ڪراچي (چيف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي اسپيڪر آغا سراج دراني جي گرفتاري ۽ سندس گهر ڀاتين سان بدسلوڪي خلاف ٺهراءُ اڪثريت راءِ سان پاس ڪري ورتو. مخالف ڌر ڀارت پاران پاڪستان کي ڌمڪين ۽ ڪشميرين تي ڀارتي فوج جي ظلمن خلاف ٺهراءُ پهريان پيش ڪرڻ جي اجازت نه ملڻ تي ايوان ۾ سخت احتجاج ڪندي واڪ آئوٽ ڪيو. ايم ڪيو ايم واڪ آئوٽ ۾ حصو نه ورتو ۽ حڪومتي ٺهراءَ جي حمايت ڪئي. ڪشميرين سان ڀارتي ظلمن خلاف ٺهراءُ به پاس ڪيو ويو. اسپيڪر آغا سراج دراني وڏي وزير کي سندس گهر ۾ گهڙندڙ اهلڪارن بابت جاچ ڪري رپورٽ ڏيڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته کيس انصاف گهرجي. سنڌ اسيمبليءَ جو اجلاس لڳ ڀڳ ڏيڍ ڪلاڪ دير سان ڊپٽي اسپيڪر ريحانا لغاري جي صدارت هيٺ شروع ٿيو. جڏهن ته بعد ۾ آغا سراج دراني پهچي صدارت ڪئي. ڪلام پاڪ جي تلاوت نعت رسول مقبول صه ۽ فوت ٿي ويلن لاءِ فاتحه بعد ايڪسائيز ۽ ٽيڪسيشن بابت سوالن جو ابن جو سلسلو شروع ٿيو، جنهن بعد حڪومتي ڌر طرفان ايم پي اي گهنور خان اسراڻ، اسپيڪر سنڌ اسيمبلي آغا سراج درانيءَ جي گرفتاريءَ ۽ سندس گهر ڀاتين سان بدسلوڪيءَ خلاف ٺهراءُ پيش ڪيو. ان کان اڳ آغا سراج دراني اهو چئي ايوان جي صدارت وقتي طور ٻيهر ڊپٽي اسپيڪر حوالي ڪئي ته ڇاڪاڻ ته سندس معاملي تي ٺهراءُ پيش ٿي رهيوآهي، ان ڪري هن جو صدارت ڪرڻ مناسب ناهي، اجلاس دوران اسپيڪر سنڌ اسيمبلي آغا سراج دراني ايوان کي مخاطب ٿيندي چيو ته ايوان جي ڪسٽوڊين جي ڪرسي سان جيڪو ڪيو ويو مان اوهان کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو. هن چيو ته جنهن طريقي سان منهنجي ڌي. زال . ننهن ۽ ٻارن سان رويو رکيو ويو. گهر ۾ ٽوڙ ڦوڙ ڪئي وئي. ڪو به غيرتمند ماڻھو اهو برداشت نه ڪندو. مشرف جي دور ۾ به ايئن نه ٿيو مونتي الزام آھي. ٺيڪ آ . جنهن به طريقي سان مونکي گرفتار ڪيو ويو سرينا هوٽل تي بنا ڪنهن وارنٽ جي مونکي گرفتار ڪيو ويو اسان شريف ماڻھون آھيون منهنجي فيملي رت سان پاڪستان ٺاهڻ وار ٺھرا پاس ڪيو. بندوقن جي زور تي منهنجي فيملي کان خالي ڪاغذ تي صحيحون ورتيون ويون. اوهان دنيا جي پارليامينٽيرين کي ڇا ڏيکاريو آھي. اوهان جيڪي ڊاڪيومينٽ گهريا مون سڀ جمع ڪرايا. هڪ ڏينهن لا۽ ايترو پري اسلام آباد آيا. مان ڪو ڏوهاري هئس. منهنجي گرفتاري بعد منهنجي گهر ۾ داخل ٿيڻ اها روايت صحيح ناهي. مان ڀڄڻ وارو ناهيان. ڪجهھ هتي ويٺل اهڙا دوست به آھن جن منهنجي خلاف ڳالهايو مونکي ڏاڍو ڏک ٿيو. پنهنجي گريبان ۾ ڏسو ٻارن وارا آھيو پنهنجن ٻارن کي به ڏسو. هي آھي نئون پاڪستان ته اوهان ماڻھن جي گهرن ۾ داخل ٿيو. مان اگر گهر ۾ هجان ها ته خبر پوي ها ته اوهان ڪنهن جي گهر آيئو. ايتري همت اٿن ته منهنجي هوندي اچن. مونکي گرفتار ڪري منهنجن ٻارن تي هٿيار تاڻيا ويا. مان اسيمبلي جو اسپيڪر آھيان. چيف منسٽر صاحب کي گذارش ڪندس ته اهو انڪوائري ڪري تہ اهي آفيسر ڪهڙا هئا. جن منهنجن ٻارن کي گارگند ڪئي.جيڪڏھن ايئن ٿيو ته پوءِ گهڻو ڪجھ ٿيندو اسان کي ڇا ٿيندو ڦاسي ايندي. ٻيو ڇا ٿيندو. اسان بمن کان نه ٿا ڊڄون اهي گن ڇا ڪندا. ڇا مان دهشتگرد آھيان ڇا مون ڪا دهشتگردي ڪئي آھي. ڇا منهنجي سر جي قيمت 10 لک لڳائي وئي هئي. هن وقت مونکي ايترا قونصل جنرلز جا ميسيج پيا آھن آءُ اوهان کي ڇا ٻڌايان، هن چيو ته منهنجن ٻارن سان جيڪو ٿيو آ مون کي ان جو حساب کپي. گهنور خان اسراڻ پاران ٺهراءُ پيش ڪرڻ دوران پي ٽي آءِ ۽ جي ڊي اي جي ميمبرن اهو چئي گوڙ شروع ڪري ڏنو ته پهريان ڪشميرين تي ڀارتي ظلمن خلاف سندن ٺهراءُ پيش ڪرڻ ڏنو وڃي. ايوان جي اڳواڻ ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ان دوران ڳالهائيندي چيو ته ڇاڪاڻ ته اسپيڪر پاڻ ڪرسي تي موجود ناهي. آغا سراج جي خاندان جون پاڪستان لاءِ وڏيون قربانيون آهن. سندس وڏڙن پنهنجي رت سان پاڪستان جي ٺهراءُ تي صحيحيون ڪيون هيون، ان ڪري پهريان آغا سراج دراني جي گرفتاري ۽ سندس گهر ڀاتين سان بدسلوڪي خلاف ٺهراءُ پيش ڪرڻ ڏنو وڃي. جنهن کانپوءِ آغا سراج دراني واپس اچي ايوان جي صدارت سنڀالي ته ڪشميرين بابت ٺهراءُ پيش ڪرڻ ڏنو وڃي پر اپوزيشن ميمبر نه مڙيا ۽ مسلسل گوڙ ڪري ايوان مٿي تي کنيو، گوڙ دوران ايوان مڇي مارڪيٽ جو ڏيک ڏيڻ لڳو، اپوزيشن ليڊر فردوس شميم جو چوڻ هو ته ڪشميرين مٿان ٿيندڙ ظلم ۽ ڀارتي اڳرائيون برداشت جوڳيون ناهن. پهريان ان معاملي تي ٺهراءُ پيش ڪرڻ ڏنو وڃي. ڊپٽي اسپيڪر ريحانا لغاري اپوزيشن کي مخاطب ٿي چيو ته ڪشمير سان اسان جو اڻ ٽٽ رشتو آهي. جنهن لاءِ اسان جي قيادت ۽ پارٽي جو موقف ڪنهن کان ڳجهو ناهي، پر سنڌ اسيمبلي جو ايوان به نهايت مقدس آهي اهو ايوان رهندو ته اسين ڪشمير لاءِ وڙهي سگهندا. ان ڪري پهريان آغا سراج دراني جي حوالي سان ٺهراءُ تي بحث ڪيو وڃي پر اپوزيشن ميمبرن ڊپٽي اسپيڪر جي هڪ نه ٻڌي ۽ اسپيڪر جي ڊائس آڏو احتجاج نوٽ ڪرائڻ ۽ زوردار نعريبازي ۽ گوڙ گهمسان بعد واڪ آئوٽ ويا. ٺهراءَ تي ڳالهائيندي گهنور خان اسراڻ چيو ته اسپيڪر جي گرفتاري ۽ سندس گهر ڀاين سان بدسلوڪي ڪريل حرڪت آهي جنهن جو مثال نه ٿو ملي. پ پ جي سعديه جاويد چيو ته آغا سراج هن ايوان جو ڪسٽوڊين هئڻ سان گڏ هڪ نهايت شريف ماڻهو آهي، سندس گهر ڀاتين سان بدسلوڪي ظاهر ڪري ٿي ته هفتي ڪنهن جي عزت محفوظ ناهي. ايم ڪيوايم جي ڪنور نويد چيو ته جڏهن ايم ڪيو ايم خلاف ڪارروائيون پئي ٿيون ته اسان جي دانهن ڪوڪن باوجود پ پ جي سنڌ سرڪار ڪو نوٽيس نه ورتو، تنهن هوندي به اسين سمجهون ٿا ته اسپيڪر سان زيادت ڪئي وئي آهي. پر هن چيو ته کين ٺهراءُ جي متن تي اعترراض آهن. ايم ڪيو ايم جي خواجا اظهار چيو ته غلطي سياسي ڌرين جي به آهي جو اهڙو نظام نه جوڙي سگهيون آهن جن سان سندن احترام بحالي رهي هر سياسي پارٽي ٻئي پارٽي مٿان الزام هڻي ٿي. هن ايم ڪيو ايم خلاف آپريشن ۾ گرفتارين، گمشدگين ۽ عدالت کان مٿڀري نموني ڪارڪنن جي قتل جو ذڪر ڪندي پ پ پ کي ڏوراپا ڏنا ۽ چيو ته جڏهن سندن خلاف آپريشن ٿئي ٿو ته پ پ ساڻن ڪو به سهڪار نه ٿي ڪري تنهن هوندي به هو سمجهن ٿا ته آغا سراج دراني هڪ شريف ۽ خانداني ماڻهو هئڻ سان گڏ ايوان جو معتبر اسپيڪر آهي ۽ هن ايوان کي بهتر نموني هلايو آهي. ساڻس زيادتي ٿي آهي ۽ کيس اميد آهي ته کيس عدالتن مان انصاف ضرور ملندو. ان دوران پي ٽي آءِ ۽ جي ڊي اي جي ميمبر واڪ آئوٽ ختم ڪري واپس ايوان ۾ پهتا ته اپوزيشن ليڊر فردوس شميم هڪ ڀيرو ٻيهر ڳالهائيندي چيو ته ڪشميرين سان ظلم ٿي رهيوآهي اسان کي متحد ٿي پيغام ڏيڻ گهربو هو ته پهريان اهو ٺهراءُ آڻڻ گهربو هو پ پ ايم پي اي ذوالفقار شاھ ڳالهائيندي چيو ته آغا سراج خلاف ڪارروائي آمريتي دور جي ياد تازي ڪري ڇڏي. وڏي وزير مراد علي شاھ چيو ته سازشن باوجود آغا سراج دراني ايوان ۾ آيو ۽ اجلاس جي صدارت ڪئي، جيڪا اسان جي فتح آهي. بعد ۾ ايوان اڪثريت راءِ سان ٺهراءُ جي منظوري ڏني ، ٺهراءُ ۾ آغا سراج دراني جي گرفتاري ۽ سندس گهر تي چڙهائي ڪري عورتن سان بدسلوڪي کي ننديندي گهر ڪئي ويئي آهي ته چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪرڻ وارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. . ايوان بعد ۾ ڀارت پاران پاڪسان کي ڏنل ڌمڪين ۽ ڪشميرين مٿان جاري ظلمن خلاف ٺهراءُ يڪراءِ پاس ڪيو.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟