العزيزيه ريفرنس: اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي قسمت جو فيصلو اڄ ٿيندو

1Shares

 اسلام آباد (بيورو) العزيزيه ريفرنس ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي طبي بنيادن تي سزا معطل ڪرڻ جو فيصلو اڄ ٻڌايو ويندو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بئنچ العزيزيه ريفرنس ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي طبي بنيادن تي سزا معطل ڪرڻ جو فيصلو اڄ ٻڌائيندي. فيصلو 12 وڳي ٻڌايو ويندو، جڏهن ته ان موقعي تي پوليس طرفان سڪيورٽي انتظام سخت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.  ذريعن موجب مسلم ليگ ن ڪارڪنن جي آمد کي نظر ۾ رکندي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ باهران اضافي سڪيورٽي مقرر ڪئي وئي ۽ پوليس جي اضافي نفري سان گڏ اسپيشل برانچ جي اهلڪارن کي به مقرر ڪيو ويندو.03

1Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں