اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي العزيزيه ريفرنس ۾ سزا معطلي ۽ ضمانت واري درخواست رد، اسپتال کان جيل منتقل

2Shares

اسلام آباد (بيورو) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف پاران العزيزيه اسٽيل ملز ريفرنس ۾ مليل سزا جي فيصلي جي خلاف داخل طبي بنياد تي ضمانت جي درخواست کي خارج ڪري ڇڏيو آهي سومر تي جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن ڪياني تي ٻڌل اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ڊويزن جي بئنچ طبي بنياد تي ضمانت جي درخواست تي سوا 12 وڳي ٻڌايو ويندڙ فيصلو 12 لڳي 43 منٽن تي ٻڌايو فيصلو ٻڌائڻ جي موقعي تي شاهد خاقان عباسي، خواجه آصف، مريم اورنگزيب ۽ طلال چوڌري سميت ليگي ڪارڪنن جو وڏو انگ به عدالت ۾ موجود هو اسلام آباد هاءِڪورٽ مختصر فيصلو ٻڌائيندي اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف پاران العزيزيه اسٽيل ملز ريفرنس ۾ مليل سزا جي فيصلي جي خلاف داخل طبي بنياد تي ضمانت جي درخواست کي رد ڪري ڇڏيو جنهن کان پوءِ نوازشريف سزا معطلي جو 9 صفحن تي ٻڌل لکت فيصلو جاري ڪيو ويو جنهن ۾ چيو ويو ته هي ڪيس غير معمولي حالتن جو نٿو بڻجي اسلام آباد هاءِڪورٽ چيو ته نوازشريف جي معاملي ۾ مخصوص حالتون ثابت ناهن ٿيون نوازشريف چيو ته سپريم ڪورٽ جي تازن فيصلن جي نتيجن ۾ ضمانت نٿي ڏيئي سگهجي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو ته نوازشريف کي علاج جون سهولتون مهيا آهن فيصلي ۾ چيو ويو ته نوازشريف طبي بنيادن تي ضمانت جي مستحق نه آهي جمع ڪرايل ميڊيڪل رپورٽ ۾ نوازشريف جي حياتي کي خطرو نه هو. ٻئي طرف مسلم ليگ (ن) طبي بنياد تي نوازشريف جي ضمانت جي درخواست رد ٿيڻ جي عدالتي فيصلي جي خلاف اپيل داخل ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته فيصلي تي مايوسي ٿي آهي پنج طبي بورڊز نوازشريف جي بيماري جي تشخيص ڪئي ۽ فوري علاج جي سفارش ڪئي هميشه عدالتن جي فيصلن جو احترام ڪيو آهي ۽ هن فيصلي جو به ڪريون ٿا وڌيڪ قانوني رستا اختيار ڪيا ويندا سومر تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته اميد هئي ته هاءِ ڪورٽ علاج لاءِ ضمانت جي درخواست قبول ڪندي اڳوڻي وزيراعظم چيو ته نوازشريف کي جيڪو علاج گهرجي اهو جيل ۾ نٿو ٿي سگهي ان لاءِ ٻاهر هجڻ ضروري آهي ۽ انهيءَ ڪري درخواست ڪئي ويئي آهي علاج پاڪستان ۽ ٻاهر به ٿي سگهي ٿو پر جيل ۾ نٿو ٿي سگهي ان موقعي تي خواجه آصف چيو ته سمورا قانوني رستا اختيار ڪيا ويندا ڇو ته هي اسان جو حق آهي اسان اپيل ۾ به وينداسين. اميد آهي ته انصاف ملندو. ٻئي طرف مسلم ليگ (ن) طبي بنياد تي نوازشريف جي ضمانت جي درخواست رد ٿيڻ جي عدالتي فيصلي جي خلاف اپيل داخل ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته فيصلي تي مايوسي ٿي آهي پنج طبي بورڊز نوازشريف جي بيماري جي تشخيص ڪئي ۽ فوري علاج جي سفارش ڪئي هميشه عدالتن جي فيصلن جو احترام ڪيو آهي ۽ هن فيصلي جو به ڪريون ٿا وڌيڪ قانوني رستا اختيار ڪيا ويندا سومر تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته اميد هئي ته هاءِ ڪورٽ علاج لاءِ ضمانت جي درخواست قبول ڪندي اڳوڻي وزيراعظم چيو ته نوازشريف کي جيڪو علاج گهرجي اهو جيل ۾ نٿو ٿي سگهي ان لاءِ ٻاهر هجڻ ضروري آهي ۽ انهيءَ ڪري درخواست ڪئي ويئي آهي علاج پاڪستان ۽ ٻاهر به ٿي سگهي ٿو پر جيل ۾ نٿو ٿي سگهي ان موقعي تي خواجه آصف چيو ته سمورا قانوني رستا اختيار ڪيا ويندا ڇو ته هي اسان جو حق آهي اسان اپيل ۾ به وينداسين. اميد آهي ته انصاف ملندو. ٻئي طرف اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي جناح اسپتال کان ڪوٽ لکپت جيل منتقل ڪيو ويو. نواز شريف کي طبعيت ۾ خرابي سبب 15 فيبروري تي ڪوٽ لکپت جيل کان جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو هو، جتي هو 9 ڏينهن علاج هيٺ رهڻ کانپوءِ واپس جيل پهچي ويو. نواز شريف ضمانت نه ٿيڻ تي واپس جيل وڃڻ جو فيصلو ڪيو. اسپتال کان سندس جيل منتقلي وقت ن ليگ ڪارڪنن جو وڏو انگ موجود هو. ان کان اڳ نواز شريف سان شهباز شريف ۽ مريم نواز ملاقات پڻ ڪئي، جيڪا ٽن ڪلاڪن تائين جاري رهي.03

2Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں