سنڌ جي ڊاڪٽرن جو پگهار پنجاب برابر ڪرڻ ۽ استادن جي ڀرتين لاءِ پاسنگ مارڪس 60 مان گهٽائي 50 سيڪڙو ڪرڻ جي منظوري

8Shares

ڪراچي (چيف رپورٽر) سنڌ ڪابينا گريڊ 17 کان گريڊ 20 جي ڊاڪٽرن جو پگهارون صوبي پنجاب جي برابر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي پگهارن ۾ اضافي سان سرڪاري خزاني تي 5.6 بلين رپئي جو بار پوندو ڪابينا جي ميمبرن ڊاڪٽرن جي پگهارن ۾ اضافي کي سٺي ڪارڪردگي سان مشروط ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي. اجلاس ۾ سروس اسٽيڪچر ٿري ٽائرز فارمولي تحت ڪرڻ ۽ ڊاڪٽرن جا سمورن الاوءُنسز ٻين صوبن خاص طور تي پنجاب جي برابر ڪرڻ تي غور ڪيو ويو ۽ فيصلو ڪيو ويو 15000  رپيا مهينو هائوس آفيسرن کي اضافي ڏنو ويندو جڏهن ته 10 هزار رپيا مهينو پوسٽ گريجوئيٽ کي اضافي ڏنو ويندو اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته قانون سازي تحت صحت کاتي، تعليم ۽ صحت جي ادارن ۾ پگهارن ۾ اضافو ڪار ڪردگي جي بنياد تي ٿيندو. وڌيڪ نوان ڊاڪٽر ڀرتي ڪيا ويندا ۽ انهن نون ڊاڪٽرن جي ڀرتي مخصوص اسپتالن جي  بنياد تي ڪئي ويندي جتان کان هو بدلي نه ٿي سگهندا پگهارن ۾ واڌ فيبروري کان لاڳو ٿيندي. ان ڳالهه جو فيصلو سنڌ ڪابينا جي اجلاس م ڪيو ويواجلاس ۾ 30 آئٽم تي غور ويچار ڪرڻو هو پر وقت جي گهٽتائي سبب 21 آئيٽم تي بحث ٿي ڪابينا جو آئنده اجلاس اربع تي گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي اجلاس ۾ ڪيل  فيصلن جي تفصيل ٻڌائيندي صوبائي صلاحڪار اطلاعات بيريسٽر مرتضٰي وهاب ٻڌايو ته ڪابينا جي اجلاس ۾ ڀارتي رويي ۽ ڪشميرين تي ظلم جي مذمت ڪئي وئي. ۽ چيو ويو ته ڀارت اسان کي ميري اک سان نه ڏسي سنڌ حڪومت ڪسمير جي مسئلي تي وفاقي حڪومت سان گڏ بيٺي آهي گڏيل قومن ۾ ان مسئلي کي ٻيهر کڻڻ لاءِ حڪومت پاڪستان اپاءُ وٺي ڪابينا اسپيڪر آغا سراج دراني جي گرفتاري ۽ گهر تي ڇاپي جي مذمت ڪئي، اجلاس ۾ ڪئي ويل فيصلن جي تفصيلات ٻڌائيندي صوبائي صلاحڪار اطلاعات،قانون ۽ اينٽي ڪرپشن بيريسٽر مرتضٰي وهاب وڌيڪ چيو ته ڪابينا صحت کاتي، ۽ پي پي ايڇ آئي وچ ۾ ايم او يو تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي پي پي ايڇ آئي سنڌ حڪومت جي سهڪار سان 1176 بنيادي صحت مرڪزن جي ذريعي صحت جون سهولتون فراهم ڪري رهي آهي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته پي پي ايڇ آئي جي انتظاميه ايندڙ پنجن سالن لاءِ معاهدي ۾ توسيع لاءِ درخواست ڪئي هئي.جنهن کي صوبائي ڪابينا منظور ڪري ورتو آهي اها توسيع 6 ڊسمبر 2018 کان ڊسمبر 2023 تائين هوندي پي پي ايڇ آئي صوبي جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ هيلٿ سروسز کي بهتر ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. پي پي ايڇ آئي جي ٿرڊ پارٽي کان مانيٽرنگ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو ان سان گڏ سنڌ حڪومت پي پي ايڇ آئي سان ٺاھ ۾ وڌيڪ 5 سالن جي توسيع ڪئي وئي آهي سنڌ ڪابينا پي پي ايڇ آئي جي ڪمن کي ساراهيو آهي صلاحڪار اطلاعات وڌيڪ چيو ته سنڌ ڪابينا ڪراچي ميديڪل اينڊ ڊينٽل ڪالج کي يونيورسٽي جو درجو ڏيڻ جي بل جي اصولي منظوري ڏني آهي ۽ هڪ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي جيڪا بل ۾ ضروري ترميم ڪري سنڌ اسيمبلي موڪليندي ڪميٽي ۾ وزير بلديات، وزير صحت ۽ ميئر ڪراچي کي نامزد ڪيو ويو آهي. هن ٻڌايو ته سنڌ ڪابينا فيڪلٽي کي سينڊيڪيٽ ۽ بورڊ آف گورنر جي نامزدگي جا اختيار وزيراعلٰي سنڌ جي حوالي ڪري ڇڏيا .جڏهن ته ناصر سلمان کي ڪراچي يونيورسٽي جو سينڊيڪيٽ ميمبر مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي ان کان علاوه سنڌ گورنمينٽ چلڊرين اسپتال نيو ڪراچي جو بجيٽ جاري ڪرڻ تي به غور ڪيو ويو آهي اها اسپتال پاورٽي ايجوڪيشن انيشٽيو( پي اي آئي) جي تحت هلائي پئي وڃي. پي اي آئي کي 439.8 ملين رپيا به جاري ڪيا ويا آهن صوبائي ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته آڊٽ جا ڪجهه اعتراض هئا، جنهن جي ڪري گذريل 18 مهينن کان اسپتال جا فنڊ روڪيا ويا هئا هاڻي آڊٽ اعتراض ڪليئر ٿي ويا آهن ۽ سنڌ حڪومت 18 مهينن کان روڪيل فنڊ جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني جڏهن ته فيصلو ڪيو ويو سنڌ حڪومت ۽ پي اي آئي جي ٺاھ جي تجديد ڪئي ويندي جنهن سان ٿرڊ پارٽي آڊٽ ٿي سگهندي صلاحڪار اطلاعات بيريسٽر مرتضٰي وهاب وڌيڪ چيو ته اي او بي آئي جي بورڊ آف ٽرسٽيز۽ آڪيوپيشنل سيفٽي ۽ هيلٿ ڪائونسل جي قيام جي منظوري ڏني آهي جڏهن ته سنڌ ۾ بي سهارا عورتن جي لاءِ سيف هائوسز جي قيام جي منّظوري ڏئي ڇڏي آهي.اها تجويز سوشل ويلفيئر ڊيپارٽمينٽ پاران ڏني وئي هئي ان هائوسز جي قيام جي لاءِ 5 ملين رپيا سالانه بجيٽ جي منظوري جي تجويز به ڏني وئي آهي سنڌ ڪابينا جي اجلاس کي ٻڌايو ويو ته بي سهارا عورتن لاءِ سيف هائوسز جي لاءِ ڊضلعي ڪاميٽيونجوڙيون ويون آهن جنهن جي سربراهي ڊپٽي ڪمشنر ڪندو ۽ وزيراعلٰي سنڌ سيد مراد علي شاهه سيف هائوسز جي لاءِ قانون جوڙڻ جي هدايت به ڪري ڇڏي آهي. اهي سيف هائوسز هر ضلعي ۾ قائم ڪيا ويندا هن ٻڌايو ته ڪابينا اجلاس ۾ اروڙ يونيورسٽي آف آرٽ، آرڪيٽيڪچر،ڊيزائن ۽ هيرٽيج سکر بل 2008 ڪابينا ۾ پيش ڪيو ويو جيڪو ڪابينا منظور ڪري ورتو ۽ اسيمبلي موڪلڻ جي هدايت ڪري ڇڏي وزيراعلٰي سنڌ چيو ته اهو هڪ شاندار ادارو هوندو ۽ ان جي فيڪلٽي جي لاءِ بهترين ماهرين مقرر ڪيا ويندا سنڌ ڪابينا سنڌ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن اينڊ ووڪيشنل ٽريننگ اٿارٽي ايڪٽ 2009 جي سيڪشن 5 (2) ۾ ترميم جي منظوري ڏني آهي ڪابينا سيڪريٽري اسڪولز ۽ سيڪريٽري ڪالجز کي اسٽيوٽا بورڊ جو ميمبر مقرر ڪرڻ جي به منظوري ڏني سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ مختلف ڪاميٽن جي سفارشن جي روشني ۾ لينڊ روينيو ايڪٽ 1976 ۾ ڪجهه ترميم تي غور ڪيو ويو اها ترميم سيڪشن 52 لينڊ ايجوڪيشن ايڪٽ 1894 جي سيڪشن 3 ۽ سيڪشن 23 (2 ) ۾، سيڪشن3 ( سي ) جي تجويزن ۾ ڪابينا ترميم منظور ڪندي سنڌ اسيمبلي کي موڪلڻ جي منظوري ڏني آهي  ڪابينا اجلاس ۾ ڪي فور پروجيڪٽ جي ڊيزائن رويو جي لاءِ نيسپاڪ جون خدمتون حاصل ڪرڻ تي غور ڪيو ويو ۽ ٻڌايو ويو ته ڪي فور پروجيڪٽ 25.551 بلين رپين جو هيو ۽ ان جا 50 سيڪڙو فنڊز سنڌ ۽ 50 سيڪڙو وفاقي حڪومت کي ڏيڻا هيا هاڻي ڪي فور جا وڌيڪ معاملا سامهون آيا آهن جيڪي ڪرڻا آهن انهن ڪمن ۾ 50 ميگاواٽ جو پاور پلانٽ، ڪجهه روٽس ۾ تبديلي وغيره شامل آهن سيڪريٽري بلديات خالد حيدر شاهه ۽ وزير بلديات سعيد غني ڪابينا کي انهي سلسلي ۾ تفصيلي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته وفاقي حڪومت جي به خواهش آهي ته نيسپاڪ ڪي فور جي ڊيزائن  جي نظرثاني ڪري، حيسڪو بجلي فراهم ڪرڻ لاءِ اراضي نه آهي ، ان جي لاءِ ڪي لائن پاور پراجيڪٽ لڳائي رهيا آهيون  ڪابينا ڪي فور پروجيڪٽ جي لاءِ نيسپاڪ جون خدمتون حاصل ڪرڻ جي منظوري ڏيندي ٽي آر او جلد جوڙڻ جي هدايت ڏني صلاحڪار اطلاعات وڌيڪ ٻڌايو ته اجلاس ۾ جونيئر اسڪول ٽيچرز بي پي ايس 14 ۽ ارلي چائلڊ هوڊ ٽيچرز بي پي ايس 15 جي ڀرتين جي معيار تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ ٻڌايو ويو ته هن وقت نئن ڀرتين جي لاءِ اميدارن جا پاسنگ مارڪس 60 فيصد آهن انهن کي 50 فيصد ڪيو وڃي اسڪول ايجوڪيشن جي ان درخواست جي به منظوري ڏني وئي2017 جر ڀرتي پاليسي تي نظرثاني جو فيصلو ڪيو ويو اهو فيصلو اسڪولن کي بهتر انداز ۾ فعال ڪرڻ جي پيش  نظر ڪيو ويو  اجلاس ۾ ڪمشنر ميرپور خاص ۽ ڪمشنر شهيد بينظيرآباد کي ڪچي آبادي اٿارٽي جو ميمبر بنائڻ جي منظوري ڏني وئي جڏهن ته ٿرڪول فيلڊ جي لاءِ ايل بي او ڊي واٽر سپلائي اسڪيم نصيرآباد جي لاءِ نيسپاڪ جي خدمتون حاصل ڪرڻ تي به غور ڪيو ويو. ان موقعي تي سيڪريٽري آبپاشِي ڪابينا کي ٻڌايو ته ايل بي او ڊي جي پاڻي جو معيار تمام خراب آهي  ان پاڻي کي الٽرافلٽريشن ميمبرين سسٽم جي ذريعي صاف ڪري سگھجي ٿو. صوبائي وزير توانائي امتياز احمد شيخ ڪابينا کي آگاهه ڪيو ته پنج شوگر ملز جو پاڻي ايل بي او ڊي ۾ ڇوڙ ڪيو وڃي ٿو مون شگرملز سان ڳالهايو آهي ته اڳئين ڪريشنگ سيزن کان پهريون پنهنجا ٽريٽمينٽ پلانٽ لڳائيندا ايل بي او ڊي جو 35 ڪيوسڪ پاڻي ٿر پهڇايو پيو وڃي 16 ميٽرڪ ٽن ڪوئلو هر سال ڪڍيو ويندو جنهن مان بجلي پيدا ٿيندي نيسپاڪ کي ٿرڊ پارٽي ويليڊيشن جي لاءِ اسٽيڊي ڏيڻ جي منظوري به ڏني وئي آهي..04

8Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں