پاڪ فوج ڀارتي جارحيت جو جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهي: عسڪري قيادت

4Shares

راولپنڊي(م ڊ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ۽ هوائي فوج جي سربراهه مجاهد انور خان ان عزم جو اظهار ڪيو آهي ته پاڪستاني فوج ڀارتي جارحيت جو جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ايئر هيڊ ڪوارٽرز جو دورو ڪيو ۽ هوائي فوج جي سربراهه مجاهد انور خان سان ملاقات ڪئي. ٻنهي سربراهن پاڪ فوج ۽ هوائي فوج جي تيارين ۽ گڏيل تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب هٿياربند فوج جي ٻنهي سربراهن موجوده صورتحال ۽ آپريشنل تيارين تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ان عزم جو اظهار ڪيو ته پاڪستاني هٿياربند فوج ڀارتي جارحيت جو جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهي. ٻئي طرف آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه راولپنڊي هيڊڪوارٽرز جو پڻ دورو ڪيو، جتي ڪور ڪمانڊر راولپنڊي آرمي چيف کي بريفنگ ڏني. آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان موجب ڪور ڪمانڊر راولپنڊي لائن آف ايڪچوئل ڪانٽيڪٽ (ايل اي سي)، لائن آف ڪنٽرول ۽ ورڪنگ بائونڊري تي پاڪ فوج جي آپريشنل صورتحال ۽ تيارين کان آرمي چيف کي آگاهه ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف پاڪ فوج جي تيارين تي اطمينان جو اظهار ڪيو.

4Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں