پنهنجي ڌرتي جي دفاع کانسواءِ ڪابه شيءَ مقدس ناهي، ڀارت پلواما حملي جا ثبوت ڏئي ته ڪارروائي ڪنداسين :وزيراعظم آرمي چيف

11Shares

 اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پلواما حملي بابت پنهنجي ڏنل بيان تي قائم آهيان، جيڪڏهن ڀارت ثبوت فراهم ڪندو ته پاڪستان تڪڙي ڪارروائي ڪندو. ڀارتي وزيراعظم جي بيان تي ردعمل ڏيندي عمران خان چيو ته نريندر مودي کي امن قائم ڪرڻ جو موقعو ڏيڻ چاهيون ٿا، افسوس آهي ته ڀارت ۾ چونڊن سبب امن تي ڳالهه نه ٿي رهي آهي، مودي سان 201  ۾ ملاقات ۾ اتفاق ٿيو هو ته خطي مان غربت جو خاتمو ترجيح آهي. هن چيو ته اسان ڪنهن به دهشتگرد واقعي سان امن ڪوششن کي ناڪام بڻائڻ جي اجازت نه ڏينداسين، تنهن ڪري نريندر مودي کي امن قائم ڪرڻ جو موقعو ڏيڻ چاهيون ٿا. عمران خان چيو ته جيڪڏهن ڀارت وٽ پلواما حملي بابت شاهديون آهن ته پيش ڪري، اسان ڪارروائي ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته ڀارت امن جي ڪوشش کي تباهه ڪري رهيو آهي افسوس جو ڀارتي اليڪشن تائين امن جون خواهشون خواب رهجي ويون. ٻئي طرف پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڀارت پاڪستان کي دٻاءَ ۾ آڻڻ جو خيال ذهن مان ڪڍي ڇڏي، ڀارتي قدمن سان زميني حقيقتون تبديل نه ٿينديون. پرڏيهي آفيس ۾ اهم اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته ڀارت ۾ جنونيت عروج تي آهي، ڪشميري قيادت کي والاريل ڪشمير کان ٻاهر ڌڪيو پيو وڃي، ڀارتي قدمن سان زميني حقيقتون تبديل نه ٿينديون. هن چيو ته سموري والاريل ڪشمير ۾ خوف جي فضا آهي، محبوبه مفتي به چئي رهي آهي ته ماڻهن کي قيد ڪري سگهجي ٿو پر نظرين کي قيد ڪرڻ ممڪن ناهي. سندس چوڻ هو ته والاريل ڪشمير جي نئين نسل ۾ هڪ نئين حريت جي ڪيفيت جاڳي چڪي آهي، جيڪا ڌٻجڻ واري ناهي، بي جي پي سياسي مقصد لاءِ جنون پکيڙي رهي آهي،  ڀارتي حڪومت تدبر کان ڪم وٺي ۽ امن کي داءُ تي نه لڳائي. شاهه محمود قريشي چيو ته پلواما واقعي کانپوءِ ڪيتريون ئي گرفتاريون ٿيون، ڪشمير تي حملا ڪيا ويا، ڀارتي حڪومت تماشائي بڻيل رهي، پونا ۾ هڪ وڪيل ۽ هڪ صحافي تي تشدد ڪيو ويو، دهلي ۾ بي قصور ڪشميري نوجوان تي تشدد ڪيو ويو، جي پور ۾ پاڪستاني قيدي جي قتل تي ڀارتي پوليس خاموش رهي. هن چيو ته ڀارتي سپريم ڪورٽ کي ڪشميرين جي جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ بيان ڏيڻو پئجي ويو، ڀارتي رويي خلاف قوم متحد آهي،  پاڪستان امن جو خواهشمند آهي، ڀارت ميري اک کڻي ڏسڻ جي جرئت نه ڪري.  سندس چوڻ هو ته اڳوڻي پرڏيهي سيڪريٽري ۽ سفارتڪارن سان مشورا ڪيا پيا وڃن تجربن مان فائدو حاصل ڪري مضبوط ۽ جٽادار حڪمت عملي تيار ڪنداسين. شاهه محمود قريشي چيو ته اڳوڻن پرڏيهي سيڪريٽرين سان پرڏيهي معاملن تي مشاورت فائديمند رهي.رمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا  چيو آهي ته پنهنجي ڌرتي جي بچاءُ کانسواءِ ڪابه شئي مقدس ناهي. پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سيالڪوٽ ويجهو ورڪنگ بائونڊري جو دورو ڪيو. آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته آرمي چيف جوانن جي اونچي حوصلي ۽ تياري کي ساراهيو. ورڪنگ بائونڊري تي پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن کي خطاب ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو هو ته پنهنجي ڌرتي جي دفاع کان وڌيڪ ڪابه شئي ناهي. هن چيو ته پاڪ فوج جي قيادت ڪرڻ تي فخر آهي ۽ پاڪ فوج مادر وطن جي دفاع لاءِ هر دم تيار آهي.03

11Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں