فٽبال ورلڊ ۾ وڌيڪ هڪ اپ سيٽ، روس جي ٽيم اسپين کي ٻاهر ڪري ڇڏيو

0Shares

ماسڪو (اسپورٽس نيوز) روس جي ٽيم اڳوڻي عالمي چيمپيئن کي اپ سيٽ شڪست ڏئي فيفا ورلڊ ڪپ کان ٻاهر ڪري ڇڏيو. پري ڪوارٽر فائنل مرحلي جي ٽين ميچ ۾ ميزبان روس ۽ اسپين جون ٽيمون آمهون سامهون ٿيون، جنهن جي پهرين هاف ۾ ٻنهي ٽيمن طرفان هڪ – هڪ گول ڪيو ويو، جڏهن ته ٻئي هاف ۾ ڪوششن باوجود ڪا به ٽيم گول نه ڪري سگهي، جنهن کانپوءِ ٻنهي ٽيمن کي واڌو وقت ڏنو ويو، ان ۾ پڻ ٻئي ٽيمون گول ڪرڻ ۾ ناڪام رهيون. نيٺ ميچ جو فيصلو پينلٽي آئوٽ شوٽ تي ٿيو، جنهن ۾ روس جي ٽيم اسپين کي ٽن جي ڀيٽ ۾ چئن گولن تان شڪست ڏئي ايونٽ کان ٻاهر ڪري ڇڏيو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں