نيب دهشتگردي واري انداز ۾ ڪارروائيون پئي ڪري، وڏو وزير هئڻ باوجود اسپيڪر کي بچائي نه سگهيس: مراد شاھ

1Shares

ڪراچي (چيف رپورٽر) وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاھ چيو آهي ته نيب پنهنجيون ڪارروائيون دهشتگردي جي انداز ۾ ڪري رهيو آهي مون کي افسوس آهي ته آءُ هن صوبي جو وزير اعليٰ هجڻ باوجود هاڻوڪي اسپيڪر سنڌ اسمبلي جي گھر کي دهشتگردي کان بچائي نه سگھيس. نيب زبردستي انهن جي گھر ۾ داخل ٿي انهن جي عورتن سان بدتميزي ڪئي ۽ انهن جي منهن تي سگريٽ جو دوهون اڏائيندا رهيا ۽ انهن کي لان ۾ بيهاري ويو. آءُ چيئرمين نيب کي درخواست ڪريان ٿو ته هو بدتميزي جي واقعي ۾ ملوث نيب اهلڪارن کي سزا ڏئي. هو سنڌ اسمبلي ۾ هڪ پر هجوم پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي صوبائي وزير سعيد غني، اطلاعات ۽ قانون بابت صلاحڪار بئريسٽر مرتضيٰ وهاب ۽ ٻيا ساڻس گڏ ڪانفرنس ۾ موجود هئا. ان موقعي تي وزير اعليٰ سنڌ وڌيڪ ٻڌايو ته آغا سراج دراني جيڪو ٻيو ڀيرو سنڌ اسمبلي جو اسپيڪر بڻيو ۽ سندس والد ۽ چاچو به اسپيڪر سنڌ اسمبلي رهيا کيس اسلام آباد جي هوٽل مان گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ نيب ستن ڏينهن جو راهداري رمانڊ گھريو هو پر عدالت فقط 3 ڏينهن جو رمانڊ ڏنو. وزير اعليٰ سنڌ چيو ته ان واقعي تي مون چيئرمين نيب سان ڳالھ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪامياب نه ٿي سگھيس. هن افسوس سان چيو ته نيب اهلڪارن جي اسپيڪر سنڌ اسمبلي جي گھروارن سان بداخلاقي افسوس جوڳو عمل آهي. منهنجي گذارش هيءَ آهي ته پهرين چيئرمين نيب پنهنجي گھر کي صحيح ڪري مراد علي شاھ ٻڌايو ته گذريل ڏينهن نيب جي ٽيم آغا سراج دراني جي گھر زبردستي داخل ٿي ان موقعي تي اسان جا وزير اتي پهتا ۽ نيب اهلڪارن کي چيو ته جيڪڏهن انهن عورتن جي ضرورت ناهي ته کين ٻاهر موڪليو وڃي دنيا ۾ دشمنن جا به ڪجھ حق هوندا آهن پر اسان جي هڪ نه ٻڌي وئي هن چيو ته اسان هڪ اهم فيصلو ڪيو آهي ۽ سڀاڻي سنڌ اسمبلي جو اجلاس گھرايو آهي ڇوته نيب جي ان عمل سان پوري سنڌ کي تڪليف رسي آهي. هن چيو ته اسان مسئلي تي اپوزيشن سان به رابطو ڪيو آهي اميد آهي ته اپوزيشن جون جماعتون اسان جو ساٿ ڏينديون. هن چيو ته آغا صاحب جي فيملي وٽ ڪيس داخل ڪرڻ جو حق موجود آهي ۽ هو طئي ڪندا ته کين ڇا ڪرڻو آهي. اسان نٿا چاهيون جو اهڙو قدم کڻون جيڪو ناگوار گذري. هن چيو ته اپوزيشن آغا صاحب کان استعفيٰ جي گھر ڪري رهي آهي پر انهن ان وقت اسپيڪر جي چونڊ وقت آغا سراج دراني جي مقابلي ۾ بيٺل اميدوار کي ووٽ ڏنو جيڪو ان وقت نيب جي حراست ۾ هو. انهن جو هي ٻٽو معيار سمجھ کان ٻاهر آهي. ڊپٽي اسپيڪر پروڊڪشن آرڊر جاري ڪري ڇڏيا آهن سڀاڻي آغا صاحب اسان سان گڏ هوندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان 1967 کان عوام سامهون پيش ٿيندا رهيا آهيون ۽ احتساب کان ناهيون ڊڄندا، صوبائي حڪومت کي اهڙي ريت نٿو ڊڄاري سگھجي. هيءَ انهن جي ڀل آهي اسان سنڌ ڪارڊ نه پر اسان پاڪستان ڪارڊ کيڏنداسين. هي ڪم جيڪڏهن پنجاب يا ڪي پي ڪي اسپيڪر سان ٿئي ها ته اسان ان جي به مذمت ڪريون ها. اسان عليم خان جي گرفتاري جي به مذمت ڪئي هئي ۽ ڪريون ٿا. فرق اهو آهي جو عليم خان کي گھرائي گرفتار ڪيو ويو. جڏهن ته آغا سراج دراني کي بنا گھرائي گرفتار ڪيو ويو. جيڪڏهن شاهديون موجود هيون ته گھر تي ڇاپي جي ڪهڙي ضرورت هئي. آغا سراج دراني تي سنڌ اسيمبلي ۾ نوڪريون ڏيڻ ۽ آمدني کان وڌيڪ ملڪيت جو الزام آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ايڊيشنل  آئي جي کي جڏهن چاهيان تبديل ڪري ڇڏيان جيڪڏهن آئي جي سنڌ حڪمن کي فالو نه ڪندو ته کيس کي به هٽائڻ جا اُپاءُ وٺنداسين. هن چيو ته سنڌ ۾ گورنر راڄ جو ڪو به امڪان ناهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته منهنجو ۽ اسيمبلي جو  خيال آهي ته اينٽي ڪرپشن صوبائي سبجيڪٽ آهي پر ڪورٽ اسان جي ڳالھ نه مڃي. اسان پهنجي حق جي ڳالھ ڪري رهيا هئاسين. هن چيو ته نيب جي قانون ۾ شق موجود آهي ته نيب ڪو به حڪم ڏئي اهو تسليم ڪيو ويندو رينجرز به ان جي پابند آهي نيب جي ڪجھ شقن ۾ اعتراض آهي. قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ ان قانون جو جائزو ورتو وڃي..04

1Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں