قومي اسيمبلي ۾ پ پ جو فهميده مرزامن جي الزامن خلاف احتجاج، اسپيڪر ڊائيس جو گهيراءُ

4Shares

اسلام آباد(بيورو) قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران وفاقي وزير فهميده مرزا پيپلز پارٽي تي الزامن جو مينهن وسائي ڇڏيو، پ پ ميمبرن جو احتجاج، اسپيڪر جي ڊائيس جو گهيراءُ، سخت نعريبازي. تفصيل موجب اسپيڪر اسد قيصر جي صدارتهيٺ قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾  پيپلز پارٽي جي ميمبر مير منور ٽالپر چيو ته سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر کي جيئن گرفتار ڪيو ويو، ان جي مذمت ڪريون ٿا، 7 ڪلاڪن تائين سندس گهرڀاتين کي يرغمال بڻايو ويو. نويد قمر چيو ته جيڪو ڪجهه اسپيڪر يا سندس گهرڀاتين سان ٿيو، ڪو به پارليامينٽيرين ان تي خوش نٿو ٿي سگهي، جيڪو ڪجهه قومي ادارن سان ٿي رهيو آهي، ان مان ائين نٿو لڳي، جيئن جمهوريت ڪا معنيٰ رکي ٿي. فهميده مرزا ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته منهنجي سامهون ڪنهن جي اصليت لڪيل ناهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ تي جيڪو حملو ٿيو، سڀ ڄاڻين ٿا، ان وقت فريال ٽالپر جي گهر مان هدايتون اچي رهيون هيون. فهميده مرزا جي تقرير تي پ پ ميمبرن سخت احتجاج ڪندي اسپيڪر ڊائيس جو گهيراءُ ڪري ورتو، جڏهن ته فهميده مرزا اسپيڪر جي هدايت باوجود ويهڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. هن چيو ته سنڌ حڪومت منهنجي گهر تي حملا ڪرايا، مون هنن جيان سنڌ بينڪ ۽ سمٽ بينڪ لٽي نه کاڌي، جعلي ڊگرين جا ڪيس به کڻي اينديس. خواجه آصف مطالبو ڪيو ته امتيازي سلوڪ نه ڪيو وڃي ۽ عبدالعليم خان جيان سعد رفيق جا به پروڊڪشن آرڊر جاري ڪيا وڃن، جنهن تي اسپيڪر چيو ته ٿورو حوصلو ڪريو، توهان کي مايوس نه ڪيو ويندو.  وفاقي وزير فيصل واوڊا چيو ته ڀاشا ڊيم منصوبي جي لاڳت ۾ 15 سيڪڙو اضافي جي اجازت هئي، جيڪو حڪومت نه ڪيو، اهڙي طرح اسان پاڪستاني قوم جا 18 ارب رپيا بچايا، اسان اپوزيشن جو ان ٻوليءَ ۾ جواب ڏئي سگهون ٿا پر اسان جي پرورش اهڙي ناهي.

4Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں