“پاڪ فوج زندهه باد” سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ريليون، ڀارتي جهنڊي ۽ مودي جي پتلي کي باهيون

3Shares

اسلام آباد/ڪراچي(نمائندن وٽان) ڀارتي جهاز ڪيرائڻ سندن پائليٽ مارجڻ جي خوشيءَ ۾ مودي سرڪار جي خلاف ملڪ جي مختلف شهرن ۾ “پاڪ فوج زنده باد” ريليون ڪڍيون ويون. جڏهن ته ڀارتي جهنڊن ۽ مودي جي پتلي کي باهه ڏئي ساڙيو ويو. ان حوالي سان گلشن حديد جي رهواسين پاران پاڪستان زنده باد، پاڪ آرمي زنده باد ريلي ملير پريس ڪلب آڏو ڀارت جي جهنڊي کي باهه، انڊيا کي پاڪستان تي حملي ڪرڻ جي همت نه ٿيندي، انڊيا جا ٻه جنگي طيارا تباهه، هڪ پائليٽ گرفتار ۽ ٻن پائليٽن جي مارجڻ تي سڄي ملڪ ۾ جشن آهي، خبر موجب؛ گلشن حديد جي رهواسين پاران يوسي چيئرمين رائو صفدر، نذير شيخ، ڪامران قريشي، مصور عباس، امتياز عمراڻي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ملير پريس ڪلب آڏو انڊيا جي جهنڊي کي باهه ڏني وئي، ان موقعي تي ريلي ۾ شامل ماڻهو انڊيا خلاف سخت نعريبازي ڪري رهيا هئا، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان جي فوج پاران انڊيا کي سرپرائز ملي ويو آهي، انڊيا جا ٻه جنگي طيارا تباهه ڪيا ويا آهن ٻه پائليٽ مارجي ويا آهن، هڪ پائيليٽ گرفتار آهي، انڊيا اڃا به سبق نه ورتو ته کيس اڃا وڌيڪ نقصان کي منهن ڏيڻو پوندو، پاڪستان جي فوج سان گڏ پاڪستان جي عوام آهي، پاڪستان جي فوج دنيا جي بهترين فوج آهي، اسانکي پنهنجي فوج تي ناز آهي، پاڪستان جي قوم جو ٻچو ٻچو فوج سان گڏ آهي. ٻئي طرف پاڪستاني فوج پاران ڀارتي فوج کي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ تي سکر جي شهرين ۾ خوشي جي لهر، پاڪ فوج سان يڪجھتي جو اظهار، ان سلسلي ۾ جناح ويلفيئر ايسوسيئيشن ۽ جميعت علماءِ پاڪستان ضلعي سکر پاران پاڪ فوج جي حق ۾ پاڪ فوج زنده باد ڀارتي فوج مرده باد ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ريلي ۾ شريڪ شهرين جي هٿن ۾ پاڪستاني جھنڊا کنيل هئا ۽ ڀارت خلاف نعرا لکيل هئا ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن اصلاح الدين شيخ، مشرف محمود قادري، ڊاڪٽر سعيد اعواڻ ۽ ٻين چيو ته پاڪ فوج دنيا جي ڪنهن به فوج کان گھٽ ناهي ڀارت کي منهن ٽوڙ جواب ڏئي فوج پاڪستان جي 22 ڪروڙ عوام جون دليون کٽيون آهن جنهن تي اڄ پورو عوام خوشيون ملهائي رهيو آهي هنن چيو ته اسان پرامن قوم آهيون پر ڀارت اڳرائي ڪري اسان مٿان جنگ مڙهي رهيو آهي جنهن جو جواب ڏيڻ لاءِ نه فقط پاڪ فوج پر ملڪ جو 22 ڪروڙ عوام پڻ پنهنجي ڌرتي جي حفاظت لاءِ گڏ هوندو. ٻئي پاسي اتحاد امن ڪميٽي سکر پاران پڻ ڀارت جي جارحيت خلاف پريس ڪلب آڏو عبدالله متحري، بابو مهر، ڪاشف علي شاھ، مير محمد قريشي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڀارت خلاف نعريبازي ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته هندستان اسان جي شرافت جو ناجائز فائدو وٺندي امن جي خواهش کي ڪمزوري نه سمجھي هنن چيو ته ڀارت جا مڪروھ عزائم ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين پاڪستان ۾ رهندڙ سمورا مذهب مسلم، هندو، سک، عيسائي ۽ ٻيا مذهب پاڪستان جا شهري آهن ۽ اهي پنهنجي ڌرتي جي حفاظت لاءِ پنهنجي فوج سان گڏ آهن. پاڪ فوج فضائيه پاران ڀارتي جهاز ڪرائڻ ۽ ڀارتي پائليٽ گرفتار ڪرڻ تي سانگھڙ جي عوام ۾ خوشي جي لهر. نوجوانن ۽ سياسي پارٽين جي ڪارڪنن پاران مختلف ريليون ڪڍيون ويون. پريس ڪلب سانگهڙ ۽ سانگھڙ شهر جي مختلف جڳهن تي جشن ۽ مٺايون ورهايون ويون. خبر موجب  هندستان جي جواب ۾ پاڪستان آرمي ۽ پاڪ فوج جي جوانن پاران دشمنن جا ٻه جنگي جهاز ڪرائڻ ۽ ڀارتي پائليٽ گرفتار ڪرڻ جي خبر ٻڌندي ئي سانگھڙ شهر ۽ ٻين شهرن جي نوجوانن ۽ پوڙهن شاگردن ۽ سياسي پارٽين جي ڪارڪنن جي وڏي تعداد ريليون ڪڍي خوشي جو اظهار ڪيو. پريس ڪلب سانگھڙ جي آڏو سماجي ڪارڪن عامر راجپوت جي اڳواڻي ۾ جڏهن ته پي ٽي آئي ضلع سانگھڙ جي جبار جوڻيجو ۽ انساني حقوق جي اڳواڻ ڄام غلام قادر انڙ جي قيادت ۾ نوجوانن جي وڏي تعداد. پاڪ فوج جي حق ۽ ڀارت جي خلاف نعرا هڻندي ڀارت جا جهاز ڪرائڻ تي خوشي جو اظهار ڪيو. پريس ڪلب سانگھڙ جي آڏو ۽ شهر جي مختلف هنڌن تي جشن ڪندي مٺايون ورهايون ويون. پاڪ فوج جي حق ۾ نعرا هنيا ويا ۽ دعاؤن به ڪيون ويون.  هوڏانهن ٺاروشاھ ۾ مختلف سياسي سماجي تنظيمن پاران ڀارتي جارحيت خلاف پاڪستان زنده باد ريلي، ڀارت خلاف سخت نعري بازي ، ڀارت جي جھنڊي کي باھ، پاڪ فوج زنده باد جا نعرا، خبر موجب ٺاروشاھ مختلف سياسي سماجي تنظيمن پيپلز همدرد تحريڪ، نوجوان اتحاد، شهري ايڪشن ڪاميٽي، پي ٽي آءِ، آلپاڪستان راڄپر ويلفيئراسيوسئيشن جي اڳواڻن، مشتاق رزا عباسي، حاجي غلام حسين سومرو، شاھ زيب راڄپر، واجد علي سومرو، نصير ابڙو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ شهرين ڀارتي جارحيت خلاف مارڪيٽ چوڪ کان پاڪستان زنده باد ريلي ڪڍي وئي جيڪا شهر جي مختلف رستن کان ٿيندي ڪار اسٽاپ چوڪ تي پهتي جتي شهرين پاران انڊيا جي جھنڊي کي باھ ڏئي ڀارت خلاف سخت نعريبازي ڪندي پاڪ آرمي زنده باد جا نعره هنيا جڏهن ته اڳواڻن چيو ته ڀارت پنهنجو قبلو درست نه ڪيو ته پاڪستان جو هر نوجوان ڀارت کي منهن ٽوڙ جواب ڏيندو، پاڪستان جو هر فرد پاڪ فوج سان گڏ آهي، اسان جو پاڪ فوج تي پورو اعتماد آهي، پاڪستان هڪ پر امن ملڪ آهي هر ڏکي گھڙيءَ ۾ اسان جون جانيون هن ملڪ تان قربان ٿيڻ لاءِ حاضر آهن. هوڏانهن پاڪ فوج سان اظھار يڪجهتي ۽ انڊيا پاران لائن آف ڪنٽرول جي ڀڃڪڙي ڪرڻ خلاف ڊگهڙي ۾ ھڪ شاندار ريلي ڪڍي وئي ريلي ۾ شريڪ ماڻھن جي هٿن ۾ پاڪستان جا جهنڊا کنيل هئا ۽ پاڪستان زندا باد،پاڪ فوج زندا باد جا نعرا هڻي رهيا هئا ريلي مختلف روڊن کان ٿيندي محمدي چوڪ ڊگهڙي تي پهتي جتي ريلي جي اڳواڻي ڪندڙن سيد محمد علي هاشمي،ساجد علي نوشاد،سيد علي شاھ،ارباب نوحاڻي،آغا روز امان مرغزاني،راجا رام مالهي،فرحان منهاج ۽ ٻين خطاب ڪيو. ٻئي طرف نئون دمبالو ۾ پاڪستان پاڪ فوج پاران ڀارت جا جهاز ڪرائيڻ جي خوشي ۾ نئون دمبالو ۾ سياسي سماجي ۽ شھرين خوشي ۾ دوحلن ۽ شرنائين تي رڪس ڪري شاندار ريلي ڪڍي پاڪستان زنده آباد پاڪ فوج زنداه آباد جا نعره هڻندي سڄي شھر ۾ گشت ڪيو. ٻئي طرف ڪوٽڏيجي ۾ پاڪ فوج جو ڀارت کي ڀرپور جواب 2 جنگي جهاز ڪرائي ڇڏيا 2 جنگي جهاز ڪرائڻ جي خوشي ۾ ڪنب جي شهرين سماجي اڳواڻن پاران پاڪ فوج جي حمايت ۾ ريلي مودي جو پتلو ٺاهي ساڙيو ويو انڊيا جو جهنڊو پڻ ساڙيو ويو انڊيا خلاف نعريبازي  مودي خلاف نعريبازي پاڪستاني پرچم لهرايو ويو خبر موجب پاڪستان فوج پاران 2 جهاز ڀارت جا ڪرائڻ جي خوشي ۾ ڪنب جي شهرين سماجي اڳواڻن عبدالقدير مغل عطا حسين چانڊيو خدا بخش منگي منظور حسين ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪنب۾ پاڪ فوج جي حمايت ۾ ريلي ڪڍي وئي انڊيا جو جهنڊو ساڙيو ويو  مودي جي پتلي کي پادرن جا هار پارائي ساڙيو ويو مودي سرڪار ڀارت فوج خلاف نعريبازي پاڪ فوج زنده باد جي نعرن سان ڪنب شهر گونجي اٿيو. هوڏانهن انجمن تاجر اتحاد ضلع شهيد بينظير آباد پاران انجمن تاجران اتحاد سنڌ جي صدر حاجي عبدالقيوم قريشي، چوڌري عبدالقيوم آرائين، تحريڪ انصاف جي اڳواڻ قاضي نديم صديقي، راشد قريشي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪپڙا مارڪيٽ نوابشاهه کان نوابشاهه پريس ڪلب تائين ڀارت مرده باد ۽ پاڪ فوج زنده باد جي عنوان سان ريلي ڪڍي وئي، انهيءَ تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته انڊيا هوش ۾ رهي ۽ پاڪستان سان هٿ چراند بند ڪري ٻي صورت ۾ پاڪستاني قوم پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي ۽ انڊيا کي اهڙو منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو جو هو نسلن تائين ياد ڪندو، هنن چيو ته اسان کي پنهنجي فوج تي فخر آهي جنهن هميشه جانين جا نذرنا ڏئي ملڪ جي حفاظت ڪئي آهي ۽ هن ڏکئي وقت ۾ پوري قوم فوج سان گڏ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي گڏ بيٺل آهي. ٻئي طرف شاهبندر ۾ ڀارتي جنگي جنون کي پاڪ فوج منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جي سگھ رکي ٿي , ملڪ خاطر پاڪ فوج جي جوانن سان گڏ آھيون , ڀارتي جارحيت جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا , مودي سرڪار جي مغز ۾ مڳي آھي جنگ جي صورت ۾ حڪومت ۽ فوج سان گڏ پاڪستان جي 22 ڪروڙ عوام رُڪ جي ديوار بڻجي ويندي , ملڪ جي حفاظت خاطر جانين جو نذرانو پيش ڪنداسين , اهڙو اظھار جمعيت علماء اسلام چوھڙجمالي جي اڳواڻن مولانا نجيب الله ميمڻ , مقبول احمد , فاروق آزاد , شاهد حسيني ۽ ٻين پنهنجي بيان ۾ ڪيو , هنن چيو ته پاڪ ڀارت جنگ ٻنهي ملڪن لا۽ خطرناڪ ثابت ٿيندي , پاڪستان پرامن ملڪ آھي , جنگ نٿا چاهيون , مودي سرڪار پنهنجا ذاتي مقصد حاصل ڪرڻ لا۽ پاڪستان ۾ جنگ جو ماحول پيدا ڪري رهي آھي. ٻئي طرف ڌاٻيجي  شهر جي دڪاندارن پاران ريلي ۾ شرڪت مک  چوڪ تي خطاب ڪندي رشيد آرائين  جبار آرائين ,مٺاخان ڪلمتي ,قاري عبدالسلام امين فاروقي سلمان بلوچ۽ٻين چيو ته اسين  پاڪ فوج سان گڏ آهيون انڊيا سان جنگ جي صورت ۾ پاڪ فوج پاڪ آرمي سان گڏ هونداسين مودي کي سبق سيکارڻ جو وقت اچي ويو آهي پاڪ فوج مودي سرڪار جا 2 جنگي جهاز ڪرائي مودي سرڪار کي ڀرپور جواب ڏنو آهي اسان جي پاڪ فوج مودي سرڪار کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو آهي اسان کي پاڪ فوج تي فخر آهي شهرين ۽ سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي.06

3Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں