پاڪستان ڪنهن به جارحيت جو جواب انهيءَ شدت سان ڏيندو: آرمي چيف

2Shares

راولپنڊي(م ڊ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه لائن آف ڪنٽرول جو دورو ڪري پاڪ فوج جي تيارين جو جائزو ورتو. پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ايل او سي تي پرچري ڪوٽ ۽ باگسر سيڪٽر جو دورو ڪيو. آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته آرمي چيف کي مقامي فارميشن ڪمانڊرز طرفان بريفنگ ڏني وئي. ان موقعي تي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جو پاڪ فوج جي جوانن ۽ آفيسرن سان خطاب ۾ چوڻ هو ته پاڪستان ۾ سان محبت ڪندڙ ملڪ آهي پر ڪنهن خوف يا دٻاءَ ۾ نه ايندو.  هن چيو ته ڪنهن به مهم جوئي جو جواب ساڳي طريقي سان ڀرپور جواب ڏنو ويندو. آرمي چيف لائن آف ڪنٽرول تي موجود جوانن جي جذبي ۽ بلند حوصلي کي ساراهيو.

2Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں