پاڪ فضائيه جو ڀارتي اڳرائي خلاف منهن ٽوڙ جواب، دشمن جي جهازن کي ڀڄائي ڇڏيو، ڀارت اسان جي سرپرائيز جو انتظار ڪري: پاڪ فوج

4Shares

راولپنڊي(م ڊ) ڀارتي فضائيه طرفان لائن آف ڪنٽرول جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي آهي جڏهن ته پاڪ فضائيه جي جوابي ڪارروائي تي ڀارتي جهاز ڀڃي ويا. ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصفغفور ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته ڀارتي ايئرفورس طرفان لائن آف ڪنٽرول جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي آهي جڏهن ته پاڪ فضائيه جوابي ڪارروائي ڪندي پنهنجي جيٽ جهازن جون فوري ۽ بروقت اڏامون ڪيون جنهن کانپوءِ ڀارتي جهاز واپس  ڀڄي ويا. ميجر جنرل آصف غفور پنهنجي هڪ ٻئي ٽوئيٽ ۾ چيو ته ڀارتي جنگي جهاز آزاد ڪشمير جي ٽي کان چار ميل اندر تائين آيا ۽ کليل جاءِ تي پي لوڊ ڪيرائي واپس هليا ويا جڏهن ته حملي ۾ ڪنهن انفراسٽرڪچر يا انساني حياتي کي نقصان نه پهتو ۽ ٽيڪنيڪل ۽ ٻئي ڄاڻ جلد شيئر ڪئي ويندي. آءِ ايس پي آر موجب ڀارتي جهازن مظفرآباد سيڪٽر کان حد اورانگهڻ جي ڪوشش ڪئي جڏهن ته پاڪ فضائيه طرفان بروقت ۽ اثرائتي ڪارروائي جي نتيجي ۾ ڀارتي جهاز بدحواسي ۾ واڌو لوڊ بالاڪوٽ جي علائقي ۾ ڪيرائي ڀڄي ويو جڏهن ته ان واقعي ۾ ڪوبه جاني ۽ مالي نقصان نه ٿيو. ٻئي طرف پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور ڀارت پاران 21 منٽن تائين پاڪستان جي حدن ۾ رهڻ واري بي بنياد دعويٰ کي رد ڪندي چيو آهي ته اچي 21 منٽن تائين پاڪستان جي هوائي حدن ۾ رهي ڏيکاريو، اسان جو جواب مختلف هوندو، ڀارت اسان جي سرپرائيز جو انتظار ڪري، جيڪڏهن پاڪستاني حدن ۾ ڪا ڪارروائي ٿئي ها ته لاش هجن ها، عمارتن جو ڍير ۽ زخمين ۽ مارجي ويلن جو رت هجي ها پر ڪوڙ کي پير نه ٿيندا آهن، ڀارت جي جهازن کي ايل او سي ۾ پاڪستاني حدن ۾ اچڻ ۽ ٻاهر وڃڻ ۾ ڪل 4 منٽ لڳا، اربع تي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس جنهن کانپوءِ وزيراعظم نيشنل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول اٿارٽي جو اجلاس طلب ڪيو آهي مون کي ان جي اهميت ٻڌائڻ جي ضرورت نه آهي، اڱاري تي ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته گذريل ڪجهه ڏينهن کان پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ حالتون ڇڪتاڻ واريون آهن، هن چيو ته هڪ پهاڪو آهي ته بيوقوف دوست کان عقلمند دشمن بهتر هوندو آهي، اسان جي بدقسمتي اها آهي جو اسان جو پاڙيسري ڀارت دشمني ۾ به بيوقوفي ۽ ڪوڙ جو سهارو وٺي ٿو، هن چيو ته وزيراعظم چيو هو ته حملو ڪيو ته جواب لاءِ سوچينداسين نه جواب ڏئي ڇڏينداسين، ڀارت کي واضح ڪيو هو ته جيڪڏهن حملو ٿيو ته  تڪڙو جواب ايندو، هن چيو ته ڀارتي جهازن ايل او سي کي ڪراس ڪيو، ريڊار تي انهن جي پهرين پوزيشن لاهور سيالڪوٽ سيڪٽر ڏانهن وڌندي نظر آئي، هن چيو ته ڀارت جي مختلف ميڊيا چئنلز تان ايندڙ هيڊ لائينز کي به ڏيکاريو ويو، ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته ڀارت 21 منٽن تائين پاڪستاني حدن ۾ رهڻ جي بي بنياد دعويٰ ڪئي آهي، هن چيو ته الله جي ذات وڏي آهي، اسان ڀارت کي چئلينج ڪريون ٿا، اچي 21 منٽن تائين پاڪستان جي هوائي حدن ۾ رهي ڏيکاري، هن چيو ته جنهن ڏينهن کان ڇڪتاڻ شروع ٿي جنگ جي تياري جي طريقي موجب زميني فورسز، هوائي ۽ سامونڊي فوسز اپاءَ وٺي ڇڏيا آهن، هن چيو ته لائين آف ڪنٽرول تي اسان جي فوج مقرر آهي، جڏهن به ڀارتي فوج زميني رستو ورتو ته کيس اتي ئي جواب ملندو، جيئن اسان پلان جوڙي ڇڏيو هو، ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته ڀارت پاڪستان کي پهريان مختلف ٻن هنڌن تي مشغول ڪيو پر پوءِ ڪشمير ۾ ٽئين هنڌ تان گهڙي آيو، هن چيو ته ڀارت جي جهازن کي ايل او سي تي پاڪستاني حدن ۾ اچڻ ۽ ٻاهر وڃڻ تي ڪل 4 منٽ لڳا، هن چيو ته ڀارت هميشه ڪوڙ جو سهارو ورتو آهي، پاڪستان ان جو جواب ڪوڙ سان نه پر سچ سان ڏيندو، ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته ڀارت 350 نه پر رڳو 10 لاش ڏيکاري، هن چيو ته 14 فيبروري کانپوءِ جڏهن کان ڇڪتاڻ وڌي آهي، بارڊر جي ٻنهي پاسن کان پنهنجي پنهنجي هوائي ڪمبٽ پيٽرولنگ ڪن ٿيون جن جي پيٽرولنگ جاري هوندي آهي، هن چيو ته هر وقت ڪمبٽ ايئر پيٽرولنگ جو مشن هوا ۾ رهي ٿو، ائين ئي گذريل رات به هو، هن چيو ته ڀارت پاران اڳ به سرحد ويجهو جهاز آيا هئا پر اهي ايترو وڌيڪ نه آيا هئا جتان اسان کي محسوس ٿئي ها ته اهي پاڪستان جي حدن ۾ داخل ٿيندا، ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته رات جو اسان جو ڪمبٽ ايئر پيٽرول مشن پيرولنگ تي هو، جڏهن ڀارتي جهاز پهريون ڀيرو سيالڪوٽ، لاهور جي علائقي ۾ ريڊار تي سامهون آيا ته اهي ان حد ڏانهن وڌي رهيا هئا جنهن تي اسان جي پيٽرولنگ ٽيم هوا مان ئي انهن جهازن کي چئلينج ڪيو ۽ اهي پاڪستاني حدن ۾ داخل نه ٿي سگهيا، اهي 8 ميل فاصلي تي پنهنجي هوائي حدن ۾ رهيا، هن چيو ته ڀارتي جهازن ويندي ويندي پي لوڊ ڊراپ ڪيو، ان جا 4 بم جبا جي هنڌ تي ڪريا، هن ٻڌايو ته جيڪڏهن اهي مورچي تي اٽيڪ ڪن ها ته فوج ۽ ايئر فورس تيار آهي، جيڪڏهن آرمي جي پوسٽ تي اسٽرائيڪ ٿئي ها ته يونيفارم پهريل اهلڪار شهيد ٿين هان پر ان جو مقصد سولين کي نشانو بڻائڻ هو ته جيئن اهي دعويٰ ڪري سگهن ته انهن دهشتگرد ڪيمپن تي حملو ڪيو، ميجر جنرل آصف غفور چيو ته ڀارت 350 کان وڌيڪ دهشتگردن جي مارڻ جي دعويٰ ڪئي پر مان چوان ٿو ته ڪا هڪ سر به نه ٽٽي آهي، هن چيو ته اسان اڳ به ڀارت جي ڪوڙ کي بي نقاب ڪيو ۽ ڪندا رهنداسين ۽ ڀارت جي ڪوڙ جو جواب سچ سان ڏينداسين، پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته اسان ڀارت وانگر غير جمهوري ملڪ نه پر هڪ جمهوري ملڪ آهيون، سڄي قوم ۽ سياسي قيادت گڏ آهي، هن چيو ته ڀارت حملو نه پر لنگهي آيو ۽ هاڻ اسان جو وارو آهي، اڳ به چيو هو ته ڀارت اسان کي ڪڏهن به سرپرائيز نٿو ڪري سگهي پر اسان ڀارت کي سرپرائيز ڪري سگهون ٿا، اسان جو جواب مختلف هوندو ۽ ڀارت اسان جي سرپرائيز جو انتظار ڪري، هن چيو ته اربع تي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس آهي جنهن کانپوءِ وزيراعظم نيشنل اينڊ ڪنٽرول ڪمانڊ جو اجلاس طلب ڪيو آهي، هن چيو ته عوام ۽ سياسي پارٽيون سڀ متحد آهن، جواب ڪٿي ۽ وقت ڇا هوندو اسان فيصلو ڪنداسين، ڀارت اسان جي سرپرائيز لاءِ تيار رهي.03

4Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں