ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته خانگي اسڪولن کي فيسن ۾ ڪٽوتي تي فيصلي تي عمل ڪرڻو پوندو، ٻي صورت ۾ سخت ڪارروائي ٿيندي. عدالت ۾ اهي ريمارڪس ڪراچي ۾ خانگي اسڪولن جي فيسن ۾ اضافي بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران سامهون آيا. ٻڌڻي دوران هڪ خانگي اسڪول طرفان واڌو فيس جو چالان موڪلڻ تي به ڇنڊ پٽي وئي. خانگي اسڪولن جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته فيسن ۾ 20 سيڪڙو ڪٽوتي مالڪن لاءِ برداشت جوڳي ناهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ريمارڪس ڏنا ته اسڪول فيس ڪٽوتي جي حڪم تي عمل ڪن. عدالت طرفان چيو ويو ته صفائي جو موقعو ملڻ کانپوءِ سخت ڪارروائي ٿيندي. سنڌ حڪومت حڪمن تي عمل نه ڪندڙ اسڪولن خلاف ڪارروائي جي اڳڀرائي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي. حڪومتي وڪيل ٻڌايو ته اسڪول مالڪن ۽ والدين جو ڪيترن ئي معاملن تي اتفاق نه ٿي سگهيو، والدين کي شروعاتي 5 هزار رپين تي ڪٽوتي کان ڇوٽ تي اعتراض آهي. خانگي اسڪولن جي وڪيل چيو ته ڌرين جو 22 نڪتن تي اتفاق ٿي چڪو آهي، اسڪول مالڪ 10 سيڪڙو گهٽتائي لاءِ تيار آهن، 20 سيڪڙو لاٿ برداشت جوڳي ناهي. عدالت ٻن اسڪولن کان جماعتن جي درجي بندي جي حساب سان فيس اسٽرڪچر طلب ڪيو. عدالت نومبر کان جنوري تائين جاري ريوائزڊ فيس چالان پيش ڪرڻ جو به حڪم ڏنو. والدين عدالت کي ٻڌايو ته هڪ اسڪول فيس گهٽائڻ بدران اضافي چالان موڪليو آهي. جسٽس محمد علي مظهر چيو ته عدالتي حڪمن موجب توهان جي فيس 12665 رپيا هجڻ گهرجي پر توهان چالان 15000 رپين جو جاري ڪيو آهي. اسڪولن جي وڪيل چيو ته نظرثاني ٿيل چالان جاري ڪيو ويو آهي، عدالت چيو ته ان غلطي تي توهان کي شوڪاز جاري ٿيڻ گهرجي. ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 18 مارچ تائين ملتوي ڪئي وئي.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟