گڏيل قومن ۽ ترڪي پاڪستان کي مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي ڇڏي

1Shares

اسلام آباد(بيورو) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس ۽ ترڪ پرڏيهي وزير ميولود چاوش اولو پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي کي فون ڪيو ۽ کيس ڀارتي اڳرائي واري معاملي تي مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ڀارتي جارحيت واري معاملي تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس کي خط لکيو، جنهن ۾ کيس چيو ويو ته ڀارت پاڪستان تي حملو ڪيو آهي، جيڪو عالمي سطح تي تمام وڏو واقعو آهي، ڪنٽرول لائن ۽ پاڪستاني حدن ۾ ڀارت داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي. شاهه محمود قريشي چيو ته ڀارتي جهازن چار بم اڇلايا، الله جو شڪر آهي ڪو به جاني نقصان ناهي ٿيو، ڀارت دعويٰ ڪئي هئي ته اتي دهشتگردن جي ڪيمپ کي نشانو بڻايو ۽ دهشتگردن کي موت جو کاڄ بڻايو پر ڀارتي دعوائن جا سڀ پول پڌرا ٿي ويا جتي بم ڪيرايو ويو، اتان نه ڪو لاش مليو ۽ نه ڪو زخمي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪ هوائي فوج ترت ڪارروائي نه ڪري ها ته وڏي نقصان جو خدشو هو، بالاڪوٽ ۾ زندگي جو نظام معمول تي رهيو ۽ ننڍي چونڊ ۾ ماڻهن ووٽ ڪاسٽ ڪيا. شاهه محمود قريشي ٻڌايو ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوٽريس کيس فون ڪيو، جنهن دوران هن سيڪريٽري جنرل کي سموري صورتحال کان آگاهه ڪيو ۽ پنهنجي پهرين ۽ ٻئين خط جو ذڪر ڪيو. شاهه محمود قريشي موجب هن گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي ڏانهن سيڪريٽري جنرل جو ڌيان ڇڪرايو ۽ چيو ته گڏيل قومن کي هاڻوڪي صورتحال ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. شاهه محمود قريشي چيو ته يو اين سيڪريٽري جنرل مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي ۽ صورتحال تي ڳڻتي ظاهر ڪئي ۽ هن چيو ته جيڪو ڪردار ادا ڪري سگهان ٿو اهو ڪندس. شاهه محمود قريشي چيو ته ترڪ هم منصب ميولود چاوش اولو کيس فون ڪيو ۽ هاڻوڪي صورتحال بابت آگاهي ورتي.  شاهه محمود قريشي ان موقعي تي چيو ته ڀارتي هوائي فوج جي اڳرائي مودي سرڪار جي سياسي ضرورت ۽ سياسي ڪارروائي آهي ۽ مودي سرڪار پنهنجي سياسي شڪست کي مٽائڻ لاءِ ڀارتي قوم ۽ مخالف ڌر کي بيوقوف بڻائي رهي آهي ۽ سڄي خطي جي امن سان کيڏي رهي آهي. پرڏيهي وزير موجب ترڪي واضح ڪيو ته هو مڪمل طور تي پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت سان گڏ بيٺل آهي ۽ ترڪي سمجهي ٿو ته او آءِ سي ۾ ڀارتي پرڏيهي وزير سشما سوراج جي اچڻ جو ڪو به سبب ناهي رهيو. شاهه محمود قريشي موجب ميولود چاوش اولو چيو ته ڀارت او آءِ سي جي باني ميمبر تي حملو ڪيو آهي، سشما سوراج کي او آءِ سي ۾ گهرائڻ ۽ خطاب جو موقعو ڏيڻ جي ترڪي کليل مخالفت ڪندو. شاهه محمود قريشي مطابق ترڪ پرڏيهي وزير چيو ته ترڪ ڀائرن ۽ ڀينرن جو دعائون ۽ سهڪار پاڪستان سان گڏ آهي.

1Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں