن تي عملدرآمد ٿيندو.ڀارت طرفان اوڀر سرحد تي ٿيل جارحيت تي مخالف پارٽين جي پارليماني اڳواڻن کي پارليامينٽ هائوس ۾ اِن ڪيمرا بريفنگ ڏني. پاڪ فوج جي شعبي (آءِ ايس پي آر) جي ڊائريڪٽر جنرل (ڊي جي) ميجر جنرل آصف غفور سياسي پارٽين جي پارليماني اڳواڻن کي بريفنگ ڏيندي پارليامينٽ هائوس پهچي ويو، ان کان سواءِ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه به پارليامينٽ پهچي ويو ۽ بريفنگ ڏني. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پارليماني اڳواڻن کي ڀارتي دراندازي واري معاملي تي بريفنگ ڏني ۽ تازي صورتحال بابت آگاهه ڪيو جنهن ۾ دوست ملڪن سان ٿيل رابطن جي حوالي سان به ٻڌايو. اِن ڪيمرا بريفنگ ۾ شرڪت ڪندڙن کي پاڪستان جي حڪمت عملي تي اعتماد ۾ ورتو ويو ۽ نيشنل ڪمانڊ اٿارٽي جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن بابت آگاهه ڪيو ويو. ڊي جي آءِ ايس پي آر غير رسمي ڳالهه ٻولهه ۾ چيو ته آرمي چيف بعد ۾ اجلاس ۾ شريڪ ٿيندو. اِن ڪيمرا بريفنگ ۾سينيئر پارليماني اڳواڻن کان سواءِ مخالف ڌر پارٽين جو وفد به شريڪ ٿيوجتي پاڪستان پيپلز پارٽي جو شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري به امڪاني طور تي موجود هو. حڪومت طرفان پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، بچاءَ وارو وزير پرويز خٽڪ، انساني حقن بابت وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري، تعليم وارو وزير شفقت محمود ۽ ٻيا شامل هوندا. پاڪستان مسلم ليگ ن طرفان اڳوڻو وزير اعظم شاهد خاقان عباسي، اڳوڻي اسپيڪر سردار اياز صادق، اڳوڻو بچاءَ وارو وزير خواجا آصف، احسن اقبال، راڻا ثناءُ الله، مريم اورنگزيب، راجا ظفر الحق ۽ مشاهد الله خان شريڪ ٿي. پ پ جو سينيئر اڳواڻ خورشيد شاهه، راجا پرويز اشرف، نويد قمر، شيري رحمان، سليم مانڊوي والا ۽ اڳوڻو سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني اِن ڪيمرا بريفنگ ۾ موجود هو. متحده مجلس عمل جو وفد به اجلاس ۾ شرڪت ڪئي جنهن ۾ پارليماني اڳواڻ مولانا اسد محمود، مولانا واسع، مولانا عبدالغفور حيدري ۽ مولانا عطا الرحمان شامل هئا. حڪومتي اتحادي پارٽي متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان جو امين الحق ۽ سينيٽر سيف، بلوچستان نيشنل پارٽي (بي اين پي) جو حسن بلوچ، بلوچستان عوامي پارٽي جو انوار الحق ڪاڪڙ ۽ خالد مگسي، مسلم ليگ (قائد اعظم) جو طارق بشير چيما به اِن ڪيمرا اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. اِن ڪيمرا اجلاس کان اڳ پارليامينٽ هائوس ۾ اسپيڪر چيمبر ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي سينيٽ جي چيئرمين صادق سنجراڻي ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان ملاقات ٿي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته اسان جي قوم هڪ زبان آهي ۽ سموريون سياسي پارٽيون به قومي سلامتي جي معاملي تي گڏ بيٺل آهن. سندس چوڻ هو ته پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرائڻ به ان سلسلي جي ڪڙي آهي. سينيٽ چيئرمين چيو ته پارليمان ۾ موجود سمورين سياسي پارٽين ۾ مڪمل هم آهنگي آهي ۽ سڄي قوم پاڪستان فوج سان گڏ آهي. هن چيو ته پارليمان مان به ڀارت ڏانهن ڳالهين جو پيغام ويو آهي. پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو ته پاڪ هوائي فوج پنهنجي تحفظ ۽ بچاءَ ۾ حملو ڪيو هو ۽ هي فوج جي طرفان جارحيت روڪڻ جي ڀرپور ڪوشش هئي. آرمي چيف بريفنگ ڏيندي چيو ته پاڪستاني جهازن ايل او سي جي ڀڃڪڙي نه ڪئي، ڀارتي جهازن ڪنٽرول لائين جي ڀڃڪڙي ڪئي ۽ پاڪ فضائيا ڀارتي جهاز جوابي ڪارروائي ڪري ڪيرايا. آرمي چيف ٻڌايو ته عالمي قوتن جي ڪوشش آهي ته معاملا طئي ڪيا وڃن.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟