آغا سراج دراني سخت سيڪيورٽي هيٺ احتساب عدالت ۾ پيش، پهرئين مارچ تائين رمانڊ تي نيب حوالي

1Shares

ڪراچي (چيف رپورٽر) احتساب عدالت آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جي الزام ۾ گرفتار سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني کي پهرين مارچ تائين جسماني رمانڊ تي نيب حوالي ڪري ڇڏيو آهي. نيب آغا سراج دراني کي احتساب عدالت نمبر 3 جي جج آڏو پيش ڪيو ۽ 14 ڏينهن رمانڊ ڏيڻ جي اپيل ڪئي. عدالت نيب جي اپيل رد ڪندي آغا سراج دراني کي پهرين مارچ تائين جسماني رمانڊ تي نيب حوالي ڪيو. ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر آصف رضا ميمڻ به عدالتي ڪمري ۾ موجود هو. آغا سراج دراني کي رينجرز ۽ پوليس جي سخت سيڪيورٽي ۾ بڪتربند گاڏي ۾ آندو ويو. عدالتي ڪمري ۾ پ پ پ جا سينيئر اڳواڻ قائم علي شاهه، شهلا رضا، سعيد غني ۽ ٻيا موجود هئا. عدالت ٻاهريان پڻ سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا هئا، جڏهن ته پ پ پ ڪارڪنن جو وڏو انگ عدالت ٻاهريان موجود هو. نيب  پراسڪيويٽر  احتساب عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته آغا سراج درانيءَ مٿان آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جا الزام آهن.  ۽ سندس معاملو انڪوائريءَ  جي اسٽيج تي آهي ان ڪري 14 ڏينهن لاءِ کيس نيب جي تحويل ۾ ڏنو وڃي. جڏهن ته آغا سراج دراني جي وڪيل جو موقف آهي  ته سندس اصيل خلاف ذاتي دشمني نڀائي پئي وڃي. سندس  گهر ڀاتين سان به بدتميزي  ڪئي وئي آهي. ان ڪري نيب کي رمانڊ نه ڏنو وڃي. عدصالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد آغا سراج درانيءَ  کي پهرئين مارچ تائين نيب جي تحويل ۾  ڏئي ڇڏيو.  ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي آغا سراج دراني چيو ته بينظير جو سپاهي آهي، ڊڄڻ وارن مان ناهي. آغا سراج چيو ته نيب کيس نه ڪو نوٽيس ڏنو هو نه وري الزامن بابت آگاھ ڪيو هو. هو نه ٿو ڄاڻي ته مٿس الزام ڪهڙا آهن. اسپيڪر سنڌ اسيمبلي چيو ته جاچ ۾ سهڪار نه ڪرڻ جي دعويٰ غلط آهي. 04

1Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں