اسلام آباد(بيورو) قومي سلامتي ڪميٽي بالاڪوٽ ويجهو مبينا دهشتگرد ڪئمپ کي ٽارگيٽ ڪرڻ واري ڀارتي دعويٰ رد ڪري ڇڏي، شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اڄوڪي واقعي کانپوءِ ڀارت لاءِ ڪنهن به قسم جـِي رعايت جي گنجائش ناهي، ڀارتي قدم پاڪستان خلاف اڳرائي آهي، جنهن جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو، صورتحال نازڪ آهي، ڪا به غيرذميواراڻي ڳالهه نه ٿو ڪري سگهان. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنسڀڪندي پرڏيهي وزير چيو ته وزيراعظم پاڪ فوج کي تيار رهڻ جو حڪم ڏنو آهي. هن چيو ته، سياسي قيادت سان رابطي لاءِ 3 رڪني ڪميٽي جوڙي وئي آهي، گڏيل مشاورت سان حڪمت عملي جوڙي ڀارت کي جواب ڏينداسين. هن چيو ته ڪميٽي ڀارت جي بالا ڪوٽ ۾ وڏي پيماني تي ماڻهو مارڻ واري دعوائن کي رد ڪري ڇڏيوآهي. شاهه محمود قريشي چيو ته اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته پاڪستان وقت ۽ هنڌ جو تعين ڪري جوابي ڪارروائي ڪندو. هن چيو ته، قوم کي اعتماد ۾ وٺڻ لاءِ پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته وزيراعظم نيشنل ڪمانڊ اٿارٽي جو خصوصي اجلاس اڄ طلب ڪري ورتو آهي. پرڏيهي وزير چيو ته ڀارت جو اهو قدم پاڪستان خلاف جارحيت آهي، پاڪستان ڀرپور جواب ڏيندو. هن چيو ته، دفاع واري وزير ۽ ناڻي وزير جي اڳواڻي ۾ 3 رڪني ڪميٽي به بڻائي وئي آهي، جيڪا پاڪستان جي سياسي قيادت کي صورتحال تي اعتماد ۾ وٺندي ۽ مشاورت ڪندي. پرڏيهي وزير چيو ته، پاڪستان ۾ عالمي ميڊيا کي موقعي تي وٺي وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي، موسم ٺيڪ رهي ته عالمي ميڊيا کي واقعي واري هنڌ وٺي وينداسين. شاهه محمود قريشي چيو ته، ڀارتي جهاز رات 2 لڳي 55 منٽن تي پاڪستاني حدن ۾ داخل ٿيا، پاڪستان ايئرفورس جي وقت سر جوابي ڪارروائي تي ڀارتي جهازن کي پوئتي هٽڻو پيو. هن چيو ته، صورتحال هن وقت به نازڪ آهي، ڪا به غيرذميواراڻي ڳالهه نه ٿو ڪرڻ چاهيان، اسان جي جهازن دير نه ڪئي، اهي تيار هئا. پرڏيهي وزير چيو ته جيڪڏهن پاڪ فضائيا کي خبر نه هجي ها ته ڀارتي جهاز ايمونيشن ڪرائي ڀڄي فرار نه ٿين ها. شاهه محمود قريشي چيو ته، ڪرتارپور پراڻو مطالبو هو، جنهن کي پاڪستان پورو ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته، ڪرتارپور خيرسگالي پيغام هو، جيڪو پاڪستان ڏنو. شاهه محمود قريشي چيو ته، ڪرتارپور راهداري اسان بند ڪرڻ لاءِ نه کوليو هو، ڀارت طرفان ڪرتارپور جا رستا سياست جي ڪري بند آهن. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي واضح ڪيو آهي ته پاڪستان ايئرفورس ڪنهن به ايڊونچر لاءِ هر وقت تيار آهي اسان جي فوج جي بروقت مداخلت سان ڀارت کي ناڪام ٿيڻو پيو پاڪستاني قوم کي باخبر رکڻ اسان جي ذميواري ۽ صحيح حقيقتون ٻڌائڻ اسان جو فرض آهي موجوده حڪومت پنهنجون ذميواريون نڀائڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي ڀارتي جهاز 2 لڳي 55 منٽن تي داخل ٿيا اسان جي فورس جي بروقت ڪارروائي تي 58 منٽن تي نڪري ويا اڳرائي جو جواب ڏيڻ اسان جو حق آهي ۽ قوم مايوس نه ٿيندي هن وقت صورتحال نازڪ آهي جيڪڏهن پاڪستان جي هوائي فوج کي خبر نه هجي ها ته جواب ڪيئن ڏنو وڃي ها پاڪستان جو ٻچو ٻچو رڪ جي ڀت بڻجي ملڪ جي جاگرافيائي سرحدن جي حفاظت لاءِ پنهنجي فوج سان گڏ بيٺو آهي. اجلاس ۾ شامل ٿيندڙن چيو ته ڀارت جي دعويٰ ڪوڙي آهي ۽ هي قدم اليڪسن جي ماحول جي ڪري کنيو ويو آهي هن قدم سان خطي جو امن ۽ سلامتي سخت خطري ۾ وڌي ويئي آهي انهن چيو ته ڀارت جنهن علائقي ۾ ڪارروائي جي دعويٰ ڪئي آهي اهو سڄي دنيا لاءِ کليل آهي جتي حقيقتن جو جائزو وڍي سگهجي ٿو ان سلسلي ۾ مقامي ۽ بين الاقوامي ميڊيا کي ڄاڻايل هنڌ تي وٺي وڃڻ جو فيصلو ڪيو ويو پرڏيهي وزير چيو ته وزيراعظم عمرانخ ان سعودي عرب جي ڪرائون پرنس ۽ يو اي اي جي ڪرائون پرنس سان ڳالهايو ۽ انهن او آءِ سي جي اجلاس تي پاڪستان جو موقف پيش ڪيو هن چيو ته اڄ صورتحال تبديل ٿي چڪي آهي اڄ اڳو آءِ سي جي باني ميمبر جي خلاف اڳرائي ڪئي ويئي پرڏيهي وزير چيو ته واقعو پلواما ۾ ٿئي ٿو ۽ هندستان جي 10 رياستن ۾ مسلمانن جي زندگي عذاب بڻائي وڃي ٿي هن چيو ته ڪشمير ۾ نوجوانن کي شهيد ڪيو پيو وڃي مٿن تشدد ڪيو پيو وڃي هن چيو ته قومي سلامتي ڪميٽي جي گڏيل راءِ آهي ته هي پاڪستان جي خلاف جارحيت آهي ۽ پاڪستان ان جو جواب ڏيندو. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ڀارتي جهازن جي حدون اورانگهن کانپوءِ صورتحال تي بريفنگ ڏني جڏهن ته فوجي قيادت ڪنهن به صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجي تيارين کان آگاهه ڪيو اجلاس کي پاڪ فضائيه جي جهازن جي فوري ريسپانس جي حوالي سان بريف ڪيو ويو سيڪيورٽي اختيارين بريفنگ ۾ ٻڌايو ته زميني ۽ هوائي سرحدن نگراني جو مضبوط مڪينزم موجود آهي ذريعن موجب اجلاس ۾ ڀارتي هوائي اڳرائي جو معاملو فوري طور تي عالمي سطح تي اٿارڻ جو فيصلو ڪيو ويو جنهن جي تحت پاڪستان اهو معاملو او آءِ سي دوست ملڪن ۽ گڏيل قومن ۾ فوري طور اٿاريندو.03
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟