وزيراعظم ڀارتي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ لاءِ پاڪ فوج کي مڪمل اختيار ڏئي ڇڏيا

1Shares

 اسلام آباد(بيورو) وزيراعظم عمران خان ڀارتي جارحيت جو ڀرپور ۽ فيصلائتو جواب ڏيڻ لاءِ هٿياربند فوجن کي اختيار ڏئي ڇڏيا. وزيراعظم جي صدارت هيٺ قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ پلواما حملي کانپوءِ پيدا ٿيل جيو اسٽريٽيجڪ ۽ قومي سلامتي معاملن تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ گڏيل طور راضپو ظاهر ڪيو ويو ته پاڪستان پلواما حملي ۾ ڪنهن به سطح تي ۽ ڪنهن به طريقي سان ملوث ناهي. اجلاس ۾ چيو ويو ته پلواما حملي جي رٿابندي مقامي طور تي ڪئي وئي پر پاڪستان حملي جي جاچ ۾ مدد جي سنجيده آڇ ڪري چڪو آهي. قومي سلامتي ڪميٽي جي پڌرائيءَ موجب اجلاس ۾ دهشتگردي ۽ تڪرار جي حل لاءِ ڀارت کي هڪ ڀيرو ٻيهر ڳالهين جي دعوت ڏني. ان حوالي سان ٻڌايو ويو ته اميد آهي ته ڀارت ڳالهين جي آڇ جو هاڪاري جواب ڏيندو ۽ حملي ۾ پاڪستان جي سرزمين استعمال ٿيڻ جو ثبوت ڏنو ويو ته ڪارروائي ڪنداسين. قومي سلامتي ڪميٽي اجلاس ۾ چيو ويو ته ڀارت سمجهي ته والاريل ڪشمير جي عوام مان موت جو خوف ڇو ختم ٿيو، ڪشميرين ۾ ڀارتي ظلم جو ردعمل اچي رهيو آهي. ڪميٽي عالمي برادري کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي روشني ۾ ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. قومي سلامتي جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو اسان سمجهون ٿا ته دهشتگردي ۽ انتهاپسندي خطي جي وڏا مسئلا آهن ۽ پاڪستان سميت سڄو خطو ان جي وڪڙ ۾ آهي، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ قومي ناڻي جي نقصان کانسواءِ 70 هزار جانين جو نذرانو پيش ڪرڻو پيو ۽ ان ئي سبب 2014 ۾ نيشنل ايڪشن پلان جوڙيو ويو. سندس چوڻ هو ته نيشنل ايڪشن پلان جوڙڻ ۾ سمورن سياسي ۽ ٻين اهم ادارن جو راضپو هو، معاشري ۾ موجود انتهاپسندي خلاف ڪارروائي ڪرڻ جي ضرورت آهي، رياست ڪڏهن به ملڪ دشمن عنصرن هٿان يرغمال نه ٿيندي. وزيراعظم گهرو وزارت ۽ سيڪيورٽي ادارن کي هدايت ڪئي ته انتهاپسندي خلاف ڪارروائي ۾ تيزي آندي وڃي.

1Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں