اسلام آباد(بيورو) اپوزيشن لائن آف ڪنٽرول جي ڀڃڪڙي تي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري جي سربراهي ۾ قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران اعتراضي نقطي تي خورشيد شاهه چيو ته وزيراعظم چوندو هو ته ڀارت جارحيت ڪئي ته سوچينداسين به نه ۽ سوچڻ گهرجي به نه، اسان جنگ جي حالت ۾ اچي ويا آهيون، پارليامينٽ ويهي ۽ فيصلو ڪري، اسان کي ڀارت ۽ دنيا کي ڏيکارڻو آهي ۽ پورو ملڪ گڏ رکڻو آهي. مسلم ليگ ن جي خواجا آصف چيو ته جهڙي طرح هي حڪومت هلائي رهيا آهن ايئن حڪومت ناهي هلندي، او آءِ سي ۾ سشما سوراج کي گهرائڻ پاڪستان جي توهين آهي سفارتي س طح تي اسان جي ناڪامي آهي جو ڀارتي پرڏيهي وزير کي او آءِ سي ۾ گهرايو ويو، اسان کي ان معاملي تي او آءِ سي جي اجلاس جو بائيڪاٽ ڪرڻ گهرجي. مسلم ليگ ن جي سردار اياز صادق چيو گذريل پنجن سالن ۾ پاڪستان اسلامي تعاون جي تنظيم جي هر پارلياماني ميٽنگ ۾ شرڪت ڪئي، پر هاڻ پاڪستان کي ڪنهن صورت او آءِ سي جي اجلاس ۾ نه وڃڻ گهرجي، او آءِ سي جي همت ڪيئن ٿي جو هن ڀارت کي گيسٽ آف آنر گهرايو، ڇا ڀارت کي دعوت ڏيڻ کان اڳ پاڪستان کان پڇيو ويو هو. پارلياماني معاملن بابت مملڪتي وزير علي محمد خان جو چوڻ هو ته ڀارت رات جي اونداهي ۾ بزدلاڻي ڪارروائي ڪئي، اسان جي امن جي خواهش کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي، ڀارت بزدلاڻي حرڪن کان پاسو نه ڪيو ته جواب ڏيڻ ڄاڻون ٿا، ڀارت جا هزارين ٽڪرا ڪيا ويندا. جي يو آءِ ف جي مولانا اسعدالرحمان جو چوڻ هو ته ڀارت جارحيت جي مذمت ڪريون ٿا، اسان پاڪستان جي سالميت تي سوديبازي به ڪنداسين، حڪومت کي ان حوالي سان هڪ گڏيل پاليسي ڏيڻ گهرجي. عوامي نيشنل پارٽي جي امير حيدر هوتي چيو ته ايوان جي ميمبر جي حيثيت سان فخر آهي ته ان معاملي تي مڪمل اتحاد جو مظاهرو ڪيو ويو، اختلاف راءِ هڪ قدرتي عمل آهي، اسان کي حڪومت سان ۽ حڪومت کي اسان سان شڪايتون هونديون پر جڏهن ملڪي سلامتي جو معاملو هوندو آهي ته ملڪ سڀ کان پهريان هوندو آهي، ڀارت ۾ هن وقت اليڪشن آهي، مودي صاحب خطي جي سلامتي کي داءُ تي لڳائي ڇڏيو آهي. ٻئي طرف نواز ليگ اڳواڻ خواجا آصف چيو ته او آءِ سي ۾ ڀارت جي شرڪت اسان لاءِ توهين آهي، ڀارتي ڀڃڪڙي سلامتي جو معاملو آهي، ان معاملي تي سڄي قوم متحده آهي، ڀارت طرفان هڪ پيغام وڃڻ گهرجي ته سڄو ملڪ پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي. خواجا آصف چيو ته او آءِ سي ۾ ڀارت جي شرڪت اسان لاءِ توهين آهي، ڪشميرين جو رت وهايو پيو وڃي ته ٻئي طرف او آءِ سي ۾ ڀارت کي گهرايو پيو وڃي. هن چيو ته بالاڪوٽ ۾ ڇا ٿيوآ هي، ان جا تفصيل اچڻ اڃا باقي آهن، پر ميڊيا تي تفصيل اچي ويا آهن. نواز ليگ اڳواڻ چيو ته، هي مسئلو اسان جي موت جو مسئلو آهي، اسان فوج سان گڏ آهيون، اسان ايوان ۾ ڪا به اختلافي ڳالهه نه ٿا ڪرڻ چاهيون، جنهن سان ماحول خراب ٿئي. هن چيو ته اسان جو هڪ دوست ملڪ ان ملڪ کي بيسٽ آف آنر جو درجو ڏئي رهيو آهي، جنهن سبب اسان کي ان اجلاس جو به بائيڪاٽ ڪرڻ گهرجي. خواجا آصف چيو ته، پاڪستان جو 22 ڪروڙ عوام پنهنجي سرحدن جي حفاظت چاهي ٿو ۽ پنهنجي عزت چاهي ٿو ۽ اهو تحفط فوج کي ڏيڻو آهي. نواز ليگ اڳواڻ چيو ته، ڪشمير معاملي تي به اسان گڏ آهيون، ڪشميرين جي مدد تي گهٻرائڻ نه گهرجي. هن چيو ته، اسان طرفان پيغام وڃڻ گهرجي ته اسان جا اختلاف پنهنجا آهن پر هن معاملي تي سڄو پاڪستان متحد آهي. خورشيد شاهه جي مطالبي جي حمايت ڪندي خواجا آصف چيو ته هي معاملو قومي سلامتي جو معاملو آهي، پارليامينٽ جي گڏيل سيشن جو اجلاس گهرايو وڃي. خواجا آصف چيو ته سڄي قوم فوج سان گڏ آهي، هن وقت سياست نه ڪئي وڃي، هي اتحاد ۽ قومي يڪجهتي جو مسئلو آهي. خورشيد شاهه چيو ته اسان جنگ واري حالت ۾ آهيو، پارليامينٽ ويهي فيصلو ڪري، اسان ڀارت ۽ دنيا کي ڏيکارن چاهيون ٿا ته سڄو ملڪ متحد آهي. اپوزيشن جماعتن ڀارتي ايئرفورس طرفان پاڪستاني سرحدن ۾ داخل ٿيڻ تي حڪومت کان پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي خورشيد شاهه چيو ته اسان جنگ واري حالت ۾ آهيو، پارليامينٽ ويهي فيصلو ڪري. هن چيو ته، اسان ڀارت ۽ دنيا کي ڏيکارڻ چاهيون ٿا ته سڄو ملڪ متحد آهي. پيپلزپارٽي اڳواڻ چيو ته، وزيراعظم چئي ٿو ته ڀارت جارحيت ڪئي ته اسان نه سوچينداسين ۽ ايئن سوچڻ به نه گهرجي. هن چيو ته، ايوان جي ان معاملي تي متحده ٿيڻ جي ضرورت آهي، اڄ وزيراعظم کي هتي هئڻ گهرجي ها، ٿي سگهي ٿو ته حڪومتي بئنچن جي ڪا مجبوري هجي. خورشيد شاهه چيو ته ڀارت ياد رکي ته جهاد اسان لاءِ حلال آهي ۽ ايمان جو حصو آهي، تجربو اسان جو گهڻو آهي، اپوزيشن ڳالهائي ته تاثر ويندو آهي. خورشيد شاهه چيو ته پاڪستان سرڪار ڀارتي مداخلت کي سنجيدگي سان ڏسي، ملڪي سلامتي تي سمورا سياستدان هڪ پيج تي آهن. پيپلزپارٽي اڳواڻ چيو ته جنگي حالتون آهن، اسان کي هندستان کان گهٽ نه سمجهيو وڃي، پارليامينٽ جو گڏيل سيشن گهرايو وڃي. هن چيو ته، اپوزيشن جي اپيل آهي ته ٻن ٽن ڏينهن لاءِ پارليامينٽ فيصلو ڪري ۽ پارليامينٽ جي فيصلن تي حڪومت کي عمل ڪرڻو پوندو. خورشيد شاهه چيو ته، آئون سڀني ميمبرن کي اپيل ڪيان ٿو ته ڪا به اهڙي ڳالهه ايوان ۾ نه ڪئي وڃي، جنهن سان صورتحال خراب ٿئي.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟