سنڌ اسيمبلي ۾ ڀارتي اڳرائي خلاف مذمتي ٺهراءُ هڪ راءِ پاس، پاڪ فوج کي ڀيٽا پيش

1Shares

ڪراچي (چيف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ڀارتي فضائيه پاران لائن آف ڪنٽرول جي خلاف ورزي تي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي اهڙي عمل خلاف هڪ متفقه طور مذمتي قرارداد منظور ڪري ورتي، قراردادپيپلز پارٽي، پي ٽي آءِ ۽ ايم ڪيو ايم پاران پيش ڪئي وئي هئي جنهن جي حمايت اپوزيشن جي ٻين گروپن به ڪئي. قرارداد ۾ پاڪ فضائيه جي بروقت ڪارروائي کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو جنهن ڀارتي جهازن کي ڀڄڻ تي مجبور ڪيو. قرارداد ۾ پاڪ وطن جي سرحدن جي حفاظت تي پاڪستان جي هٿياربند فوج کي شاندار لفظن ۾ خراج تحسين پيش ڪيو ويو. اسپيڪر آغا سراج دراني چيو ته بهادر فوج دشمن کي منهن ٽوڙ جواب ڏئي ڀڄڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. ايوان ۾ اهڙي قرارداد واري موقعي تي مڪمل يڪجهتي وارو ماحول نظر آيو، حڪومت ۽ اپوزيشن جي ميمبرن هڪ زبان ٿي ڀارت کي خبردار ڪيو آهي ته پاڪستان جو دفاع بهادر فوج جي هٿن ۾ آهي جنهن کي سڄي قوم جي مڪمل حمايت حاصل آهي. تفصيل موجب ڪالهه سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ منجهند جو شروع ٿيو. ڪارروائي جي شروعات ۾ ملڪي سلامتي لاءِ خصوصي طور دعا گهري وئي. ان موقعي تي آغا سراج دراني چيو ته سنڌ اسيمبلي جو سڄو ايوان ڀارتي جارحيت خلاف ان جي ڀرپور مذمت ڪري ٿو. هن چيو ته اسان جي بهادر فوج دشمن کي منهن ٽوڙ جواب ڏئي ڀڄڻ تي مجبور ڪيو آهي. اسپيڪر چيو ته اسان سڀ پنهنجي بهادر فوج سان گڏ آهيون. ان موقعي تي ايوان ۾ ڀارتي فضائيه پاران لائن آف ڪنٽرول جي خلاف ورزي ڪرڻ تي واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي جنهن بابت پيپلز پارٽي، پاڪستان تحريڪ انصاف، ايم ڪيو ايم پاران ڀارتي جارحيت خلاف مذمتي قرارداد پيش ڪئي وئي جنهن تي ايوان ۾ مختلف ميمبرن خيالن جو اظهار ڪندي ڀارتي فضائيه پاران پاڪستاني سرحدن جي ڀڃڪڙي واري عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته ڀارت رات جي اونداهي ۾ بزدلن وانگر سرحدن جي خلاف ورزي ڪئي پر پاڪستاني شاهينن ڀارتي جهازن کي ڀڄڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. ميمبرن جو چوڻ هو ته گجرات جي قصائي مودي جو جنگي جنون تمام جلد پنهنجي موت پاڻ مري ويندو. پ پ جي عورت ميمبر سعديه جاويد قرارداد جي حمايت ۾ ڳالهائيندي چيو ته پاڪستاني شاهين دنيا ۾ پنهنجو مثال پاڻ آهن جن ڀارت کي ڀڄڻ تي مجبور ڪيو. هن چيو ته پاڪستان هڪ اٽل حقيقت آهي ۽ هميشه قائم رهندو پاڪستان هميشه دهشتگردي جي مذمت ڪئي آهي. قرارداد پيش ڪندڙ ايم ڪيو ايم جي عورت ميمبر منگلا شرما چيو ته ڀارت ڪنهن غلط فهمي جو شڪار نه ٿئي پاڪستاني قوم ۽ فوج پنهنجي وطن جو دفاع ڪرڻ ڄاڻي ٿي. ايم ايم اي جي ميمبر سيد عبدالرشيد چيو ته ڀارت جو جنگي جنون لائن آف ڪنٽرول تي نظر اچي رهيو آهي اسان جنگ جهاد جي صورت ۾ وڙهنداسون. ڀارت کي آمريڪا ۽ روس جي شڪست به پنهنجي سامهون رکڻ گهرجي پوري قوم پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي. جي ڊي اي جي نصرت سحر عباسي چيو ته ڀارت صرف ڌمڪيون ڏئي سگهي ٿو پر ان ۾ جنگ ڪرڻ جي جرئت ڪڏهن به نٿي ٿي سگهي. هن چيو ته الله اڪبر جي نعري تي ڀارتي فوج ڀڄڻ تي مجبور ٿي ويندي آهي. نصرت سحر چيو ته اسان جي قائد پير پاڳارو ۽ اسان پنهنجو پاڻ کي ڀارت خلاف جنگ لاءِ پيش ڪريون ٿا. هن ڀارتي فلمن ۽ ڊرامن جو بائيڪاٽ ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ۽ چيو ته اسان ڀارت جي ٽماٽن تي به لعنت وجهون ٿا اسان پاڻ ٽماٽا پيدا ڪنداسين. هن چيو ته مودي اليڪشن کٽڻ لاءِ جنگي جنون پيدا ڪري رهيو آهي جيڪو جلد پنهنجي موت پاڻ مري ويندو. پي ٽي آءِ جي فرخ احمد شاهه چيو ته مودي مسلمانن جو قاتل ۽ گجرات جو قصائي آهي قوم پاڪ فوج سان گڏ آهي. پ پ ميمبر سريندر ولاسائي چيو ته پاڪستان ڏانهن جيڪڏهن ميري اک کڻي ڏٺو ويو ته ان جون اکيون ڪڍي ڇڏينداسون. پي ٽي آءِ جي شهزاد قريشي چيو ته تحريڪ انصاف ۽ سڄي قوم ڀارت خلاف متحد آهي، ڀارت جنگ جي ميدان ۾ اسان جو ڪهڙو مقابلو ڪندو هو ته راندين جي ميدان مان به ڀڄي رهيو آهي. پي ٽي آءِ جي جمال صديقي چيو ته ملڪ محفوظ هٿن ۾ آهي، وزيراعظم ڀارت کي ڀرپور جواب ڏنو آهي. ڀارت کي پاڪستاني فوج ڀڄڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو، هو اسان جي فوج جو مقابلو نٿو ڪري سگهي، پاڪ فوج جي سپاهه سالار قمر جاويد باجوه سان سڄي قوم ڀارت سان جنگ ڪرڻ لاءِ تيار آهي، ڀارت کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو. صوبائي وزير مخدوم محبوب الزمان چيو ته جنگي جنون تي ڀارت صرف واويلا ڪري رهيو آهي پاڪستان ايٽمي ملڪ آهي اسان جي فوج دفاع لاءِ تيار آهي، مودي کي اليڪشن کٽڻي آهي ته هو ڪارڪردگي جي بنياد تي کٽي جنگي جنون سان اليڪشن کٽي نٿي سگهجي. پي ٽي آءِ جي ميمبرن عمران شاهه، جمال صديقي، ارسلان تاج ۽ ٻين چيو ته اسين ڀارت سان جنگ وڙهڻ لاءِ محاذ تي وڃڻ لاءِ به تيار آهيون. پ پ جي غزاله سيال چيو ته ڀارت کي ڀرپور جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهيون ۽ اڄوڪي مذمتي قرارداد جي حمايت ڪريون ٿا. جي ڊي اي جي نند ڪمار گوڪلاڻي چيو ته پاڪستاني هندو برادري ملڪ جي لاءِ هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهي. مودي اليڪشن کٽڻ لاءِ اهڙا قدم کڻي رهيو آهي، مودي جنگ ڪئي ته ان کي ڏينهن جا تارا نظر اچي ويندا. حر فورس جون 4 بٽالين پاڪ فوج ۾ آهن، ضرورت پئي ته وڌيڪ بٽالين ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. پ پ جي مراد علي شاهه سينيئر چيو ته مودي ڀارت جي ڪيترين ئي رياستن ۾ چونڊون هارائي ويٺو آهي ان لاءِ هو ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي. پ پ جي ذوالفقار شاهه چيو ته عالمي برادري مظلوم ڪشميري مسلمانن خلاف ڀارتي ظلم جو نوٽيس وٺي. پ پ جي هير اسماعيل سوهو چيو ته قوم ڀارت جي جارحاڻي عزم خلاف لوهه ديوار ثابت ٿيندي، هاڻي جيڪڏهن جارحيت ڪئي وئي ته ڀرپور جواب ڏنو ويندو ۽ آئنده ڪنهن ڀارتي جهاز پاڪستاني حدن ۾گهڙڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان کي تباهه ڪيو ويندو. ڀارت پاڪستان جي امن واري خواهش کي ڪمزوري نه سمجهي. سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ جهوني پارليامينٽرين سيد قائم علي شاهه چيو ته ڪشميري عوام 70 سالن کان پنهنجي آزادي لاءِ جدوجهد ڪري رهيو آهي هي جديد هٿيارن سان ٻڌل فوج جو پنهنجي جذبي سِرن ۽ پٿرن سان مقابلو ڪري رهيو آهي. هن چيو ته پاڪ فوج ۽ عوام جو جذبو قابل تحسين آهي، انشاءَ الله ڀارتي مودي جو جنگي جنون پنهنجي موت پاڻ مري ويندو، بعد ۾ اهڙي قرارداد متفقه طور منظور ڪئي وئي جنهن بعد اجلاس اڄ اربع ڏينهن منجهند جو ٻنپهرن تائين ملتوي ڪيو ويو.03

1Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں